تاريخ جا ورق ورن ٿا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام حسين رنگريز
    [​IMG]
    تاريخ کي ام العلوم يعني علمن جي ماءُ سڏيو ويو آهي. اسان وٽ وڏي ويڌن تاريخ سان ڪئي وئي آهي ۽ خاص طرح نصابي ڪتابن ۾ تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اصل حقيقتون اکين کان اوجهل رهيون آهن ‎ٻي طرف تاريخ جي اڻوڻندڙ ڪردارن جي بدنما تصوير سهڻي ۽ وڻندڙ ڪري پيش ڪئي وئي آهي. هميشه مفتوح ۽ غلام قومن جي سورمن کي يا ته بدڪردار ڪري پيش ڪيو ويو آهي يا انهن جو اڻپورو احوال ڏيئي غاصب حڪمرانن کي وڻندڙ ۽ نيڪ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي ساڳي ڪريت تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ به اختيار ڪئي وئي آهي. ڏور ماضيءَ ۾ وڃڻ کان اڳ حيرت ته تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سال 1940ع واري قرارداد جو درسي ڪتابن ۾ آيل متن اصلي قراردادي متن سان ڀيٽجي ٿو. اصل متن کي معلوم ڪرڻ لاءِ محترم جمال ابڙي جي آتم ڪٿا پڙهي سگهجي ٿي. سنڌ جي قديم تختگاهن/شهرن جي بربادين کي اتي جي راجائن جي بدڪرداري ۽ ظلم سان تعبير ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي حڪمرانن کي خراب ثابت ڪري غاصبن جي غلبي کي جائز ۽ صحيح سمجهائڻ جي بدنيتيءَ تي ٻڌل ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اهو تاثر ڏٺو ويو آهي ته هر فاتح ۽ غاصب پوتيءَ پاڪ ۽ نيڪ هئو. هن حقيقت جي اپٽار نامياري ڪهاڻيڪار علي بابا پنهنجي ڪهاڻي ” نوان پيغامبر“ ۾ ڪئي آهي ۽ انهي حوالي سان اها ڪهاڻي پڙهڻ لائق آهي.

    نصابي ڪتابن ۾ تاريخ جي حوالي سان سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال محمد بن قاسم کان ڄاڻايو وڃي ٿو، جيڪو بصري جي گورنر ۽ سندس سهري حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي حڪم سان اعضي ڪري سنڌ تي حمله آور ٿيو، جو مسلمان عربن جي جهاز/ٻيڙي کي سنڌ جي سامونڊي قزاقن/ڦوروئن ڦريو هيو ۽ سندن دانهون حجاج بن يوسف بصري ۾ ٻڌيون هيون. جڏهن تاريخ جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته مذڪوره بالا جواز/سبب هٿ ٺوڪيو ۽ جڙتو آهي. ڇاڪاڻ ته عربن طرفان اهو سنڌ تي پهريون حملو نه هئو. جڏهن ته ڪا قوم سگهاري ٿيندي آهي ته اها مال ۽ دولت ميڙڻ لاءِ پهريائين پاڙيسري ملڪن تي هلائون ڪندي آهي ۽ ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ انهي ۾ توسيع پسنديءَ جي وڌيڪ هَوَسَ پيد ٿيندي آهي. هر فاتح ۽ غاصب قوم جي اها روايت رهي آهي ته پنهنجي جاگرافيائي حدن کي وسعت ڏيڻ لاءِ ٻين ملڪن تي ڪاهون ڪندا رهيا آهن ۽ مال و متاع، غلام ۽ ٻانهيون به باندي بنائي پنهنجي ملڪ ۾ وڪڻندا ۽ پاڻ ۾ ورچي کڻندا آهن. مذهبن ۽ نظرين جو ڦهلاءُ محض هڪ آڙ هوندي آهي جي نه ته اصل مقصد اهو ئي آهي جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿئون.

