غلام مصطفيٰ سولنگي هڪ آڌ واريا سوروڊ ڄاتل سڃاتل منزلن کان لنگھندو ان هنڌ تي پهچائي ٿو، جتي انسان وقت کان ڪٽجي ڪجھه گھڙين لاءِ سڪون ماڻي ٿو. ها! ان هنڌ کي ڪارونجھر جبل سڏيندا آهن نگر پارڪر جي چوڌاري ڪارونجھر جبل هڪ خواب آهي، هڪ حقيقت آهي. ماڻهو اڃا ٿر جي مخصوص خوشبوءِ مان دامن ڇڏائي ئي مس ٿو ته وري ڪارونجهر جي جادوءَ ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. ڪٿي ٿر جي ٺوٺ ڌرتي ۽ سڪل سڙيل وٽ ۽ ٻوٽا ۽ ڪٿي وري ڪارونجھر جبل جا چمڪندڙ پٿر ۽ مٺي پاڻيءَ جون نديون عجيب لقاءُ آهي قدرت جو! هڪ ٿري شاعر واه جو چيو آهي ته جنهن هڪ ڀيرو ڪارونجھر جي حسن کي محسوس ڪيو سو موت کان اڳ ڪارونجهر کي ڇڏي نه ٿو سگھي ڇو جو ڪارونجھر هڪ جبل ئي نه پر هڪ جادو آهي ۽ اتي مورن جي گيتن جا گونجندڙ پڙاڏا هن جبل جي سونهن کي اڃا به ٻيڻو ٿا ڪري ڇڏين ڪارونجھر حقيقت ۽ ڏند ڪٿائن جو جبل آهي. قديم جبل هئڻ ڪري ڪارونجھر ديومالائي پس منظر رکي ٿو، جين مندرن، گرينائيٽ جي ذخيرن ۽ اڻ لڀ جڙين ٻوٽين جي ڪري هن جبل جي هڪ خاص اهميت پئي رهي آهي. ارضيات جا ماهر ٻڌائين ٿا ته هن ڌرتيءَ جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ جيڪي پهريان جبل امان ڦٽي نڪتا، تن ۾ ڪارونجهر جبل به هڪ آهي. ڌرتيءَ جي ڄمار ساڍا چار ارب سال ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪارونجھر جبل جي عمر اٽڪل اڍائي ارب سال ڪٿي وئي آهي. قدرت جو شاهڪار ڪارونجھر جبل سنڌ جي اوڀارين ڏاکڻي سرحد تي موجود آهي. هن جبل جي ڊيگهه 26 ڪلو ميٽر آهي. هي سڄو جبل ننڍين وڏين گرينائيٽ پٿر جي ٽڪرين تي مشتمل آهي. سندس دامن ۾ نگرپارڪر جو شهر آباد آهي. ڪارونجھر جي مٿاهين چوٽي سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي. ان چوٽيءَ کي ”تروٽ جي چوٽي“ سڏيو وڃي ٿو. ان چوٽيءَ تي هڪ جهنڊو لڳايو ويو آهي، برطانوي دور جي ڪرنل تروٽ ان چوٽيءَ تي درٻار لڳائيندو هيو. اصل ۾ ڪارونجھر جبل هڪ ٻرندڙ جبل آهي، جنهن مان اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن ڌماڪا ٻڌجڻ ۾ ايندا آهن. چاچو نواز علي کوسو ٻڌائي ٿو ته انهن ڌماڪن ڪري اسان ڇر ڀري جاڳي پوندا آهيون. هن جبل جي مٿان سدائين هلڪي دونهين جو دُڦُ يا رائو نظر ايندو آهي. اها هڪ گئس آهي، جيڪا هن جبل مان لاڳيتو نڪرندي رهي ٿي. شايد ان گئس جي ڪري ڪارونجھر جبل جي پاڙ ۾ اڏيل نگر پارڪر شهر مٿان ڪڏهن به ماڪ نه پوندي آهي. اتي جي آبهوا بيهد صاف آهي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي بوءِ وغيره ڪونهي. البته هوا بند ٿيڻ وقت سان کڻڻ ڪا اوپري هلڪي بوءِ محسوس ٿيندي آهي. ڪارونجهر جي ڪري سڄي نگرپارڪر جو پاڻي مٺو آهي. ڪارونجهر جبل سنڌ جي اولهه ۾ موجود کيرٿر