غلام مصطفيٰ سولنگي ڪلهوڙا دور جو هڪ تاريخي يادگار جنهن کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو قبرستان سڏيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هن قبرستان ۾ موجود هڪ هڪ قبر، سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جي تاريخ جو هڪ هڪ ورق آهي ۽ اهو هڪ هڪ ورق اُن دورجو داستان آهي. هڪ حقيقي داستان. هي تاريخي قبرستان، ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه کان چاليهاروکن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي اولهه پاسي ڪاڇي جي هڪ ڳوٺ، جنهن جو نالو پڻ ”ڳوٺ ميان نصير محمد ڪلهوڙو“ آهي ۾ موجود آهي. لڳ ڀڳ ٻن چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هي عظيم الشان قبرستان کير ٿرپهاڙن جي اوڀارين هنڌ تي موجود آهي. مڪلي جي قبرستان کانپوءِ ٺٽي ضلعي ۾ موجود سونڊا جو قبرستان ۽ روهڙي ڀرسان ”قادر بخش جا قُبا“ نالي قبرستان، سنڌ جا ٻه وڏا قبرستان آهن پر دعويٰ سا چئي سگهجي ٿو ته هي قبرستان مڪلي کانپوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو قبرستان آهي، ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هي قبرستان ”ڪاڇي جي مڪلي“ آهي. هي هيڏو سارو وشال قبرستان ڪاڇي جي ٺوٺ ڌرتيءَ تي پکڙيل آهي، تنهن ڪري اچرج وٺيو وڃي ته آخر هي خاموش شهرڪيئن آباد ٿيو هوندو. هڪ محتاط اندازي مطابق هن قبرستان ۾ پنج لک قبرون موجود آهن. ڪلهوڙن جي شروعاتي دور جا سپهه سالار، امير، وزير، ميان وال تحريڪ سان لاڳاپيل هزارين ڪارڪن، سرڪاري عهديدار ۽ عام ماڻهو هن خشڪ ڌرتي جي هنج ۾ آرامي آهن. شاهي خاندان ۾ سپهه سالارن جون قبرون وڏن ۽ ننڍن گنبذن اندر موجود آهن. اڪثر وڏا گنبذ ۽ انهن جون ديوارون ڊهي چڪيون آهن جڏهن ته ننڍا گنبذ ڪنهن حد تائين محفوظ آهن. انهن گنبذن جي بنيادن ۾ سم ۽ ڪلر ۽ سيڪ کان بچاءُ خاطر کير ٿر جي پهاڙن تان آندل پٿر ڪتب آندو ويو آهي ۽ باقي اڏاوت مقامي طور تي تيار ٿيل پڪين سرن سان ڪئي وئي آهي، ديوارن ۽ گنبذن تي چُوني جو زبردست ليپ ڏنو ويو آهي، پر اڪثر گنبذن ۽ ديوارن تان ان ليپ جون ڇاپون لهي ويون آهن، گنبذن ۾ اڌ فوٽي چئورسيون پڪيون سرون استعمال ٿيل آهن، انهن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ڪلهوڙن جي شروعاتي دور ۾ ماهر ڪاريگر موجود هئا. جن جي هٿن جو ڪمال ۽ مهارت جو ثبوت ههڙا شاندار مقبرا آهن. مقبرن جي اڏاوت جو ڪم جيتوڻيڪ مقامي رازن پاران ڪيو ويو آهي، پر ان جو انداز مغلن جي اڏاوتي فن تان ورتو ويو آهي، مقبرن جي ڪُنڊن تي ننڍن ڊگهن مُنارن جو ڪم مغليه طرز جو ڏس ڏئي ٿو.