• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت تي هڪ نظر ... تجزيو

Dr. Asif Jamal Charan

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو
اپريل 2009 ڏهاڙي هن سنڌي لوڪ گڏجاڻي (سنڌ سلامت) جو وجود عمل ۾ آيو. باني رشيد سمون ۽ سندس ساٿارين هن سلي کي عوام آڏو آندو ۽ ان عوام هن سلي کي وڻ (سو به ميويدار) جي صورت ۾ قائم ۽ دائم رکيو آهي. هنن سٽن جي لکڻ مهل سنڌ سلامت تي 4 هزار کان وڌيڪ رڪن شامل ٿي ويا آهن. تحريرون جي ڳالھ ڪيان ته انهن جو تعداد 1 لک 42 هزار ۽ 420 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته موضوعن جو تعداد به 25 هزار کان مٿائون آهي. دنيا جا تقريبا سڀ موضوع بحث هيٺ اچي چڪا آهن ۽ ڪن ته اڃا ڪم هلي پيو. پنهنجي وجود ۾ سنڌ سلامت نج سنڌي ڪاوش آهي ۽ جس لهڻي هن ڪاوش کي هلائيندڙ بي باڪ صابرين سٿ پنهنجي وسان ڪجھ به نه گهٽايو آهي. تنهن هوندي به تنقيدون تعاريفون ۽ صلاحون کين ملنديون رهنديون آهن.
سنڌ سلامت جي هن جنم ڏڻ جو حوالي ساڻ هي موضوع مون مارچ ۾ لکي ڇڏيو هو ۽ هن جي مهاڳ (ابتدائي اکر) بابت سائين رشيد صاحب کي عرض به رکيو هئم ته لکي ڏجو پر سائين ڪن مصروفيتن سبب ائين نه ڪري سگهيا سو جهڙو تهڙو، حال توهان آڏو آهي. هي ڪنهن به پاسي کان تنقيدي مواد ناهي. هڪ تجزيو آهي. هڪ ننڍڙي ڪاوش آهي. هڪ صلاح آهي. سنڌ سلامت تي موجود ڪجھ اکرن کي انگريزي واري طريقي سان لکيو ويندو رهيو آهي. ان بابت مون پاڻ پنهنجي ليکي انهن انگريزي اکرن جون سنڌي معنائون هٿ ڪيو آهن ۽ جيڪي نه ملي سگهيون آهن تن جا هٿرادو نالا ٺاهيا اٿم سو توهان سڀني دوستن کي هن ۾ شرڪت جي دعوت به ڏيان ٿو توهان سڀني دوستن کي اڳيان توهان به اهڙي قسم جي دليلي ڪم ڏئي سنڌ سلامت جي سٿ جي همٿ افزائي ڪري سگهو ٿا. منهنجي غلطين جي درستگي به ڪري سگهو ٿا. آ شڪر گزار رهندس.
خوش هجو آباد هجو .... چارڻ
موضوع لا هن لنڪ تي اچو سنڌ سلامت تي هڪ نظر


(لوڊنگ خاطر ٿورو انتظار ڪريو..........)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڊا ڪٽر صاحب جي محنت ته لاجواب آهي ان موضع کي سڌو سنئون شيئر ڪيو هان ته بهتر هيو


لاجواب ڪوشش
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين لک لائق
سائين سڌو سنئون نشر ڪرڻ لا به حاضر آهيان پر سڌي ريت موڪلڻ سان مواد اڳتي پٺتي ٿي پي ويو ان لا هن طريقي جو سهارو ورتو اٿم.
 
توهان جي محنت کي سڌو سئون سنڌ سلامت تي ئي ڏيکارڻ جي قابل بڻايو ويو آهي... :)
ساٿين جي ٽيڪا ٽپڻي کان پوءِ پنهنجي راءِ ڏبي... :)
 
تمام بهترين سائين، لک وڌايو. سنڌ سلامت هڪ سهڻو ۽ من موهيندڙ پليٽ فارم آهي سنڌ واسين لا . اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن.
 
