سنڌ ۾ تمام گهڻا وڻ آهن. پر انهن ۾ ديوي ۽ تم تمام گهڻو ۽ عام جام ٿيندو آهي، ديوي جي ڀيٽ ۾ نم وڌيڪ فائديمند آهي، نم مان 528 فائدا حاصل ٿين ٿا، نم پاڻ اُس برداشت ڪري، وڌيڪ ڇانو ڪندو احِ، هڪ انسان کي نم جي ڇانوَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، ڇو جو هو پاڻ تڪليف سهي ٻين جي لاءِ راحت ۽ آرام مهيا ڪندو آهي. الله تعاليٰ دنيا ۾ جيڪي ڪجهه خلقيو آهي، انهن مان هر ڪنهن مان اسين ڪو نه ڪو فائدو ۽ سبق وٺن ٿا، نم به هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن مان اسين سبق ۽ فائدو، ٻئي حاصل ڪريون ٿا. نم مان تمام گهڻا فائدا آهن، جن مان ڪجهه اسين بيان ڪنداسين 1.جيڪڏهن سوچ ٿي هجي ته عام طور تي ڳوٺن جا ماڻهو نم کي، گرم پاڻيءَ ۾ وجهي، ان سوڄ جي مٿان هاريندا يا ٻڌندا آهن، ايئن سوڄ جلد ختم ٿي ويندي آهي. 2.ڳوٺن ۾، ماڻهو نم جون ڪاٺيون ٻارڻ طور به استعمال ڪندا آهن. 3.نم جي ڪاٺ مان فرنيچر به ٺهندا آهي، کٽون پلنگ ڪرسيون، ميزون، ڪٻٽ دريون، دروازا ڀتيون ۽ ڇتيون به ڪاٺ مان ٺهنديون آهن جيڪي اسان جي روزمره جي زندگي ۾ عام ۽ ڄام استعمال ٿينديون آهن. 4.نم جي وڻ کئونر به ٿيندو آهي، جيڪو کائڻ کان سواءِ دوائن ٺاهڻ جي به ڪم ايندو آهي. 5.نم ۾ عام طرح سان ماکي جون مکيون، ماکي به ٺاهينديون آهن، جيڪا اسان جي لاءِ نهايت مفيد آهي، کنگهه ٿيڻ جي صورت ۾ يا ٻين ڪافي بيمارين ۾ ماکي جو استعمال ٿيندو آهي، تنهن کانسواءِ ماکي غريب ماڻهن جي گذر جو وسيلو به آهي. ماکي جو هڪ ڦڙو ٺاهڻ جي لاءِ ماکي جي مک 2400 گلن جو رس چوسيندي آهي، ان جو ملطب ته ماکي جي مک ڪيڏي نه محنتي آهي. ماکي مان دوائون به ٺهنديون آهن ته اها دوا طور به ڪتب ايندي آهي. نم جي وڻ ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن. جن کي هتي پيان ڪرڻ مشڪل آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته وڻ وڌ کان وڌ وڻ لڳائجن جو ، هوندا کي صاف رکن ٿا. وڻ رات جو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪندا آهن ۽ ڏينهن جو آڪسيجن خارج ڪندا آهن، جيڪا گئس ساهه کڻڻ جي ڪم ايندي آهي. اڄ ڪلهه، عام طور تي وڻن کي تمام گهڻون وڍيو ويندو آهي، جيڪا نهايت هاڃيڪار ڳالهه آهي، وڻ وڍڻ سان هڪ ته ماحول تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي ۽ ٻيو قدرتي زندگي به خطري ۾ آهي، نم واحد وڻ آيه جيڪو رات جو به آڪسيجن گئس خارج ڪندو آهي، اسان کي کپي ته اسين وڌ ۾ وڌ وڻ پوکيون ۽ انهن کي وڍڻ بند ڪريون . ڇو ته وڻن جي نه هئڻ سبب اوزون ٺهه جو سوراخ وڏو ٿيندو پيو وڃي، جنهن سان مستقل ۾ نه رڳو ڌرتيءَ تي انساني زندگي کي خطرو آهي، پر انساني زندگي کي خطرو آهي، پر انسان طرح طرح جي مصيبت ۾ به ڦاسي ويندو ۽ ڪئين نيون بيماريون جنم وٺنديون. انساني ترقيءَ ۾ وڻ و وڏو ڪردار آهي جيئن هوائي جهاز پکي جي اڏرڻ جي فارمولي تحت ٺاهيو ويو، ٻيڙي ٻگهه پکي جي پاڻي تي ترڻ جي فامولي تي ٺآهي وئي آهي، ڪنهن زماني ۾ انسان غارن ۾ رهندو هو، هان ته غارن م رهڻ جو تصور ئي ڊيڄاريندا آهي. ان دور ۾ به انسان وڻ جي ڇانو مان ڇت جو تصور ورتو ۽ هوريان هوريان گهر ٺاهي رهڻ لڳا. مطلب ته وڻ انساني زندگي ۾ اهم جڳهه والري ٿو. وڻن ۾ ، نر وڻ ۽ ماده وڻ هوندا آهن. نر وڻ جي عمر گهٽ هوندي آهي ۽ ماده جي وڏي هوندي آهي. ماده وڻ وڌيڪ عرصو سائو ستابو رهندو آهي. اسان کي کپي ته اسين وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي هن دنيا جي ماحول کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون.
تمام سٺو ليک ... نم جي وڻ جي مناسبت سان اڳ به ڪجهه ليک سنڌ سلامت تي موجود آهن. هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهجن ٿا
نم جي وڻ کي مادام ايلسا قاضي جهڙي طرح بيان ڪيو آهي اهو بي مثال آهي. ضرور اوهان نائين ڪلاس جي انگريزي ڪتاب ۾ پڙهيو هوندو.. پر پڙهي ڏسو... My lovely Neem, That intercepts sun's scorching beam, Yet bears the heat all day Without the rain's refreshing spray, Thou charm'st the wanderer's woe away With soothing shade How strong you are, how unafraid, How green thy leaves inspite of all The mid-day flames that burning fall Upon thy unprotected head .......... Could man be both as thou and rise Above the earth, with the sheltering arm To save the suffering ones from harm, From sorrows, poverty and vice Through sacrifice Could man be steadfast, and like thee Face every fate, would it not be Fulfilment of life's loftiest dream My lovely Neem!
انسان ذات لاءِ ڪارائتو وڻ نم ابراهيم لاشاري (وارهه) نم هڪ اهڙو وڻ آهي جيڪو پاڻ ته اس برداشت ڪري ٿو ۽ هوانسانن ۽ جانورن ۽ سڀني جاندار کي ٿڌي ۽ لاجواب وڌيڪ ڇانو پڻ ڏئي ٿو.نم پاڻ تڪليف سهي ٻين جي لاءِ راحت ۽ آرام مهيا ڪندو آهي ،نم جي وڻ منجهان 528 فائدا حاصل ٿين ٿا . نم سنڌ جو زبردست سهڻو لاجواب وڻن منجهان هڪ ڪارائتو وڻ شمار ٿئي ٿو. ۽ نم جو وڻ سدا بهار وڻ تصور ڪيو ويندو آهي ، هي روايتي وڻ پڻ آهي .