    عرب، جيستائين قبيلن ۾ تقسيم هئا تيستائين باهمي تڪرار جو شڪار رهيا پر جڏهن متحد ٿيا ته هڪ مضبوط رياست جي مالڪ واري حيثيت ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هنن به ساڳئي ريت ۽ روايت اختيار ڪئي. خلافت اهو سياسي ادارو هئو جنهن جي دور کان توسيع پسندي شروع ٿي ۽ اڳتي هلي عروج تي پهتي ۽ پوءِ آهستي آهستي انهي جو زوال شروع ٿيو. سنڌ تي عربن هڪ ڀيرو ڪاهه نه ڪئي هئي پر محمد بن قاسم جيڪا ڪاهه ڪئي سا عربن طرفان سنڌ تي چوڏهين ڪاهه هئي. انهن چوڏهن ڪاهن جو تفصيلي احوال سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ” سنڌوءَ جي ساڃاهه، جلد اول“ ۾ ڏنو ويو آهي. ساڳين ڪاهن جو ذڪر مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ” جنت السنڌ“ ۾ به ڪيو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي ڪتابن مطابق عربن پهريون حملو حضرت عمر جي دور ۾ ڪيو. اهڙيءَ طرح باقي حملن جو احوال هيٺئين ريت آهي.

    ٻيون ۽ ٽيون حملو سن پنج هجريءَ ڌاري حضرت عمر جي دور ۾ ڪيا ويا. چوٿون حملو سن 38 هجريءَ ڌاري خلافت حيدريءَ جي زماني ۾ حارث بن مرهه عبدي جي اڳواڻي هيٺ سامونڊي رستي کان ٿيو، جنهن ۾ لاتعداد قيدي هٿ ڪري سلامتيءَ سان موٽيو. بلاذريءَ جو بيان آهي ته هر هڪ مجاهد کي مال غنيمت جي حصي ۾ سئو سئو غلام هٿ آيا هئا.

    پنجون حملو – هيءُ حملو به حضرت عليءَ جي دور ۾ ٿيو. ڇهون حملو به حضرت عليءَ جي دور ۾ ٿيو، جنهن جي اڳواڻي حارث بن مرهه ڪري رهيو هئو. حملي دوران کيس حضرت عليءَ جي شهادت جو پتو پيو تڏهن به هن موٽ کائڻ بجاءِ لٽ ڦر جو عمل جاري رکيو.

    ستون حملو – حضرت عليءَ کان پوءِ خلافت جي واڳ اميرمعاويه سنڀالي ۽ هن جي دور ۾ ستون حملو عبدالله بن عاصر ۽ راشد بن عمر جي اڳواڻيءَ هيٺ ٿيو، جنهن حملي دوران ڦرلٽ جو مال وڏي انداز ۾ خليفي/حاڪم کي پهچايو ويو. امير معاويه 42 هجريءَ ۾ ٻيهر سنڌ تي حملي لاءِ عبدالله بن عاصر ۽ عبدالله سوار عبديءَ کي موڪليو جن ڦرلٽ جو وڏو مال ۽ قيقان جا مشهور گهوڙا به امير معاويه کي پيش ڪيا.

    نائون حملو – هيءُ حملو به امير معاويه جي دور ۾ ٿيو. مشهور مورخ بلاذريءَ مطابق هن حملي ۾ ڪا به خاطر خواهه ڪاميابي نه ٿي.

    ڏهون حملو – سن 44 هجريءَ ۾ مهلب بن ابي صفره جبلن جي طرف کان حملو ڪيو ۽ خوب ڦرلٽ جو مال هٿ ڪري واپس موٽيو.

    يارهون حملو – هيءُ حملو ساڳئي مهلب ڪيو ۽ هن ڀيري به ڦرلٽ جو مال خليفي کي موڪليو ويو.

    ٻارهون حملو – هيءُ حملو به ڦرلٽ لاءِ امير معاويه جي دور ۾ ٿيو.

    تيرهون حملو – هيءُ حملو به بنو اميه جي دور ۾ ٿيو.