افضل اشغال خدمت الناس ( سڀ کان سٺو ڪم انسانن جي خدمت ڪرڻ آهي)
”سنڌ سلامت تي هڪ نظر“ پڙهڻ سان معلوم ٿيو ته اوهان جي محنت قابلِ تحسين آهي، مان صرف اوهان کي”ان باڪس“ لا را ڏيان ٿو، جنهن لا اوهان لکيو آهي ته ان جو نعم البدل لفظ سنڌي ۾ ناهي. ان باڪس جي جا تي سنڌي ۾ ” خاني ۾“ لفظ استعمال ٿي سگهي ٿو.
 
هيءَ موضوع الاءِ ڇو نظر مان نه گُذريو. بهرالحال اڄ تفصيلي طور جائزو وٺي هر ڳالهه تي غور ڪيو.
سڀ کان اڳ ته خوشي ٿي ته گهڻي ڀاڱي هن فورم (جيڪو يقين انتهائي زخيم آهي) جو ترجمو نه رُڳو فني طرح پر لکت ۾ به ذيشان رشيد پنهنجي سر ڪيو آهي. ايڏي وڏي فورم کي مُڪمل سنڌي رنگ ۾ رنڱڻ کان پوءِ Dr. Asif Jamal Charan کي وڏي غور و فِڪر کان پوءِ ڪُل 18 لفظ ئي مليا جيڪي يا صحيح ترجمو ٿيل ناهن يا وري سڌو سنئون انگريزي ۾ آهن. ان مان اندازو لڳايو ته سؤ فيصد رضاڪارانه ڪيل رشيد جي محنت ڪيتري قدر قابلِ داد آهي. ايئن به ناهي ته انتظاميه انهيءَ حوالي سان فڪرمند ناهي. سليمان وساڻ سان به ڪافي دفعا ان تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هڪ دوست سان به ذڪر ٿيو تنهن چيو اوهان مون فورم جي ترجمي جو ڪم ڏيو. آئون اوهان جي مدد ڪندس. پر جيئن ته هرڪنهن کي ذاتي مصروفيتون به گهڻيون آهن تنهن ڪري شيون عمل ۾ ايندي وقت وٺن ٿيون.
هاڻي اچون ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل تجويز طرف. هونئن ته ڪو ٻوليءَ جو ماهر ئي انهيءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ته ڀلو ٿئي پر افسوس جو سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو فعال ناهي يا وري دلچسپي به نه اٿن.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي لفظ هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ وقت جيڪڏهن ساڳيا رکيا وڃن ته اُهو مفهوم ناهي ايندو جيڪو ڏيڻو آهي.
1. Alert لاءِ اطلاع جو لفظ موزون نه هُجڻ جو چيو ويو ۽ خبرداري لفظ تجويز ڪيو ويو آهي. جيئن سائين پاڻ چيو ته اطلاع جو لفظ تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن کي ڪُجهه ٻُڌائڻو هُجي. اُهو ان تي ڌيان ڏي نه ڏي سندس مرضي. ڪو زور بار ناهي. هتي به ايئن ئي اطلاع جو لفظ اصل ۾ فيس بُڪ جي لفظ Notifications جي نسبت سان ورتل آهي. جيڪڏهن انگريزي فورم تي لفظ Alert آهي ته اها انهن جي غلطي آهي نه ڪي سنڌ سلامت جي. هتي جيڪو مفهوم ۽ مقصد طاهر ڪري سو لفظ اطلاع ئي موزون آهي.
2. Inbox تي پنهنجي راءِ ڏني وئي آهي جيڪا بلڪل مڃڻ ڄوڳي آهي. انباڪس انگريزي لفظ آهي. جيڪو اي ميل ۾ استعمال ٿئي ٿو. جيئن ته مددگار ڊڪشنريز (ڊاڪٽر صاحب پاران استعمال ڪيل) مان ڪنهن ۾ به انهيءَ لاءِ ڪا مدد نه ملي ۽ ظاهر آهي اهو ئي سبب آهي ته رشيد صاحب کي به ڪو مناسب لفظ نه ملي سگهيو. منهنجي خيال ۾ ٽپال پيتي، چٺي ٻه اهڙا لفظ آهن جيڪي ڏيئي سگهجن ٿا يا ذاتي پيغام به ڏيئي سگهجي ٿو جيئن فيس بُڪ تي به انهيءَ لاءِ ميسيج جو لفظ آهي.
3. ميمبر لاءِ پڻ وڏي وقت کان بحث هلندڙ آهي. اصل ۾ رُڪن لفظ انهيءَ لاءِ موزون سمجهيو ويو جو ان سان گڏ نئون، پراڻو، فعال، غير فعال پڻ استعمال ڪرڻا هوندا آهن. اهي لفظ ٻيلي سان گڏ نه ٿا ٺهڪن. مثال طور نئون ٻيلي، پراڻو ٻيلي، فعال ٻيلي ۽ غير فعال ٻيلي. وري به ساٿي لفظ بهتر ٿو لڳي.
4. Notable Member پڻ مٿين ڳالهه سان لاڳاپيل آهي. ان لاءِ ناميارو ساٿي يا فعال ساٿي جا لفظ مُناسب رهندا.
5. Current visitor لاءِ تجويز ڪيل لفظ حاضرين بلڪل صحيح لفظ آهي.
6. Recent Activity لاءِ تازه ترين سرگرمي جو لفظ هو. ڊاڪٽر صاحب اهو خالي ڇڏيو آهي.
7. Forum لاءِ به ڪا تجويز ناهي.
8. Search به امري لفظ آهي. ڳولا بدران ڳوليو وڌيڪ موزون آهي جيڪو جلد ئي تبديل ڪيو ويندو.
9. مرڪزي صفحو به لڳ ڀاڳ ساڳي مفهوم ڏي ٿو. سرورق ۽ مرڪزي صفحو جي مفهوم ۾ ڪو خاص فرق ناهي.
10. منهنجي نظر ۾ موٽ ۽ جواب بجاءِ ”راءِ ڏيو“ بهتر رهندو. ضروري ناهي ته هر تحرير سوال هُجي جو ان ۾ جواب يا موٽ ڏجي. راءِ ڏيڻ ۾ سڀ شيون شامل ٿيو وڃن. ٻيو ته هڪ نئين استعمال ڪندڙ کي هڪ ئي لفظ ۾ اهو به سمجهائڻو هوندو آهي ته هو سمجهي وڃي ته انهيءَ ٽئب تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڇا ٿيڻو آهي. اهو ئي سبب آهي ته وس ڪري اهڙا لفظ چونڊ ڪبا آهن جيڪي مفهوم به ڏين ته عام استعمال ۾ به هُجن.
11. تازه ترين کي اڳ ۾ ئي نيون تحريرون ۾ بدلايو ويو آهي.
12. راءِ ڏيو ۾ موڪليو لفظ جو توڙ پاڻ مرادو ملي ويندو.
13. موضوع لفظ وڌ کان وڌ متنازع رهيو آهي. Post لاءِ لفظ اڃان ناهي مليو. منهنجي نظر ۾ پوسٽ لاءِ لفظ تحرير ۽ جوابن لاءِ هن وقت استعمال ٿيندڙ لفظ ”تحريرون“ کي ”رايا“ ۾ بدلائجي.
14. Title لفظ هن وقت ڪٿي استعمال ٿي رهيو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ان لاءِ لفظ عنوان ئي بهتر ئي آهي.
15. Discussion لاءِ بحث مباحثو ئي بهترين تجويز آهي.
16. Views لاءِ ”ڏٺو ويو“ لفظ صحيح آهي پر اهو هن وقت فورم ۾ ڪٿي استعمال ٿي رهيو آهي.
17. Section هي واقعي اهڙو لفظ آهي جنهن لاءِ تجويز ڪيل لفظ ڀاڱو يا وري حصو استعمال ٿي سگهن ٿا. پر اڃان به ڪو وڌيڪ سُٺو لفظ هُجي ته بهتر.
18. Messages انهيءَ لاءِ نياپو لفظ صحيح رهندو.
 