هن وڻ جو شمار قد ڪاٺ ۾ ٻٻر ، ٻير ، ۽ سرينهن سان لڳي ٿو . نم جو وڻ بڙ جي وڻ جيان هر طرف يعني چئن ئي طرفن وڌندو رهي ٿو .نم جي وڻ ڊگهو ۽ تمام زبردست گهاٽو ۽ ٿڌڙي، ٿڌڙي ڇانو وارو وڻ آهي. ۽ هن جو قد اٽڪل 40 کان 50 فوٽن جو ٿيندو آهي . نم جي وڻ جي ڇانو ۽ پاڇو لاجواب فرحت بخش ٿيندي آهي . نم جي وڻ جا گل ننڍڙا ۽ اڇي ( سفيد ) رنگ جا ٿيندا آهن . گلن منجهان هڪ وڻندڙ خوشبو به محسوس پئي ٿيندي آهي ،جيڪا نهايت زبردست وڻندڙ هوندي آهي .نم جي و ڻ ۾ گل مارچ مهيني کان اپريل مهيني تائين ٿيندا آهن .نم جي ڦل يا ڦر کي نموريون)( سڏبو آهي .جيڪي هوبهو انگور نما هونديون آهن . ڪچيون نموريون جو رنگ سائو ٿيندو آهي ۽ پچڻ مهل وري رنگ ڦڪو پڻ ٿيندو اٿن .ڪچين نمورين (ڦر) منجهه (کير ) نما پاڻي ٿيندو آهي ، جنهن جي پاڻياٺ کي (نم جو کير ) پڻ چئبو آهي .هن وڻ جو ڦر نموريون جولاءَ مهيني کان آگسٽ مهيني تائين پچي راس ٿينديون آهن .نم وڻ جا سڀئي جزا تمام ڪڙا ٿيندا آهن جيڪي انسان ذات لاءَ نهايت مفيد پڻ آهن . نم ننڍي کنڊ يعني ايسشيا کنڊ جو هڪ نهايت مفيد وڻ آهي جيڪو پنهنجن گهڻ فائدن جي ڪري سڄي دنيا جي گرم ترين ملڪن ۾ پوکيو ويندو آهي اسان جي ملڪ پياري پاڪستان ۾ هن وڻ نم کي مختلف هنڌن جاين تي مختلف مقصدن لاءِ پوکيو ويندو آهي خاص طور تي جنهن جو اهم سبب ڇانو آهي اڪثر ڪري نم جو وڻ گهرن ، اسڪولن ، ڪاليجن ، مسجدن ، مندرن ، اوطاقن ، رستن ، واهن ، ٻنين منجهه ڇانو جي سهولت ۽ سک لاءِ پوکيو ويندو آهي . نم جي وڻ جو ڪاٺ پڻ ڪارائتو ۽ بهترين هوندو آهي ، هن وڻ جي ڪاٺ کي عمومن اوڏهي کائي ناهي سگهندي . يعني هن وڻ جي ڪاٺ کي اوڏهي ناهي لڳندي .نم جو وڻ نهايت قيمتي ۽ حڪمت سان مالامال آهي . نم جي وڻ جون پاڙون ، پن ، ٽاريون ، کونر ، ۽ نم وڻ منجهه ويٺل ماکي ۽ ڦلي جنهن کي ( نٻوجهر ) پڻ چوندا آهن . هن وڻ جو ٻج ۽ ٻج جون کلون به حڪمت جو ڀنڊار آهن . نم جو وڻ جا ٻه قسم پڻ ٿيندا آهن هڪ نر ۽ ٻيو مادي ، نر نم جي قسم منجهان ڪڏهن ڪڏهن مستي جي صورت ۾ پاڻي به وهندو آهي .جيڪو پڻ حڪمت طور ڪتب آندو ويندو آهي هن وڻ جي کونر به حڪمت منجهه ڪم آندي ويندي آهي .نم جي وڻ جي ماکي به نهايت اڪسير صفت سمجهي ويندي آهي .هن وڻ نم جي عمر اندازن (هڪ هزار ) سال ٿيندي آهي . نم جو وڻ ڏکڻ ايشيا جو نهايت اهم ترين وڻ آهي .هي وڻ گهڻ فائدن جي ڪري اڪثر گرم ملڪن منجهه تمام گهڻو مشهور ۽ معتارف ٿي چڪو آهي .هن وڻ نم جا پن ٻه کان اڍائي انچ ڊگها ۽ انهن جون ڪناريون پاسن کان ڪارائي جيان ڏنديدار يا چهنبدار پڻ ٿين ٿيون .