جيئن ته ڪلهوڙن جا مغلن سان گهرا تعلقا هئا ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ مغلن جو سنڌ تي گهڻو اثر رسوخ هيو، تنهن ڪري هتان جو اڏاوتي فن به مغلن جي فن کان گهڻو متاثر هيو، ڪلهوڙا دور جون لڳ ڀڳ سموريون اڏاوتون مغليه نموني جون ئي آهن. هن قبرستان ۾ ڪجهه گنبذ، سفيد رنگ جا پڻ موجود آهن انهن تي سفيد رنگ بعد ۾ ڪرايو ويو آهي پر اهي مقبرا ڪلهوڙا دور جي آخري ڏينهن سان لاڳاپيل ڪجهه شخصيتن جا آهن. قبرستان ۾ موجود پڪين سرن مان ٺهيل لکين قبرون عام ماڻهن جون آهن، برساتن جي ڪري کير ٿر جي پهاڙن تان وهي ايندڙ پاڻي جي نالن ۽ ٻوڏ، هنن قبرن کي سخت نقصان پهچائيندي پئي رهي آهي، مهينن کان مهينا بيٺل ٻوڏ جي پاڻي هن قبرستان ۾ موجود مقبرن جي اڏاوت ۽ ان جي حُسن کي ڏاڍو ڇيهو پئي رسايو آهي. هن قبرستان ۾ موجود خاص مقبرو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو آهي، ميان نصير محمد ڪلهوڙو، سنڌ جي تاريخ ۽ خاص ڪري ڪلهوڙا دور جي تاريخ جو هڪ مکيه ڪردار آهي. ڪلهوڙن جي دعويٰ آهي ته اهي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي حضرت عباس رضه جي اولاد مان آهن، سندن وڏو آدم شاهه ڪلهوڙو هيو، جنهن جو مقبرو سکر جي هڪ ٽڪري جو تاج بڻيل آهي، ميان آدم شاهه ڪلهوڙو هڪ مذهبي عالم ۽ انقلابي شخصيت هيو، پاڻ سنڌ کي مغلن کان آجو ڪرائڻ لاءِ ميان وال تحريڪ شروع ڪيائين. ميان وال تحريڪ کي زور وٺندو ڏسي مغلن کيس گرفتار ڪرائي ملتان ۾ مارائي ڇڏيو، پاڻ مرڻ وقت وصيعت ڪئي هئائين ته کيس سکر ۾ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو وڃي. ناليوارو انگيريز تاريخدان ”ٽِي پوسٽنز“ پنهنجي ڪتاب “Personal Observations on sindh” ۾ لکي ٿو ته: ”آدم شاهه جي مريدن جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو، موصوف جي وفات کانپوءِ سندس شهرت ۽ اثر رسوخ جي ڪري سندس پوين کي ڇهن پيڙهين تائين دائمي طاقت ملي وئي ۽ هُو هڪٻئي پٺيان پيري مريدي جي مسند تي وڏي زينت ۽ عزت جا مالڪ بڻيا رهيا“. آدم شاهه جي شهادت کانپوءِ هيءَ تحريڪ پس منظر ۾ هلي وئي، پر پوءِ به ميان شاهل محمد ڪلهوڙو ۽ ميان الياس محمد ڪلهوڙو، مغلن کان آجپي لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا. ميان الياس محمد جي وفات کانپوءِ ميان وال تحريڪ جون واڳون سندس پٽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي هٿن ۾ اچي ويون. پاڻ آزادي جي جدوجهد کي وڌيڪ وسيع ڪيائين. اڏ ڏس ۾ ناليوارو اديب ۽ محقق محمد عرس، اظهر سولنگي پنهنجي ڪتاب ”دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال“ ۾لکي ٿو ته: ”ميان نصير محمد جي دور ۾ سڄي سنڌ تي مغلن جي حڪمراني هئي، ان ڪري مغلن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ميان وال تحريڪ کي زور وٺايو،ميان نصير محمد پنهنجي ساٿين سان گڏجي هيءَ تحريڪ مسلسل جاري رکي ۽ آخر ڪار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ڪاميابي سان همڪنار ٿي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو مڪمل خودمختيار