پهاڙن، سيوهڻ ويجو لڪي جبلن، حيدرآباد جي گنجي ٽڪر، روهڙي، ڪوٽڏيجيءَ ۽ ڪراچيءَ جي ٽڪرين اکن گھڻو مختلف اهي. ڪارونجھر جا پٿر اڌ تر اڇا يا آهيڙا نه پر گول گول آهن ۽ پري کان ائين نظر ايندا آهن ڄڻ گاري جو ڪوڏر وارو لپو اونڌو پيو آهي. ڪارونجھر جي هر هڪ ڇپ جي الڳ الڳ شڪل ٿئي ٿي. هي جبل سنڌ جي ٻين جبلن وانگر ٽوڙهو جبل آهي، البته ٿر ۾ جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي تڏهن وليون ڪارونجھر جبل جي وڏين وڏين ڇپن کي به وڪوڙي وينديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪارونجھر ساوا هار پاتا آهن. قدامت سبب ۽ ٻرندڙ جبل هئڻ ڪري يا ٻين ڪيترن پيچيده سائنسي سببن ڪري ڪارونجھر جبل جو پٿر سنڌ جي ٻين جبلن جي پٿر کان گھڻو سخت آهي. حقيقت اها آهي ته پٿر جي سختي ان جي حيثيت طئي ڪندي اهي هيرو دنيا ۾ سڀني پٿرن کان سخت آهي. ارضيات جي ماهر سخت پٿرن جا ڏهه قسم ٻڌايا آهن. انهن مان ڏهين قسم جو پٿر هيرو يعني ڊائمنڊ آهي، جڏهن ته گرينائيٽ اٺين نمبر تي اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گرينائيٽ پٿر سڄي دنيا ۾ عمارت سازيءَ لاءِ بهترين سمجھيو ويندو آهي. ڪارونجھر جبل جو جملي پٿر گرينائيٽ آهي، جنهن ۾ رنگين جو حسن دنيا جي ٻئي ڪنهن گرينائيٽ ۾ شايد ئي هجي. هونئن جبل کي ڪارونجھر ان ڪري به چيو ويندو آهي. جو ان جي پٿر ۾ ڪارو جـُھر يا ڪاري جھرِ ٿيندي آهي، پر وجھي کان وڃي ڏسبو ته ڪارونجھر جي گرنائيٽ پٿر ۾ ڪارو، اڇو، پيلو ۽ ڳاڙهو رنگ مختلف ٽٻڪن جھڙن چٽن سان ملندو. ڪارونجھر جي هسن جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور اهي. سنڌ ۽ گجرات جي ڪيترن ئي وڏن وڏن شاعرن هن جبلن جي سونهن کي سڏونت ۽ سارنگا، هوٿلِ پري ۽ ڄام اوڍي ، ڀيرو ۽ گاوڙي، موندر جي سَتيِِ ڦول جا داستان ازبرياد آهن. چوندا آهن ته هن سهني ۽ راحت بخش جبل تي پريون رهنديون هيون. هوٿل پري ڄام اوڍي موهت ٿي پپئي ۽ پوءِ ڪارونجھر ۾ رهي پئي هئي. بعد ۾ وري پنهنجي پريتم اوڍي سان شادي رچائي هيائين ۽ کيس ٻه پٽ به هتي ئي ڄاوا هئا. انهن سڀني لوڪ داستانن جو تعلق هن ئي من موهڻي جبل سان آهي. مذهبي لحاظ کان پڻ ڪارونجهر جبل هڪ شاهوڪار پس منظر رکي ٿو. هتي جين ڌرم جو رشي پارس ناٿ تپسيا ڪري ويو آهي. هن جبل ۾ هندو ڌرم جا 108 تيرٿ آهن، ان کانسواءِ جين ڌرم جا عاليشان عمارت سازيءَ وار مندر گھڻي حد تائين ڦٽل صورت ۾ موجود آهن. ڪارونجھر جي دامن ۾ واقع مندر هي آهن. پوڏيسر مندر هڪ ڀوڏيسر مندر ٻيو ڀوڏيسر مندر ٽيون جين مندر چوٿون ڪارومندر، جيڪو نگرپارڪر شهر جي ٻاهران هڪ مٿانهين هنڌ تي ڪارونجهر جي هنج ۾ واقع آهي. ڪاونجھرس جبل تي ڪيئي قديم آستان ڏسڻ جھڙا ۽ پانڊوئڻ جي نالن سان آهن، جڏهن پانڊوئن تيرهن سال