    چوڏهون حملو – حڪم کان پوءِ ابن زياد هڪ ٻئي سردار بن هريءَ کي سنڌ جي سرحد تي جنگ لاءِ مقرر ڪيو ۽ لڙايون به ٿيون پر عربن کي سوڀ حاصل نه ٿي. خلافت جي صورتحال به تبديل ٿيندي وئي ۽ هاڻي وليد بن عبدالملڪ سن 86 هجريءَ ۾ دمشق ۾ خليفو ٿيو ۽ حجاج بن يوسف کي بصري جو والي مقرر ڪيو، جنهن سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم کي روانو ڪيو. ان کان اڳ جو اسان حجاج بن يوسف جي ڪردار بابت اظهار خيال ڪريون اهو ضروري سمجهون ٿا ته هن ڳالهه کي واضع ڪري ڇڏيون ته مٿي ذڪر ڪلي حملن جو صرف ۽ صرف مقصد ڦرلٽ ڪري مال ميڙڻ ۽ غلام ۽ ٻانهيون هٿ ڪري وڏي تعداد ۾ باندي بنائي شام ۽ عرب ڏانهن موڪلڻ هئو، نه ڪو اسلام جي خدمت ڪرڻ. مٿيان واقعا اڄ به عربن جي لکيل تاريخن ۾ موجود آهن. اهي اسان نه ٺاهيا ۽ گهڙيا آهن ۽ خود ڪتابن ۾ موجود آهن. چڃ نامون عرف تاريخ فتح سنڌ جيڪو اول عربيءَ ۾ لکيو ويو، بعد ۾ انهيءَ جو فارسي ترجمو علي ڪوفي ڪيو ۽ انهي کان پوءِ انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ محترم مخدوم امير احمد ترجمو ڪيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو محترم مرزا قليچ بيگ ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ بي دريخ/تمام گهڻو مال غنيت ميڙڻ ۽ سنڌي عورتن ۽ مردن کي غلام بنائي دمشق پهچائڻ جو احوال ذڪر ڪيل آهي. انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ پڙهندڙ پاڻ منصف بنجي فيصلو ڪن ته ڇا اسلام جي خدمت ائين ٿيندي آهي؟

    اسان جڏهن حجاج بن يوسف جي شخصيت ۽ ڪردار جو جائزو وٺون ٿا ته پروڙ پوي ٿي ته مسلمانن جي تاريخ جو ظالم ترين شخص حجاج بن يوسف ثقفي هئو. ڪتاب ” هفت قليم“ جو مصنف لکي ٿو ته ” حجاج بن يوسف کي صغير پڻي کان ئي قتل ۽ خون ريزيءَ جو چسڪو هئو. هن جو چوڻ هو ته مون کي قتل کان وڌيڪ ٻي ڪا به شئي لذيذ نٿي لڳي“

    عبدالملڪ بن مروان سڄي اسلامي دنيا تي لاشريڪ حڪمراني ڪرڻ گهري ٿي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سيد خاندان جو طرفدار عبدالله بن زبير ان وقت مڪي جو خليفو ۽ ڪعبته الله جو سنڀاليندڙ هو. جنهن ڪري اهڙي وڏي شخصيت کي راهه تان هٽائڻ لاءِ عبدالملڪ، حجاج بن يوسف کي وڏو لشڪر ڏيئي مڪي تي حملي ڪرڻ ۽ ابن زبير کي قتل ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. حجاج بن يوسف لشڪر وٺي مڪي کي گهيري ۾ آندو ۽ چوڌاري منجنيقون (پٿرن وسائڻ واريون ڪلون) نصب ڪرائي ڪعبته الله تي پٿر وسائڻ شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪعبته الله جي هڪ ديوار ڊهي پئي. ابن زبير ٻيو چاڙهو نه ڏسي جنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ شهيد ٿي ويو. حجاج مڪي جي فتح جو جشن ملهايو. ڪتاب ” جام جم“ جو مصنف لکي ٿو ” حجاج، ابن زبير جي سسي ڪپي شام ملڪ اماڻي ۽ ڌڙ مڪي جي قبرستان ۾ ٽياس تي ٽنگائي ڇڏيو. جڏهن حجاج، ابن زبير جي ٻڍڙي ماءُ جناب اسماءَ کان ڪيل سلوڪ بابت پڇيو ته هن وراڻيو ” رسول اڪرم جن فرمايو هو ته بني تقيفه ۾ هڪ ڪوڙو ۽ قاتل شخص پيدا ٿيندو سو يقينن تون ئي آهين.“

    مشهور مورخ فلپ ڪي حتي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ” هيسٽري آف دي عربس“ ۾ صفح نمبر 208-207 تي لکي ٿو:

    ” حقيقت ۾ هيءُ اموي گورنر (حجاج) ايڏو ته طاقتور هئو جو ڪو به ڪنڌ هن کان سلامت نه هئو ۽ ڪا به ڳچي اهڙي نه هئي جنهن تائين هن جا هٿ پهچي نٿي سگهيا. ايتريقدر جو مشهور اصحابي ۽ محدث انس بن مالڪ به هن کان بچي نه سگهيو. انس بن مالڪ کي مخالفن سان سازباز ڪرڻ جي الزام هيٺ ڳچيءَ ۾ ڳٽ وڌو ويو. چيو وڃي ٿو ته هن اٽڪل هڪ لک ويهه هزار ماڻهو مارايا ( اهو انگ لڙاين ۾ مارجي ويلن کان علاوهه آهي) اهي سڀ ماڻهو گهڻو ڪري سني ۽ شيعا هئا.“

