• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واڌايون واڌايون اي سنڌ سلامت توکي واڌايون

عبدالستارچنا

سينيئر رڪن
منهنجا قابلِ احترام ۽ هردم عزيز دوستو ۽ ساٿيو
اسلام وعليڪم
حق موجود

جيئن ته اوهان سڄي سنگت خبر آهي ته اڄ پندرهن اپريل آهي ۽ هي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ انتهائي عظيم ڏينهن پڻ بڻجي چڪو آهي ڇو جو ان ڏينهن تي هي فورم يعني سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام وجود ۾ آيو هن جديد دور ۾ اهڙي قسم جي سنڌي فورم جي شديد ضرورت هئي جيڪا سائين رشيد سمون صاحب جن پنهنجو فرض سمجهندي هن فورم جي عملي طرح شروعات ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ سال خير سان پورو ٿيو۔
مون ناچيز و خاڪسار طرفان سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي لکين واڌايون قبول پون۔
دوستو خوشي جي مهل هجي ۽ مٺائي نه هجي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟؟
پيش آهي سنڌ سلامت جي سموري سنگت لاءِ

71426967.jpg


27749958.jpg


81569710.jpg


44446895.jpg


48712903.jpg


45582455.jpg


دوستو گنج مولا جو اڃا به پيو آهي
 
جواب: واڌايون واڌايون اي سنڌ سلامت توکي واڌايون

15571524.jpg


79072446.jpg


پيارا دوستو ڌڻي در دعا آهي ته شال سنڌ سلامت سدا شاد هجي آباد هجي ۽ سنڌ سلامت جو هر دوست سدائين ٻهڪندو رهي ۽ هي اوطاق سدائين موجون ماڻي ثم آمين

سدائين گڏ

sindhsalamatsaathsal​
 
جواب: واڌايون واڌايون اي سنڌ سلامت توکي واڌايون

سائين عبدالستار توهان کي به مبارڪون هجن سڄي ساٿ کي مبارڪون هجن خصوصا سائين عبدالرشيد جن کي جن اهڙا محبتي ميڙيا۔ سائين نثار ابڙو صاحب جن کي جن پنهنجي معني خيز تحريرن سان اسان جي علم ۾ اضافو ڪيو سائين ناز صاحب جن کي جن هن فورم تي پنهنجي شاعري جا جوهر پکيڙي دوستن جي دل کي خوش رکيو سائين ابوزين جن کي جن هن فورم سان شروع کان بهترين ساٿ نڀايو سائين ابو واصف جن کي جن هن فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ لاء رات ڏينهن محنت ڪري خوبصورت ڪيلينڊر اسان جي هٿن تائين پهچايو سائين فقير عبدالوحيد جن کي جن بنا معاوضي جي هر دوست جي اڳيان گلن جا تحفا پيش ڪيا سائين اسد عرف مست جن کي جن پنهنجي تحريرن سان هن فورم تي رونق وڌائي سائين ممتاز جن کي جن پنهنجي محنت سان ڪافي سارا معلوماتي وڊيوز هن فورم تي شيئر ڪري اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪيو سائين ڊاڪٽر عبدالقيوم صاحب جن کي جن پنهنجي اسلامي معلومات ۽ نصيحت آميز شيئرنگ سان هن فورم جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳايا سائين سلطان جن کي جن پنهنجي ڪوشش هن فورم سان شامل حال رکي سائين عبدالرزاق جن کي جن پنهنجي معلومات سان اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪيو سائين وحيد سمون جن کي جن ڪافي قيمتي سافٽ وئير شيئر ڪري اسان جي لاء آساني ڪئي۔ سائين حاجي منير احمد جن کي جن مڪي ۾ رهي ڪري به هن فورم سان سهڻو ساٿ نڀايو سائين پياري زاهد سومرو جن کي به مبارڪ هجي جن پنهنجي محبت جا گل هن فورم جي بنياد ۾ ڀريا سائين علي علي جن کي جن پنهنجي خوش طبعي سان فورم تي محبتون ونڊيون سائين عامر ضياء چارڻ صاحب جن کي جن هن فورم تي ذاتي مصروفيتن باوجود گهڻو ڪم ڪيو آهي مطلب ته هر پياري ساٿي پنهنجي محنت ۽ محبت سان فورم تي پنهنجي ڪوشش جو مظاهرو ڪيو تن سڀني کي هن عاجز طرفان مبارڪون هجن ۽ هي اپيل پڻ ته جيئن هن ساٿ کي سهائتو بنائڻ ۾ هن سال ۾ ڪوشش ڪئي وئي ان کان به وڌيڪ اڳتي ڪوشش ڪندا رهندا۔ الله تعالي اوهان ۽ اسان جو حامي و ناصر۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
 