بنواس پي ڀوڳيو تڏهن ڪجھه سال سنڌ ۾ هن جبل تي اچي رهيا هئا، جو ڪن هنڌن کي”ڀيم گوڏو“ ”ڀيم تلاءُ“ ۽ ”ارجن ٻاڻ“ وغيره ڪوٺيندا آهن. گئومک، سارد روم ۽ انچلسريا نالي تي تيرٿ به هن ئي جبل تي آهن. هڪ مقامي چوڻي مشهور آهي ته” ڪارونجھر جبل روزانو سوين سير سون ڏيندو آهي“ ان چوڻيءَ مان هن جبل جي معاشي اهميت جو پڻ اندازو ڪري سگھجي ٿو. هن جبل ۾ گرينائيٽ جا ذخيرا ته آهن ئي آهن، پر ڪيترائي اهڙا ٻوتا به آهن، جن جي طبي اهميت مڃيل آهي. انهن ٻوٽن ۾ کوکر، ڳڻ ول، ستا واڙي، جھنگلي بصر، شِوِ جا تي، اٺ ڪنٺي گھڻو اهم آهن، پر انهن سڀن مان گوگارو ٻوٽو نهايت ڪارائتو آهي. ان ٻوٽي مان کونئر حاصل ٿيندي آهي، جيڪا هن وقت ٽيهن هزارن ۾ هڪ ڪلو وڪامي ٿي. ڪارونجھر ۾ ٻين ٻوٽن سان گڏ ٿوهر جو ٻوٽو به جام ٿئي ٿئي، هن ٻوٽي کي ٿُڙُ ڪو نه ٿئي، رڳو ڪنڊن واريون ٽاريون يا ڳنيون ٿين. هونءَ ته هي قدرتي طرح پيدا ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن پوکجي ته هن جو قلم لڳي سگھجي ٿو. هن جي ٽاري ڀڃڻ سان منهنجانس اڇو کير نڪرندو آهي، جيڪو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي ۽ خاص ڪري جانورن جي ڀڳل عضون ٻنڌ ڏيڻ وقت لڳائيندا آهن. ٿوهر جو اڇو کير هٿ يا پير ۾ لڳل ڪنڊي کي لڳائين ته ڪنڊو آسانيءَ سان نڪريو اچي. ٿوهر جا ڪچا پن صبح جي پهر کٽاٿين، تنهن ڪري ڏوٿي ماڻهو ڏٿ برابر استعمال ڪن. ڪو دور هيو، جڏهن ڪارونجھر جبل ۾ جين ڌرم جا پوئلڳ پيرين اگھاڙي گھمندا وتندا هئا، کين ڪو جانور يا پکي پرنگ نظر ايندو هو ته اهي ڄاڻي واڻي ان کان پري رهندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو جهنگلي جيوت خوب وڌي ويجھي ڪنهن زماني ۾ هتي ڪار وڇون جام هوندا هئا بوگھيءَ نالي هڪ خطرناڪ زهريلو نانگ به هتي رهندو، ان وڇونءَ ۽ نانگ جو ڏنگيل اڦٽ مري ويندو هو. ڪارونجھر جبل ۾ هرڻ به جام رهندا هئا، جيڪي رڻ ڪڇ کان سرحد ٽپي هتي ايندا هئا، اهي ويچار شڪار ٿي ويا ۽ هاڻي ته ورلي ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ هڙڻ نظر ايندو گدڙ ۽ بگھڙ به باقي وڃي بچيا آهن. البته مور ڳچ تعداد ۾ موجود آهن. برسات جي مند ۾ هن جبل تان اٿاهه پاڻي لهندو آيه، جنهن سان چئو طرف ڪيئي تلاءَ ٽمٽار ٿي ويندا آهن ۽ ٻه نديون به وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن. تلائن ۾ اڪثر ٻارهن مهينا پاڻي رهندو آهي، پر ڪن ٿورن ۾ ڇهه اٺ مهينا رهندو آهي. ڪارونجھر جبل ۾ کيرٿر وانگي هڪ سلسلو آهي، ان سلسلي جون ڏهه ٽڪريون آهن 1 چڻيزن جي ٽڪري 2 راڻ پورجي ٽڪري 3ساڏو ڻوس جي ٽڪري ڍيڍ ويري جي ٽڪري 6 ڏاتي جي ٽڪري چوڙيءَ جي ٽڪري ڀورائي جي ٽڪري 9 کارس جي ٽڪري 10 ساڪري ويري جي ٽڪري اهي سڀ ٽڪريون گرينائيٽ پٿر جون آهن.