غلام مصطفيٰ سولنگي سنڌ جي قديم ماڳ مڪليءَ جي منهن تي واقع سنڌ جو هڪ قديم مندر آهي جنهن کي ماتا ڀواني سنگهه مندر چيو وڃي ٿو، مڪلي ٽڪريءَ جي لاهيءَ کان هيٺ ٺٽي شهر طرف لهبو ته کاٻي هٿ تي ڏاکڻين پاسي کان هن قديم مندر جي هڪ پراسرار ۽ پُرسڪون عمارت نظر ايندي، محسوس ٿيندو ڄڻ ٽڪريءَ کي ڪوري ۽ سوري پوري هي مندر ٺاهيو ويو هجي. هن مندر کي ڪالڪا جي مندر سان پڻ سڏيو ويندو آهي، سنڌ ۾ روهڙيءَ ڀرسان اروڙ وٽ پڻ ڪالڪا ديويءَ جو مندر آهي، جيڪو نيو ليٿڪ دور جي هڪ غار ۾ ٺهيل آهي. هي مندر ساڍيون چار صديون پراڻو آهي، ان جو به هڪ پس منظر آهي، چيو وڃي ٿو ته ديبل بندر کانسواءِ هنگول ندي جي ڇوڙ وٽ ”ڪـُنراج ڪوٽ“ نالي هڪ بندر هوندو هيو جتي اڪثر ياترين جا ٻيڙا اچي لنگر ٿيندا هئا، ڪنهن دور ۾ ٺٽي ڀرسان مينا نگر پڻ ياترين جو هڪ وڏو مرڪز هوندو هيو، قديم آثارن مان پتو پوي ٿو ته جنگ شاهيءَ ضلعي ٺٽي ۾ پڻ ڀواني سنگهه جو مندر هيو، زماني جي لاهن چاڙهن ۽ ڪن سببن ڪري جڏهن اهي بندر ڦـِٽي ويا ته پوءِ ٺٽي ننگر کي ياترين جو مرڪز بڻايو ويو يعني ٺٽي مان هزارين ياتري هنگلاج ڏانهن روانا ٿيندا هئا. هندو جوڳين ۽ سنياسين ماتا ڀواني سنگهه جي مورتي 1300ع ڌاري جنگ شاهي مان آڻي ٺٺي ۾ رکي ته جيئن گهڻي کان گهڻا ياتري درشن ڪري سگهن، ياترين لاءِ هڪ وڏو ۽ هڪ ننڍو آکاڙو به ٺاهيو ويو، آکاڙي جي معنيٰ آهي، اهو گهر جتي بابو بيکاري ۽ سنياسي اچي ترسن، وڏي آکاڙي ۾ راجا، مها راجا ۽ راجڪمار اچي رهندا هئا ۽ ننڍي آکاڙي ۾ عام ياتري ۽ فقير ٺڪاڻو ڪندا هئا. ٺٽي جي آکاڙي جي ريڪارڊ مان پتو پوي ٿو ته سال 1558ع ڌاري مغل بادشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ راجا توڏرمل کتري ۽ راجا بهاري مل کتري هنگلاج ياترا لاءِ هت اچي لٿا هئا، ان وقت لهاڻن جو هڪ چڱو مڙس وٽن لنگهي ويو ۽ کائنس مندر لاءِ زمين گهريائين. راجا بهاري مل، لهاڻن کي مڪلي ٽڪريءَ وٽ ان هنڌ تي زمين جو ٽڪرو ڏنو، جتي ماتا ڀواني سنگهه مندر آهي، يعني هي مندر سال 1558ع ڌاري ٺهيو هيو. مندر ٺهي پورو ٿيو ته ماتا ديويءَ جي مورتي به اتي آڻي رکي وئي، جيڪا اڄ به مندر اندر ٺهيل هڪ ننڍڙيءَ گنبذيءَ اندر رکيل آهي. بهاري مل کانپوءِ راجا ڀيڄ سنگهه 1699ع م هتي ماتا جي درشن لاءِ آيو هو، راجا ماڌو سنگهه 1792ع ۾ ماتا جي حاضري ڀري پوءِ هنگلاج روانو ٿيو هو، 1801ع ۾ راجا جڳت سنگهه به هتان ٿي پوءِ هنگلاج ويو هو، روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به هتان مندر واري ٽڪريءَ وٽان ٽـُٻي هڻي هنگلاج ويو هو، سندس ڄمار تنهن وقت رڳو ايڪيهه ورهيه هئي، هڪ ڏينهن ڪنهن کي بنا ٻڌائڻ سڌائڻ جي، اوچتو ئي اوچتو جوڳين جي سنگ ۾ هنگلاج ڏانهن راهي ٿيو. مون ملاقات ان سين، جن پورب جي پچار اَٺَ ئي پهر اُن جي، آهي ناني ڏي نهار سامين سان سِٽارَ، لاهوتي لعل ٿيان. اڄ به هنڌ ۽ سنڌ جا سوين ياتري هن مندر مان ماتا ديويءَ جو درشن ڪري پوءِ هنگلاج روانا ٿيندا آهن، ان کانسواءِ ڪَڇَ ۽ جئپور مان ڪيترائي ياتري ماتا جي حاضري ڀرڻ لاءِ هتي ايندا رهندا آهن، جئپور جي هڪ لوڪ ڪهاڻي ”پـُوڻِيءَ“ ۾ لکيل آهي ته: -امير ڪِي سَلا ديوي -جئپور ڪا هنومانءُ -سانگا نير ڪا سانگا