نم جي وڻ جو ٻور به نهايت ماکي جيان خوشبودار پڻ ٿيندو آهي . نم جي وڻ ۾ اهيا به خاصيت آهي ته هن وڻ جا پڻ گهٽ ڇڻندا آهن جنهن سبب جي ڪري هي وڻ سڄو سال ڇانور ڪيون بيٺو هوندو آهي ، نم جي وڻ جي واڌ ويجهه يا ڦوٽهڙو بهار جي موسم ۽ برسات جي موسم منجهه وڌيڪ ٿيندو آهي . گرم علائقا نم جي واڌ ويجهه لاءَ نهايت موزون هوندا آهن. نم جو وڻ بارش کان بغير به گرم ۽ خشڪ موسم ۾ سهپ جي طاقت پڻ رکي ٿو .نم جو وڻ برفاني علائقن يا تمام سرد ي وارن علائقن ۾ نٿو ٿئي .مگر نم جو وڻ خشڪ وارياسي ۽ ڪلراٺي يا تمام سخت زمين منجهه ٻين جي ڀيٽ ۾ سٺي واڌ ويجهه پڻ ظاهر ڪندو آهي .هن وڻ نم جي طبي يا صنعتي لحاظ کان اهميت تمام نرالي ۽ اهم پڻ آهي ڇو جو هي ڪمائتو وڻ پڻ آهي .هن وڻ نم جو هر هڪ حصو يا (جزو) نهايت ڪارائتو آهي انهن ۾ پاڙ، ٿڙ پن ، گل ، يا ٻور ، يا ڦل نموريون منجهان ملندڙ ڌار، ڌار قسم جا ڪيميائي جزا طبي ۽ صنعتي ۽ معاشي لحاظ کان تمام اهم پڻ آهن . نم جي وڻ جو تيل نهايت ڪارائتو پڻ آهي هن جي نمورين جا گورا ڌار ڌار۽ صاف ڪري گهاڻي يا مشين وسلي هن مان تيل حاصل ڪيو ويندو آهي جيڪو صابڻ ، ڏندن صاف ڪرڻ واري پيسٽ ، ڀاڻ ، مکڻ واري تيل ، سونهن وڌائڻ يا سينگار لاءِ ،انکانسواءِ جيت مارڻ جي دوائن ۽ ٻارڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي . ٻئي طرف نم وڻ جا ڪافي مرڪب انساني صحت لاءِ نهايت مفيد آهن .جيڪي جيوڙن ، وائرس ،۽ سنيئور کي جلدي ختم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا .نم جي وڻ جي پنن ۾ هڪ اهڙو به جزو آهي ،جيڪو سرطان ڪينسر پيدا ڪندڙ غذائي جزن کي تباهه (ناس) ڪري ڇڏي ٿو .نم جي پنن منجهه ڪجهه ڪيميائي جزا جيتن کي ويجهو اچڻ نٿا ڇڏين . اهو ئي سبب آهي جو نم جي پنن کي چانور ، ڪڻڪ،يا ٻئي ڪنهن اناج جي حفاظت کاءِ عام ديسي طريقو ڪتب آندو وڃي ٿو .نم جي وڻ جي ڪا ٺي ڪافي مقصدن لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي .نم کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻارٻ طور ڪتب آندو وڃي ٿو .هن نم جي وڻ کي دنيا جي تمام گهڻ ملڪن جي بيابانن صحرائن اندر هوا جي روڪيا ڪٽاءِ کي روڪڻ لاءِ نم جا وڻ قطارن۽ هڙين جي شڪل ۾ پوکيو وڃي ٿو هن سلسلي صوماليا ۽ ماريطانيه جا ملڪ تمام گهڻا اڳڀرا آهن .انکان علاوه نم جو وڻ عربستان جي مڪي شريف جي علائصي منجهه وڻڪاري ۽ طبي، گرمي کان بچاءَ ۽ ڇانو لاءِ پوکيا وڃن ٿا .