حڪمران ثابت ٿيو“. سنڌ جي تاريخ جي مشهور فارسي ڪتاب ”جواهر“ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ميان نصير محمد بن محمد الياس پنهنجي زماني جو مشهور عابد هيو، عام ماڻهو گهڻي انداز ۾ سندس مريد ٿيا، هن دور انديشي کان ڪم وٺندي ملتان ۽ لاهور طرف هجرت اختيار ڪئي. گهڻي وقت گذرڻ بعد واپس موٽيو ۽ چينهه قوم جي علائقن ۾ پهتو“. تحفته الڪرام جو بيان آهي ته: ميان نصير محمد، پيري، مرشديءَ ۾ پنهنجي وڏن کان به گهڻو وڌي ويو ۽ وٽس ايترا ته گهڻا مريد گڏ ٿي ويا، جو ان وقت جا سڀئي ماڻو مٿس حسد ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ سبيءَ جي حاڪم، مرزا خان دوکي سان ڪجهه ماڻهو موڪلي کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ پنهنجي چاچي محبت خان سان گڏ اورنگ زيب جي درٻار ۾ دهليءَ روانو ڪيو. ميان نصير محمد اُتي هڪ مدت تائين قيد ۾ رهيو“. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو چوڻ آهي ته ميان نصير محمد پنج سال شاهي قيد ڪاٽڻ کانپوءِ سن 1681ع ۾ سنڌ واپس پهتو، ڪلهوڙن جي سنڌ ۾ حڪومت جو اهو ئي آغاز وارو سال آهي. پروفيسر لاکو، ميان نصير محمد جو پهريون تخت گاهه بکر سرڪار جي آخري ٽڪر پرڳڻي ۾ ”ڳاڙهي“ شهر ٻڌائي ٿو. پروفيسر غلام محمدلاکي جي تحقيق مطابق ”ميان نصير محمد جي حڪومت جو دور 1092 هجري مطابق 1681ع کان سندس وفات واري سال 1103 هجري مطابق 1692ع تائين جملي يارهن سال هيو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ ميان دين محمد ڪلهورو سنڌ جو نئون حڪمران مقرر ٿيو، ميان صاحب کي سندس وفات کانپوءِ هن ئي قبرستان ۾ دفنايو ويو پاڻ جيئن ته فقيري طبيعت رکندڙ شخص هيوتنهن ڪري سندس مقبرو به سادي نموني ٺهرايو ويو. مقبري جو گنبذ به نهايت سادو آهي ۽ ان ۾ ناسي سائو ۽ ڳاڙهو رنگ ڪتب آندو ويو آهي هلڪي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪُنگرا به نهايت سادي نموني ٺاهيا ويا آهن. مقامي ماڻهن سندس مزار جي دروازي تي پاڪستاني سڪا پڻ باس خاطر لڳايا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته هي مقبرو سندس پٽ ميان دين محمد ڪلهوڙي ئي ٺهرايو هيو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبر ڇڄهري اندر هڪ مٿانهين پليٽ فارم تي ٺهيل آهي، قبر جي بنيادن ۾ مقامي پٿر ڪتب آندو ويو آهي، ان تي ٺهيل ڊزائنون ڏسي مڪلي، سونڊا ۽ چوڪنڊيءَ جي قبرستان ۾ موجود قبرن جون ڊزائنون ياد اچيو وڃن. پٿرن جا ننڍا ٺُلهه، جن تي سائو ۽ ناسي رنگ ڪيو ويو آهي، پڻ وڻندڙ لڳن ٿا، ٻيون ڊزائنون پڻ زبردست آهن. ميان نصير محمد ڪلهوڙو اهلِ دل حڪمران هيو، کيس موسيقي سان تمام گهڻو چاهه هيو. سندس پسنديده ساز سُرندو هيو. ڪيترائي سُرندي نواز پهاڙن کان اچي سندس روح، راضي ڪندا هئا. وفات کانپوءِ به سندس مزار تي سُرندي جي وُن….وُن ختم ناهي ٿي.