بابا -انڪولا ڪا راجا مانءُ -پاتا ڪي ديبل ديوي -مڪلي ڪي ماتا ديوي -سُپت ڪا چندر ڪـُوپ -ساتا ديپ ڪي هنگول ديوي -ڪانبيارو ڪوٽ ڪا جُسراج راجا. اڄ به هن مندر ۾ رکيل ماتا ديويءَ سان تمام گهڻي عقيدت رکي وڃي ٿي. اصل ۾ ماتا جو تصور نهايت قديم آهي، پراڻي دور ۾ عورت جي توليدي عمل ۽ زمين جو زرخيزي عمل، هڪ حقيقت جا ٻه رُخ سمجهيا ويندا هئا، ماتا جون مورتيون ۽ انهن جي پـُوڄا زراعتي دور جي پيداوار آهي، ڇو جو زراعت جو فن عورت جي ايجاد آهي، انهيءَ ايجاد ڪري ماڻهو خانه بدوشيءَ جي زندگي ڇڏي ٿانيڪا ٿي ويٺا، پوک جي شروعات سان ”مادري نظام جو رواج“ پيو. علم الانسان يعني ائنٿرو پالاجيءَ ۽ قديم مذهبن جي ڄاڻوءَ ۽ جڳ مشهور اسڪالر پروفيسر ريورز لکيو آهي ته: ”مادري نظام ۾ قبيلي جي هر شخص کي ان جا حق ۽ فرض ماءُ جي طرف کان ملن ٿا، نه ڪي پيءُ جي طرف کان، اهڙو رواج بنگلاديش ۽ آسام جي ”کاسي“ قبيلي ۾ اڄ تائين هلندو اچي“. ماتا ديويءَ جو پراڻي دور جو هڪ مجسمو آسٽريا مان لڌو ويو آهي، جيڪو Venus of willendorf جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، هن ۾ هڪ گهنڊيدار وارن واري عورت کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا پنهنجي ڇاتين مان کير ڪڍي رهي آهي، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اها ماءُ آهي، انهي قسم جا بـُت اهڙن ملڪن مان لڌا ويا آهن، جتي مادر پرستيءَ جو رواج هيو، هن مان مراد انساني ماءُ نه هئي، پر مادر فطرت هئي، جيڪا انسان جي سڀني ضرورتن کي پورو ڪندي آهي. اهڙي طرح هن مندر ۾ رکيل ماتا ديويءَ کي مادر پرستيءَ ۽ مادري نظام جو هڪ تسلسل سمجهڻ گهرجي. ناليواري ليکڪ اشوڪ ڄيٺملاڻيءَ، پنهنجي ڪتاب ”هنگلاج جي تيرٿ“ ۾ جن چوويهن تيرٿ آستانن تي پوڄا پاٺ ۽ درشن ڪرڻ هندو برادري لاءِ لازمي سمجهيو آهي، تن ۾ هيءَ ماتا ديوي پڻ شامل آهي. انهن ٿيرت آستانن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن: ”شِري گورک اِمِلي، بتـُوڪُ ڀيرو، شري شاکيا ڀيرو، لـُوتن ندي، شير ڀواني، شري گپت هـُنو مان، کاري ندي، شري سيتا ماتا جي چـُنري، گـُرو-شيشيه سماڌي، چندر ڪـُپُ، چندر ڪـُپُ مهاديو، اگورندي، گودڙيا ڀيرو، ڪٽيارو ڀيرو، سويا ڀيرو، هنگول مائي، مـُنڍي ڪٽيل گڻيش، راڌا پـُوري، ماتا ديوي مڪلي، پنهنجي پنهنجي اَشت ديوَ، مَها مايا ماتا هنگلاج، شري گرو نانڪ جا چَرن، شري گورک ناٿ جا چـَرن، جـُولي زاٽڪن ڀيرو. هي مندر لڳ ڀڳ ٻن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي، مندر جو اصلوڪو حصو پٿر مان ٺهيل آهي ۽ نيون اڏاوتون وري پڪين سرن مان ٿيل آهن، ننڍا ننڍا ڪيترائي ڪمرا ٺهيل آهن، جن ۾ مختلف مورتيون رکيل آهن. هتي گڻيش جي مورتي به رکيل آهي، جنهن کي هڪ هندو ڏند ڪٿا موجب پنهنجي پيءُ شـِوَ قتل ڪيو هو ۽ پوءِ وري هاٿيءَ جي مـُنڍي لڳائي جيئرو ڪيو هئائين. اڄ به ڪيترائي ياتري هتي اچي رهندا آهن ۽ ڌرمي تعليم حاصل ڪندا آهن. هن مندر اندر هڪ اونهو کوهه به آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته ان ۾ اگهور نديءَ جو پاڻي ايندو آهي، جيڪو ياتري مختلف بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪتب آڻيندا آهن.