محمد خان دائود هڪ مسافر وانگر جنهن کان اڌ رات جو هڪ ويران شهر ۾ ريل گسي ويئي هجي، شهر، جنهن جي گهٽين ۾ فانوسن جا شيشا ٽٽل هجن، جنهن ۾ نه ڪائي سدا هجي ۽ نه ڪائي سواري هجي ٻيءَ جاءِ تي کڻي وڃڻ لاءِ ۽ جنهن جي مٿان ستارا ٽم ٽم ڪري هڪ ٻئي کان پڇندا هجن. ”هي مسافر ڪير آهي؟ هتي ڇا لاءِ ترسيو پيو آهي؟ ڇا لاءِ ترسيو پيو آهي!“. اياز جو اهو نظم مونکي هيئن ئي تڏهن هڙي آيو جڏهن مونکي دل ۾ اهئو خيال آيو ته آخر سنڌ ڇا آهي؟ سنڌ محبت آهي يا هڪ عارضي رهائش گاهه! سنڌ هڪ آستانو آهي،عشق جو؟ يا مقتل گاهه! سنڌ سازشن جو گهر آهي يا عاشقن جي جاءِ شهادت! سنڌ قرب آهي يا قربان گاهه! سنڌ پيار آهي يا قتلام جي جاءِ، سنڌ مندرن جي گهڊن جو ساز آهي يا ڪنهن مـُلا جي جذباتي تقرير جا اُهي غلط سلط الفاظ، جنهن الفاظن جي ڪري لاڙڪاڻي جي مندر جهڙا وار ڪيا ويندا آهن!. سنڌ عشق جي هٿ ۾ ٻڌل هو پيار جو ڳانو آهي يا اها هٿڪڙي آهي جيڪا هٿن ۾ هڻي انسانيت جي تذليل ڪئي ويندي آهي!!! سنڌ پيار جو ڪو ساز آهي يا اهي ايمبولينس هارن آهي جنهن ايمبولينس ۾ يا ته زخمي موجود هوندا آهن يا بي جان لاشا سنڌ ڇا آهي!؟؟؟ سنڌ ڇا اهو قانون آهي جنهن قانون کي ڪنهن امير ڪنهن وسڪي وانگر انجوائي ڪندا آهن ۽ غريبن لاءِ قانون ائين آهي جيئن عيسيٰ جي….! سنڌ ڇا ڪا ايف آءِ آر آهي، جنهن جي ڪٽرائڻ لاءِ مقتولن جا وارث ڪڏهن بک هڙتال ڪن، ڪڏهن ڌرڻا هڻن يا ڪڏهن پنهنجو وجود ئي ساڙي ڇڏين يا سنڌ اها ايف آءِ آر جيڪا انڌي ايف آءِ آر ڪنهن جي به عمر نه ڏسي ۽ هڪ نون مهينن جي ٻار کي به عدالت ۾ پيش ڪرائي ڇڏي، جنهن معصوم کي اها خبر ئي نه پئجي سگهي ته ڇا قانون، ڇا عدالت، ڇا انصاف، ڇا وڪيل، ڇا مدعي ۽ ڇا جج! تڏهن ئي آئون سوچي رهيو آهيان ته جنهن سان مون کي سڀ کان وڌيڪ عشق آهي اها سنڌ آهي ڇا؟؟؟ پر گهڻي ئي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به منهنجي ذهن ۾ جيڪا سنڌ جڙي سگهي آهي ان سنڌ جي شڪل اهڙي آهي ته بکارڻ اڌ اگهاڙي ڌرتيءَ تي ليٽي پيئي آهي ۽ ڌرتيءَ تي ڪرندڙ مينهن ڦڙا ڄڻ سـُئي ڌاڳي سان هن جا ڦاٽل ڪپڙا سبي رهيا آهن!!! سنڌ تقسيم در تقسيم آهي ڪٿي ذات پات ۾، ڪٿي قبيلن ۾ ڪٿي جهنڊن ۾ ڪٿي رويئن ۽ ڪٿي نعرن ۾ ڪٿي سماجن ۾ سنڌ تقسيم آهي. هئن جڏهن به سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه نڪرندي آهي ته هتي جي قوم پرست سياست ڪنهن سک واريءَ جيئان تپي پوندي آهي پر انهن کي سنڌ جي ايڏي وڏي تقسيم نظر نٿي اچي جتي بک به آهي، اگهاڙپ به آهي، وحشت به آهي، ته قتلام به! انهن کي اهئو به نظر نٿو اچي ته سنڌ جا اصل مسافر اڄ ڏينهن تائين اتي ئي بيٺا آهن ۽ خبر ناهي ڪيتريون ئي ريلون گـُسي ويا آهن ۽ اهي مسافر عشق جي سنڌ لاءِ پنهنجي سفر تي روان نه ٿي سگهيا آهن آ نه ڇو اها سنڌ ڪٿي آهي؟؟ اها سنڌ ڪٿي گم آهي، جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته جڏهن ڳوڙها سڪي ويندا آهن ۽ ناکئا پنهنجيون ٻيڙيون گهاٽ تي ٻڌندا آهن جڏهن پاڻيءَ جا پکي واهيرن ڏانهن ورندا آهن ۽ ٻارن جا ٽهڪڙا سانت ۾ سمائجي ويندا آهن جڏهن ڏکڻ جو واءُ تنهنجي دامن وانگر لڳندو آهي ۽ رات منهنجيءَ ان سِڪَ تي مرهم رکندي آهي مان توکي ڳوليندو آهيان منهنجي سنڌ! تون جا مون کان وڃائجي وئي آهين!!! ان سنڌ جا ته نقش ئي مٽجي ويا آهن، جنهن سنڌ ۾ عشق ڪيو ويندو هو، ان سنڌ جا به نقش ڳوليندي نٿا ملن جنهن سنڌ ۾ سازن کي آزادي هوندي هئي ۽ ساز ۽ گيت ڪنهن باهيڙي جيئان سڄي رات هلي ڪڏهن تيز پر هلندا رهندا هئا ڪٿي آهي اها سنڌ؟؟!!! هاڻي جيڪا سنڌ آهي ان جو نقش ئي ٻيو ڪجهه اسان کي ٻڌائي رهيو آهي، هڪڙي اها سنڌ آهي جتي وزيرن مشيرن جي فوج آهي، ٺٺ ٺانگر آهن ۽ هڪ اها سنڌ آهي جتي ڏور تائين اداسي آهي اها سنڌ آهي، جنهن جي جسم تي وائيٽ ڪلف وارو ڪاٽن جو وڳو آهي، جسم تي مهانگو پرفيوم آهي ۽ هٿ ۾ پاڻي جي منرل واٽر جي بوتل آهي ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي هٿن ۾ نصيب م صرف ڌوڙ آهي اداسي آهي ۽ شرمندگي آهي، هڪ اها سنڌ آهي جنهن وٽ خوراڪ جا ڍير آهن ۽ انهن جا ڪتا به پراٺا کائيندا آهن ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي جسم ۾ ته بک آهي ئي آهي پر انهن جي نيڻن ۾ به بک آهي، هڪ اها سنڌ آهي، جنهن جي وندر لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ميلا، شو، پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن ۽ ان سنڌ جو دل بهلائيو ويندو آهي ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي نصيب ۾ ته هڪ ڊسپرين جي گوري به ناهي! هڪ اها سنڌ آهي جتي زوري وڏيرا غريب هارين جو پاڻي چوري ڪندا آهن انهن جي زمين تي قبضو ڪندا آهن انهن جي جوان ڇوڪرين سان ڏاڍائي ڪندا آهن ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي نجي جيلن ۾ سوين نه پر هزارين ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ هارين جي مشڪل ۾ زوري بند ڪيا ويا آهن. هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي بلند عمارتن بجلي جي خالي ٿنڀن ۽ وڏن گهرن تي فاششڪ جا جهنڊا ڦڙڪڻ ڪو ڏوهه ڪونهي ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي پوڙهن ٻٻرن جي وڻن تي آزادي جا جهنڊا جهولائڻ به ڏوهه ٿي پوي ٿو. هڪ اها سنڌ آهي جنهن ۾ سرڪاري وفادار جاسوسي ڪندا هلندا رهن ٿا ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن ۾ عاشقن کي ماني پاڻي ۾ زهر ڏنو وڃي ٿو! ڪٿي آهي مهنجي سنڌ!؟ ڪٿي آهي لطيف جي سنڌ؟! ڪٿي ڪنور ڀڳت رام جي سنڌ اها ئي ته منهنجي سنڌ ناهي جيڪا ڏينهن و ڏينهن سياسي ٿيندي پئي وڃي منهنجي سنڌ ته ماءُ هئي ڇا ڪڏهن ماءُ به سياسي هوندي آهي ڇا!؟؟؟ هڪ اها سنڌ آهي جنهن ۾ روز ناريون عشق جي ڏ وهه ۾ گولين جو کاڄ بڻجي رهيون آهن ۽ هڪ اها سنڌ آهي جنهن جي ٻولي ئي عشق هئي هڪ اها سنڌ آهي جنهن ۾ معصوم ٻارن کي اذيت ڏاڍائي جو شڪار بڻايو پيو وڃي ۽ اهي جڏهن هوش ۾ اچن ٿا ته اهڙي ڏاڍي ۽ حرڪت کان پوءِ پنهنجو هوش هواس ئي وڃائي ويهن ٿا اها گدڙن جي سنڌ چئبي پر هڪ اها سنڌ به هئي جنهن ۾ گدڙن نه پر مورن جي حڪمراني هئي ڊيلن جي حڪمراني هئي هاڻي هن سنڌ ۾ ته صرف ڏاڍائي ۽ اداس آهي. اها ئي منهنجي سنڌ ته ناهي منهنجي سنڌ ته ماءُ هئي ڇا امڙ ڪڏهن گدڙ جو روپ ڌاريندي آهي ڇا؟؟؟!!! هڪ اها سنڌ هوندي هئي جنهن جي مندرن ۾ ماني ملندي هئي جڏهن رات جو چنڊ جي چانڊاڻي خالي پيٽ کي اهو احساس ڏياريندو هو ته ڪاش! چنڊ ماني هٽجي ته اهي ديوانن جا مندر ئي هوندا هئا جيڪا ڪنهن به غريب سنڌ واسي جو پيٽ ڀريندا هئا پر هاڻي هڪ اها سنڌ آهي جنهن ۾ مندر مندرن ۾ لڪي رهيا آهن ۽ وري اهو اعلان هر روز ٿي رهيو آهي ته بن قاسم سنڌ تي اچڻو آهي ۽ ڪاهه ڪرڻي آهي پر ڪنهن به سنڌ واسي ۾ جرئت ناهي جو هو قاسم جو سامهون ڪري ۽ پاڻ کي راجا ڏاهر جو حلالي پٽ ثابت ڪري ۽ سنڌ ۾ قاسي قاسبي خبر ناهي ڪيترا آهن. اها ئي منهنجي سنڌ ته ناهي، سنڌ ته امڙ آهي، امڙ قاسبي ڪيئن ٿي سگهي ٿي!؟؟ هاڻي ته سنڌ جي اهڙي حالت آهي جو هن جي وڏي شهرن تي جو قبضو آهي اهي سنڌ جي پتن کي ڏينهن هجي يا رات ماري رهيا آهن ۽ سنڌ جي روڊن رستن جي اهڙي حالت آهي جو انهن رستن تي عاشقن کي سرڪاري جاسوس گوليون هڻي پوءِ ساڙي ڇڏين ٿا، جڏهن ته سنڌ جي ڳوٺن جي اهڙي حالت آهي جو اهي ڳوٺ قاسمين ۽ قاسيبن جي قبضي هيٺ آهن ۽ انهن ڳوٺن ۾ جڏهن ڪو فنڪار ڀوري ڀيل جهڙو به مري ٿو ته اهي ان جو پوريل لاش به ڪڍي اڇلائي ڇڏين ٿا ۽ ڀورو ڀيل ڌوڙ ۾ ڌوڙ ٿيندو رهي ٿو، هاڻي آئون جتي بيٺو آهيان اتان هڪ گاڏي زون زان ڪندي وئي آهي ۽ ڌوڙ اڏائيندي ڇا منهنجي سنڌ ان ڌوڙ ۾ گم ٿي وئي آهي؟!!! تون ڪير آهين جو دور کان مون کي سڏي رهيو آهين ۽ تنهنجا سڏ منهنجون هڏيون جهنجهوڙي رهيا آهن ۽ تنهنجا سڏڪا طوفان ۾ ويڙهجي ويا آهن تون ڪير آهين ڇا تون سنڌ آهين!!! ڇا تون سنڌ آهين!!!
اسان سنڌي ٻولي کي برباد ڪرڻ وارا پاڻ ئي آهيون ڪوئي پنجابي ملي ٿو ته هن کي سنڌي ۾ گالهائڻ بدران هنن سان اردو ۾ گالهائيندي فخر محسوس ڪندا آهيون .پوءِ ٻڏايو ته ٻئي کي ڪيئن دوشي ڇئي سگھون ٿا؟