هڪ شخص ڪنهن صوفي وٽ ويو ۽ ان وٽ الله جي وصال جو طلبگار ٿيو. صوفي ان وقت وهنجڻ خاطر دريا ڏانهن وڃي رهيو هو. مذڪوره شخص کي پاڻ سان گڏ هلڻ ۽ وهنجڻ جي هدايت ڪئي، جيئن ئي اهو شخص پاڻي ۾ لٿو صوفي ان کي پڪڙي غوطا ڏيڻ لڳو. اهو شخص سر بچائڻ لا هٿ پير هڻڻ لڳو ۽ ڏاڍي ڪو شش کان پو ساھ کڻڻ لا مٿو پاڻي کان ٻاهر ڪڍيائين ۽ وڏا وڏا ساھ کڻڻ لڳو ۽ صو في جي پڪڙ ما ن آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، صو في ان کي ڇڏي ڏنو ۽ چيو ته " جڏهن تون ساھ کڻڻ واسطي مري رهيو هئين انهي وقت تنهنجا خيال ڪهڙا هئا"؟ ان شخص بيزاري مان رڙ ڪري چيو " خيال" منهنجي لا ته هڪ ساھ کڻڻ به وڏو هو ۽ تو ن وري منهنجا خيال پڇي رهيو آهين، ان تي صوفي چيو ته خدا کي حاصل ڪرڻ جي اها ئي رمز آهي جو جنهن وقت سڀ ڪجھ هٿان نڪري وڃي ته خدا کي ياد ڪجي.
قرآن ۾ آيو آهي جڏهن هنن جي ڪشتي ڀنور ۾ ايندي آهي ته خلوصِ دلا سان خدا کي ياد ڪندا آهن جڏهن اسان انهن جي ڪشتي پار لڳائيندا آهيون ته وري ڪفرانِ نعمت ڪندا آهن. وسلام