جواب: واڌايون واڌايون اي سنڌ سلامت توکي واڌايون

سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي واڌايون قبول پون​

تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا​

سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي دل جي گهراين سان هن ناچير سنڌ سلامت فورم جي خادم ممتاز وگهيو طرفان سنڌ سلامت جي پهرين سالگره مبارڪ هجي۔
مبارڪ جا حقدار ته هي دوست آهن جن سنڌ سلامت جي فورم کي اسان اڳيان پيش ڪيو. بقول شاه صاحؓب ( تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا)
فورم کي دنيا اڳيان پيش ڪندڙ محترم دوست ڀاء عبدالرشيد سمون صاحب ، ( جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ۽ سنڌ سلامت جي فورم جي ترقي ۽ واڌ لاء پاڻ پتوڙيو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪيو سمون صاحب بذاتخود هڪ بهترين يارويس دوست ۽ پيارو ماڻهون آهي.۔ محترم عامر ضياء چارڻ ( جيڪو دوست پسيپرده تمام وڏو ڪم پيو ڪري شايد گهڻن ماڻهن کي اهيا خبر به نه هجي
)
ان کان علاوه محترم سائين نثار ناز صاحب، محترم نثار ابڙو صاحب جن وڌ ۾ وڌ مبارڪ جي لائق آهن جن اسان جهڙن اڻ گهڙيلن لاء اهڙو فورم مهيا ڪيو.
سنڌ سلامت اهو فورم آهي جنهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي. ۽ جيئن اسڪول ، يونيورسٽين ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏٿيندي آهي اهڙي ريت سنڌ سلامت تي پڻ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي آهي.
هن فورم هڪ ته دنيا ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. ۽ ان کان علاوه سکيا جو پڻ هڪ بهترين اسڪول ميسر ڪيو آهي. جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي۔ مان انهن دوستن کي به مبارڪ ۽ واڌايون پيش ڪندس جيڪي سنڌ سلامت جي فورم کي سهڻو ۽ مالامال ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيا۔ جن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا۔ ڀائرو جن دوستن جا نالا رهجي وڃن انهن دوستن کان مان اڳواٽ معذرت ٿو ڪري ڇڏيان۔
رحيم بخش صاحب
ڦلپوٽو فقير صاحب
عبدالوهاب صاحب
مگسي صاحب
مست صاحب
مظهر وگهيو صاحب
ڀيڻ شاهده
زاهد سومرو صاحب
ابو زين صاحب
ابو واصف صاحب
ڊاڪٽرعبدالقيوم صاحب
عبدالرزاق ميمڻ صاحب

ٿر سنڌي صاحب

دعا آهي ته رب پاڪ هي سنڌ سلامت ۽ ساٿ سلامت رکي آمين

80.gif

anniversary_029.jpg
 
جواب: واڌايون واڌايون اي سنڌ سلامت توکي واڌايون

سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جن هن فورم کي تاتڻ پالڻ ۽ سهڻي ڪرڻ ۾ پان نڀايو آهي کي واڌايون ۽ منهنجي طرفان عقيدت جا سلام ۔۔۔۔

مٺڙا عبدالستار! هي سڀ مٺايون اوهان لبناني، مصري ۽ عربي مٺايون ڏيکاري وات مٺو ته ڪرايو پر يار ڪي سنڌي مٺايون به آهن ۽ انهن جا به ڪي قسم آهن ۔۔۔؟؟؟ جي هجن ته يار ديدار ضرور ڪرائجو ۔۔۔ مثلاََ، کيرڻي، سيون، لڏون، مائو، حلوو، برفي وغيره وغيره ۔۔۔ جي ٻيو نه ته مٺائيءَ جي دڪان جو ڦوٽو ئي ڏيکارجو ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي هميشه مٺڙو رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: واڌايون واڌايون اي سنڌ سلامت توکي واڌايون

سنڌ سلامت جي سڀني سڄڻن کي هن حقير طرفان به سنڌ سلامت جي سالگره جي مبارڪ دل سان قبول پوي۔۔۔۔۔
مان سڀني دوستن کان معذرت ٿو ڪريان ته اڄ ڪلهه ڪجهه مصروفيتن جي ڪري سنڌ سلامت کي وقت نه پيو ڏئي سگهان۔۔۔۔ انشاءَ الله جلد ئي وري ساڳيون ڪچهريون ڪبيون۔۔۔۔ باقي ڪجهه ڪم کي اسين به لڳا پيا آهيون وقت سر اوهان سان ونڊ ڪبو۔۔۔
 
Back
Top