سعودي عرب کان علاوه اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي هر علائقي منجهه نم جي وڻ کي پوکيو وڃي ٿو .سونهاري سنڌ جي ٿر واري علائقي اندر پڻ نم جي وڻن کي ڇانوري لاءِ پڻ جهجهي انداز ۾ پوکيو وڃي ٿو .نم جي وڻ کي هوا صاف ڪرڻ جو پيٽر چيو وڃي ٿو نم جي وڻ جا طبي فائدا هي سدا بهار وڻ هوا صاف ڪرڻ ۽ ڇانون ڏيڻ جي تمام گهڻي صلاحيت رکي ٿو .نم مليريا، دستن جي بيماري کان محفوظ رکي ٿو ،هن وڻ جا پن ۽ گل گهاٽي رت کي صاف ڪندا آهن .آتشڪ ياد فرنگ جي ڦٽن، يا انساني جسم جي کل جي خارش ، ڦرڙين ، جذام، ڪوڙهه، چٽي جي داغن کي نهايت بهترين نموني صفا ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو .هن وڻ جي ڇون کي ڪٽي سنهو ڪري استعمال ڪجي ته سندن جي سور لاءِ نهايت ڪارائتو پڻ آهي .هن وڻ جي نمورين جو تيل کل جي ڦٽن ۽ ڪيئن (جيتن ) مارڻ لاءِ نهايت مفيد پڻ آهي . نم جي وڻ جي پنن کي گرم ڪري جوش ڏيڻ بعد ان جو پاڻي زخمن ، ناسور وغيره ڦٽن ،ڦرڙين کي صاف ڪرڻ لاءِ بطور لوش پڻ ڪتب آندو وڃي ٿو .جيڪڏهن ڪنهن به انسان جا وار ڪرڻ شروع ڪن ته نم جي پنن کي گرم پاڻي ۾ جوش ڏئي بعد ۾ اهو پاڻي وارن کي صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ته سندس وار ڪرڻ کان بچي پوندا ۽ وارن منجهه نشونما پڻ بهتر ٿيندو رهندو.۽ نوان وار پڻ پٽڻ شروع ٿيندا آهن هن جو تيل باقاعده استعمال ڪرڻ سان وارن جي جوءِن جو پڻ خاتمو ڪري ڇڏيندو آهي .نم جو ڏندڻ ڏندن کي صاف ڪري ٿو ۽ وات منجهه بد بوءِ به ختم ڪري ٿو نم جي ڏندڻ ڏيڻ سان ڏندن صاف ۽ مظبوط ٿين ٿا .نم جو ڏندڻ روزانه پنج وقت ڏيڻ سان ڏندن جي سور جو پڻ خاتمو ٿئي ٿو . ۽ هن جي استعمال ڪرڻ سان انسان وات منهن جي انفيڪشن کان پڻ محفوظ رهي ٿو . نم جو وڻ جراٽيم جي خلاف جي صلاحيتن سان مالامال پڻ آهي .جيڪو انساني ذات لاءَ پڻ نهايت مفيد آهي ڇاڪاڻ ته نم کي هڪ بهترين جراثيم مار دوا طور مڃيو وڃي ٿو . نم جي وڻ کي طبي طور ڪيترين صدين کان استعمال ڪيو پيو وڃي هن نم جي وڻ کي سائنسدان ،حڪيم ، ۽ ڊاڪٽر نهايت مفيد وڻ سمجهن ٿا نم جو وڻ ماحول دوست پڻ آهي . هن وڻ لاءِ سنڌي زبان منجهه پهاڪا تمام گهڻا مشهور پڻ آهن . نم اڌ حڪيم آ، نم جون ڇانون، سيدن جو دعائون .،نم جو ٻور ، هر بلا دور ،نم جو ڪاٽ ، اڏوهي کي مات ، جتي اڪ ۽ نم هجي ،اتي حڪيم جي ضرورت نه آ. نم وڻ لاءِ ڪنهن شاعر پنهنجي شاعري ۾ فرمائي ٿو ته ليما ،انب.،نمون، ٽاريون، باغن ۾ تون سان ڪئين ،ڪيان ڳالهيون خوابن ۾ آئون ڪنيئن سيج سمهان ، منهنجا ماروئڙا پڌر پٽ سمهن. . Ibrahim lashari warah