محترم عبدالحفيظ صاحب، مون کي ته اوهان جي طرفان ڪيل کوج ۾ ڏاڍو مزو آيو. جيڪو ڪم ڪنهن سرٽيفڪيٽ يافته لسانيت جي ماهرن کي ڪرڻ گهرجي اهو ڪم اوهان پيا ڪريو. اوهان جي ان ڳالهه سان متفق ته ”وس ڪري اهڙا لفظ چونڊ ڪبا آهن جيڪي مفهوم ڏين ته عام استعمال ۾ به هجن“ منهنجي خيال ۾ دوستن وٽان ملندڙ راين تي غور ويچار ڪرڻ بعد جيڪو موزون لفظ لڳي ۽ استعمال ۾ اچي ۽ پو پروڙ پوندي ته اهو لفظ ڪيتري قدر مروج ٿئي ٿو.اهڙي وسيعت ٻولين ۾ ٿيندي آهي.ان سلسلي جي ارتقا ۾ داخل ٿي چڪا آهيو. نتيجا بهتر ملندا ويندا. اوهان جي همتن کي داد ڏيڻ کان سوا رهي نٿو سگهجي. في الوقت ”پوسٽ“ لفظ لا به منهنجي را ساڳي آهي جيڪا اوهان جي آهي. مون را ڏني هئي ته انگريزي لفظ ”ان باڪس“ کي سنڌي ۾ “ خاني۾“ به استعمال ٿي سگهي ٿو. اوهان ان لا” ٽپال“ ۽ ” چٺي“ به ڏسيو. اها ڳالهه به وزن واري آهي. اصل ڳاله استعمال جي آهي ۽ پو ڏسڻ جي آهي ته لفظ ڪيتري قدر مروج ٿئي ٿو. جلد هضم ٿئي ٿو يا نه؟
 
دوستن طرفان تفصيلي مباحثي جي مهرباني...
مٿي رڪن بحث دوران اها ڳالهه بار بار ورجائي رهيا آهن ته فلان انگريزي لفظ جو سنڌي ۾ هي ترجمو هجڻ گهرجي... هالانڪه مون اڳ به ان بابت واضاحت ڪئي هئي ۽ هاڻي به ياد ڏياريندو هلان ته سنڌ سلامت جو ترجمو ڪرڻ وقت مون انگريزي لفظن جي هوبهو معنا رکڻ بجاءِ رڪن لاءِ سنڌي دوستانه ماحول کي سامهون رکيو آهي... ايسيتائين جو ڪاٿي ته انگريزي لفظ جو سنڌو ترجمو ڪرڻ بجاءِ بلڪل مختلف ترجمو ڪيو آهي.. جهڙوڪ Conversation کي ڪچهري ۽ Credit کي پاولي ڪري پيش ڪرڻ...
ان ڪري دوست صلاحون پيش ڪرڻ وقت بجاءِ سڌو سئون انگريزي جو سنڌي ترجمو رکڻ جي سنڌي دوستانه ماحول کي سامهون رکن...

دوستن جي صلاحن کان پوءِ محترم Dr. Asif Jamal Charan جي محنت ۽ سنگت جي مشورن کي سامهون رکي هڪ الڳ زبان “قديم سنڌي” نالي سان فورم ۾ شامل ڪئي ويندي .. پر ان لاءِ ڪجهه وڌيڪ اصلاحن جي ضرورت آهي...

لک لائق
 
Back
Top