    حجاج جي خونخوار طبعيت ۽ انساني رت تي ريجهندڙ فطرت ۾ اسلام جي محبت ۽ انسان ذات جي همدردي ڪيتري حد تائين ٿي سگهي ٿي، تنهن جو اندازو مٿي ڄاڻايل حقيقتن مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو.

    چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيرو مسجد ۾ خطاب ڪندي سامهون ويٺل ماڻهن جي ميڙ کي چيائين.

    ” اڄ اوهان جا ڪنڌ مون کي پڪل سنگن وانگر لڳي رهيا آهن ۽ دل چاهي ٿي ته انهن ۾ لابارو وجهان.“

    حجاج جا اهي ٻول ٻڌي ميڙ وارن جا پگهر نڪري ويا ۽ مٿن ڏڪڻي طاري ٿي وئي ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪڌو ۽ ظالماڻو ڪم هن کان بعيد نه هئو.

    حجاج چوندو هئو ته ” انسانن جي شهه رڳن مان ڦوهارا ڪري نڪرندڙ رت ڏسندي هن کي سرور محسوس ٿيندو هو.“

    حجاج متعلق حضرت عمر بن عبدالعزيز هڪ ڀيري چيو ” جيڪڏهن ٻين پيغمبرن جون سڀ امتون گڏجي پنهنجي پنهنجي زماني جي بدڪردارن کي پيش ڪن ۽ اسين رڳو هڪڙي حجاج کي پيش ڪريون ته خدا جو قسم اسان جو پاسو ڳرو ٿي پوندو.“

    ڇا اهڙي ماڻهوءَ جي حڪم سان سنڌ جهڙي پر امن سر زمين جو عربن هٿان تاراج ٿيڻ ڪو خير جو ڪم قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟

    جنهن دور ۾ سنڌ عربن جي غلاميءَ جا زنجير پاتا ته ان وقت وليد بن عبدالملڪ خليفو هئو ۽ سندس تختگاهه شام ملڪ ۾ هو. حجاج بن يوسف خليفي وليد کي صلاح ڏني هئي ته هو پنهنجو جانشين سليمان کي مقرر ڪرڻ بجاءِ عباس کي مقرر ڪري. حجاج بن يوسف جي وفات بعد وليد بن عبدالملڪ پنهنجو جانشين سليمان کي مقرر ڪيو جيڪو حجاج کي قطعي پسند نه ڪندو هو. وليد جي وفات ٿي ته سليمان تخت ڌڻي ٿيو جنهن محمد بن قاسم کي معزول ڪري دمشق گهرائي قيد ڪري ڇڏيو، جتي هن پنهنجا پساهه پورا ڪيا ۽ حجاج بن يوسف ثقفي جو لاش قبر مان ڪڍرائي ان کي ساڙائي ڇڏيو.

    اهڙي عبرتناڪ انجام تي پهتل فاتح سنڌ کي جماعت اسلامي ۽ ان جا حواري هيرو سمجهي سندس دهاڙو ملهائيندي تاريخ جي ورقن مان ڪو به سبق حاصل نٿا ڪن ۽ حجاج بن يوسف جنهن لکين مسلمانن جا بي گناهه سر قلم ڪرايا هئا، جنهن ڪعبته الله تي پٿر وسائي ديوار کي ڊاهي ڇڏيو هو، جيڪو چوندو هئو ته انسانن جي شهه رڳن مان ڦوهارا ڪري نڪرندڙ رت کي ڏسندي هن کي مزو اچي ٿو سو اڄ به سنڌ ۾ مسلمانن جي مددگار طور تاريخ ۾ پڙهايو وڃي ٿو.

    اسان جي نصاب سازن کي گهرجي ته اهي تاريخي واقعن کي پيرائتو صحيح انداز ۾ پيش ڪن ۽ اڌورو نه ڇڏين ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان نئون نسل تاريخ جي مڙني رخن کان وانجهيل رهجيو وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو