نرمل کوهارو علامه آءِ آءِ قاضي جون سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتون سنڌ جي سونهاري ۽ سرهي ڌرتيءَ ڪيترن نامورن عالمن، اڪابرن سچن سرويچن ۽ مڙسن مٿڀرن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، حلم، سوچ لوچ، ڏات ۽ ذات سان، هن ڌرتي واسين سان گڏ جڳ کي فائدو رسايو آهي. انساني علوم ۽ فنون کان وٺي، مذاهب عالم جي تقابلي مطالعي، فلسفي ۽ سائنس، حڪمت ۽ ادب، شاعري ۽ آرٽ، تاريخ ۽ تمدن، لغت ۽ لسانيات، منطق ۽ نفسيات، تصوف ۽ روحانيت جي عميق ۽ دقيق جزئيات تائين سندن نگاهه هئي. پيدائش: علامه آءِ آءِ قاضي جو پورو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندن پيدائش ڳوٺ پاٽ ضلعي دادو ۾ 9 اپريل 1886ع ۾ ٿي. سندن والد قاضي امام علي سندن ولادت کان ڪجهه عرصي بعد پاٽ مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهري جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. تعليم: علامه قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز مقرر ڪيو ويو، جنهن کيس قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي تعليم سنڌي، فارسي ۽ علم رياضي ۾ ڏني. انهيءَ کان علاوه ”مفتاح الصلوات“ به کيس پڙهايو. علامه صاحب 18 سالن جي عمر ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگي طور پاس ڪيو ۽ فارسي ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪيائين. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان بعد علامه صاحب عليڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ جيڪو 1920ع ۾ عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي بڻيو، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. قاضي صاحب هڪ سال بعد عليڳڙهه مان موٽي آيا ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائون. ان بعد پاڻ لنڊن 1907ع ۾ هليا ويا، جتي لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخلا ورتائون. اُتي مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمون ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا رهيا. ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائون. ڊاڪٽر آرنولڊ کان فلسفي ۾ تعليم حاصل ڪيائون. انهيءَ دوران لنڪنس ان ۾ بار ايٽ لا ۾ داخلا ورتائون. 1910ع پاڻ جرمني ويو ۽ تقريباً هڪ سال اتي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ سندن جرمن خاتمون ايلسا سان شادي ٿي. 1911ع ۾ بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري واپس وطن موٽي آيو. ڪجهه عرصي بعد قاضي صاحب ٻيهر لنڊن هليو ويو. 1932-1933ع واري عرصي ۾ الازهر يونيورسٽي جي پروفيسر شيخ گابا کان عربي جي تعليم ورتائين. شيخ گابا جو چوڻ هو ته علامه قاضي عربي وٽائنس سکيو ۽ پاڻ اسلام علامه قاضي کان سکيو آهي. 1911ع کان 1942ع تائين علامه آءِ آءِ قاضي ڪجهه عرصو سنڌ ۾ گذاريو ته وري ڪجهه عرصو انگلينڊ ۾. نوڪريون: وطن ۾ رهائش واري عرصي ۾ ڪجهه وقت ٽنڊومحمدخان ۾ مئجسٽريٽ ٿي رهيو، ڪجهه عرصو خيرپور رياست ۾ سيشن جج ۽ رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ هوم ميمبر به رهيو. انهيءَ کان علاوه ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر جي حيثيت ۾ خدمت سرانجام ڏنائين. لنڊن ۾ لنڊن اسڪول آف اورينٽل لئنگويجز ۾ اعزازي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ سنڌي ٻولي جو استاد ۽ ممتحن ٿي رهيو. انگلينڊ ۾ 1924ع ۾ قاضي صاحب هڪ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو، ”مشرقي شعر ۾ غزل جو مقام“ هيءَ مضمون هڪ ادبي پارو هو ۽ ڏاڍو ساراهيو ويو. نه صرف ايترو پر قاضي صاحب کي شعر جي انجمن (Poetry Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامه قاضي صاحب پهريان هندستاني هئا، جيڪي هِن سوسائٽي جا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيا ويا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ لڳاتار ڏهن سالن جي جدوجهد بعد 3 اپريل 1947ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي. ان وقت سنڌ يونيورسٽي رڳو هڪ الحاقي ۽ امتحاني اداري طور ڪم ڪيو هو ۽ سڄي سنڌ جي سورنهن ڪاليجن ۽ اٺهٺ اسڪولن جي امتحان جو انتطام سنڌ يونيورسٽي جي دائره اختيار ۾ هو ۽ اڃان تدريس ۽ تعليم جو سلسلو شروع نه ڪيو ويو هو. علامه صاحب جي علميت جو سڀني اعتراف ڪيو آهي. ڊاڪٽر ذاڪر حُسين، جيڪو هندستان جو صدر هو، علامه صاحب کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”زندگي جون جيڪي گهڙيون اوهان جي صحبت ۾ گذريون، سي منهنجو عزيز ترين سرماءِ حيات آهن.“ مولانا ابوالڪلام ورهاڱي کان اڳ، جڏهن ڪراچي آيو هو ته هو جناح ڪورٽس واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو هو. علامه قاضي صاحب اتي جمع جي ڏينهن ليڪچر ڏيندو هو. امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد علامه صاحب جي ليڪچر ٻڌڻ کانپوءِ علامه صاحب جي پويان جمعي جي نماز پڙهي هئي. ميمڻ عبدالغني (مڪتبه برهان واري) جي روايت مطابق علامه صاحب جن خاص طور اسلام جي بنيادي مقصد ۽ انسانذات جي فلاح بابت انجي پروگرام جي باري ۾ نهايت مدلل تقريرون ڪندا هئا، جن کي ٻڌڻ ڀانت ڀانت جا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا. علامه صاحب جن ڪجهه عرصو رهي وري انگلينڊ هليا ويا، هن ڀيري سندن قائم ڪيل ”جمعيت المسلمين“ جي عهديدارن کين خط لکيا ته اچي جماعت جي ڪم کي فروغ ڏين، انڪري قاضي صاحب پڪو پهه ڪري اُتي رهي پيا، هيڏانهن حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو، پاڪستان ٺهي ويو، سنڌ ته ڇا پوري ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ تبديلي اچي وئي. هڪدم پوري ڪايا پلٽجي وئي انهن بدليل حالتن ۾، سنڌ جي دورانديش ماڻهن قاضي صاحب کي خط لکيا ته هو هاڻي انگلينڊ ڇڏي هتي اچي رهي، جو هتان جي ماڻهن کي سندن صلاحيتن ۽ علمي لياقتن جي وڌيڪ ضرورت آهي، حقيقت ۾ قاضي صاحب جڏهن هن ڀيري انگلينڊ ويو هو ته سخت مايوسي جي حالت ۾ ويو هو، ڇاڪاڻ ته هن شدت سان محسوس ڪيو ته هتان جي رهاوسين ۾ جديد حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به اڳواڻ سوچ نه آهي، ڪا رٿابندي نه آهي، هو محض حالتن جي وهڪري سان هلي رهيا آهن، جيڏانهن واءُ گهُلي رهيو آهي، اوڏانهن منهن ڪيو آئندي کان بلڪل بيفڪر ٿيو هلي رهيا آهن، اهڙا تنبيهي خط قاضي صاحب سنڌ اسيمبيليءَ جي ميمبرن ڏانهن به لکيا، پر انهن جي سوچ ۾ تر جيترو به فرق نه آيو، حد ته اها هئي جو علامه جهڙي اڪابر جڏهن سنڌ مدرسي جي وائيس پرنسپال جي پيل خالي جاءِ لاءِ درخواست ڏني ته کين کتو جواب ڏنو ويو، پر پوءِ به ڪيترن هڏ ڏوکين جي دردمندانه خطن خاطر انگلينڊ کي الوداع چئي، سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون ۽ علم جي روشني کي عام ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا رهيا. مختلف ماڻهن جي ميل جول ۽ ذاتي مشاهدي مان علامه صاحب اهو ڄاڻي ورتو ته ننڊي کنڊ جون حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن، انهن حالتن سنڌ جي عام رواجي سماجي زندگيءَ تي تمام وڏو اثر اوس ٿيڻو آهي، لڏپلاڻ کانپوءِ هتان جي سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچڻ وارو آهي، ۽ يقيناً بازي اُهي کٽي ويندا، جيڪي حالتن جي انهيءَ تيز وهڪري جي رفتار کي پرکين ٿا، اهڙن حالتن ۾ پنهنجي ماڻهن باخبر رکڻ لاءِ علم ادب جي اشد ضرورت هئي ان لاءِ 26 ڊسمبر 1929ع تي علامه صاحب حيدرآباد مان سنڌ جي مختلف اڳواڻن کي خط لکيا ۽ سندن توجهه سنڌي عوام جي غربت ۽ جهالت طرف ڇڪايو ۽ آئنده جي حالتن کان آگاهه ڪيو. آخرڪار علامه صاحب انهيءَ نتيجي تي پهتو ته هڪ هفتيوار اخبار ڪڍڻ گهرجي، اهڙي ريت علامه صاحب سنڌ جي اهم مسئلن تي ٻين قومي اڳواڻن سان به ملندو رهيو ۽ کين مسئلن جي نوعيت ۽ حساسيت کان آگاهه ڪندو رهيو، اهڙي هڪ گڏجاڻي علامه صاحب 30 سيپٽمبر 1930ع تي قائد اعظم سان ڪئي ۽ کيس ”سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ بابت سنڌي ماڻهن جي موقف کان آگاهه ڪيو. ان دوران قاضي صاحب سائين غلام مرتضيٰ سان گڏ ٻين سنڌي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندو رهيو ۽ ڪيترن جي رهنمائي پڻ ڪندو رهيو. قاضي صاحب اهو محسوس ڪيو ته پنهنجي ديسواسين کي حالتن کان باخبر رکڻ کانسواءِ پنهنجي مسئلن ۽ مخلتف معاملن بابت پنهنجي موقف کان انگريز سرڪار کي آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ انگريزي اخبار پڻ ضروري آهي جيئن ته قاضي صاحب جون معاشي حالتون ايتريون ٺيڪ نه هيون، جو پنهنجي سر ڪا اخبار يا رسالو ڪڍي سگهي، انڪري هن کي ٻين هم خيالن دوستن ۽ سنڌ جي هڏ ڏوکين جي سهڪار جي ضرورت هئي، انهي لاءِ 21 نومبر 1930ع تي سنڌي مسلمانن ۽ دانشورن جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ انگريزي اخبار ڪڍڻ لاءِ باقاعده ويچار ڪيو ويو. سهڪار نه هئڻ جي باوجود پاڻ هڪ رسالو جاري ڪيائون، جنهن جا فقط ٽي پرچا نڪري سگهيا، ۽ اڳتي معاشي مجبورين ڪري رسالو جاري نه رکي سگهيا، انهيءَ متعلق لکن ٿا ته: ”افسوس اهو اٿم ته مونکي سنڌي مسلمانن جي ٻڏندڙ قوم جي بچائڻ لاءِ ڪو رستو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪاش! اهي وڏا زميندار پنهنجي ذاتي مفاد کي ڪجهه پاسيرو رکي قوم لاءِ ڪجهه ڪن.“ ادب ۾ اهم ڪارنامو علامه آءِ آءِ قاضي صاحب حالتن آهر ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهيو، سندن ليک مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ هتان جي اخبارن ۽ رسالن کانسواءِ يورپ جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ وڏي اهميت ۽ رڄ ڌڄ سان شايع ڪيو، ڪن اخبارن ۾ سندن مستقل مضمون شايع ٿيندا رهيا. علامه صاحب جن مختلف محفلن ۽ سيمينارن جي صدارت ڪئي، انهن ۾ به پرمغز تقريرون ڪيائون، جن مان ڪيتريون تحريري شڪل ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، البت انهن تي تحقيقي انداز ۾ وڌيڪ ڪم ”علامه آءِ آءِ قاضي يادگار ڪاميٽي“ ڪري رهي آهي، جن ۾ علامه صاحب جون سموريون تقريرون ۽ تحرون سهيڙي وري ٻيهر شايع ڪرائڻ ۽ علامه جي زندگي بابت نظرئي کي عام ڪرڻ شامل آهي. ٻين علمي ادبي ڪمن کان علاوه علامه صاحب جو هڪ يادگار ڪم ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“ آهي، علامه صاحب شاهه جي ڪلام جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو، کيس سنڌ جي تاريخ، ريتن رسمن ۽ تهذيبي روين جي چڱي پرڄاڻ هئي، انهن حوالن سان علامه صاحب شاهه سائين جي فڪر کي سمجهيو هو. پاڻ ڪيترائي بيت شاهه جي آفاقي فڪر سان نه ٺهڪڻ ڪري رسالي مان خارج ڪري ڇڏيا هيائون. جيئن ته علامه صاحب يورپ جي جديد تنقيدي اصولن کي سامهون رکي، شاهه جي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪيائون علامه صاحب جي آڏو شاهه جي ڪلام جي پرک جا چار وڏا ماڻ هئا. 1.شاهه جي فڪر جي بلندي. 2. ٻولي. 3. سنڌي قوم جا تهذيبي رويا. 4. ڪلام ۾ رڌم يا موسيقي. انهن اصولن کي نظر ۾ رکندي جڏهن علامه صاحب پنهنجو جڳ مشهور مضمون ”شاهه- دنيا جو عظيم شاعر“ لکيو ته دنيا حيرت ۾ اچي وئي. جديد تنقيدنگاري جي حوالي سان شايد اڄ تائين اهڙو ٻيو ڪو مضمون شاهه سائين جي بابت نه لکجي سگهيو آهي. علامه صاحب جي مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ بابت جڳ مشهور عالم ۽ مهان اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”هتي انهيءَ ڳالهه جتائڻ جي ضرورت ڪانهي ته شاهه جي ڪلام جو مرتب ٿيل هيءَ متن شاهه جي وڏي ۾ وڏي عالم ۽ ڄاڻو جي گهري غور ۽ فڪر جو نتيجو آهي، علامه صاحب جي گذريل سٺ سالن کان وٺي شاهه جي ڪلام جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري شاهه جي ڪلام جي متن جي هيءُ تاليف ۽ ترتيب ڄڻ هڪ روشن دماغ مفڪر جي سٺ سالن جي گهري غور ۽ ويچار جو ثمر آهي، صرف ڪلام جي صحيح متن قائم ڪرڻ ۽ انکي صحيح طور ڇپائي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ پڻ داناءَ مولف هڪ سال کان وڌيڪ مسلسل ڪوششن ۽ توجهه کان ڪم ورتو آهي. متن جي اشاعت جي خاص خوبي اها آهي جو هن ۾ شاهه جي ڪلام جو، نفس مضمون توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان گهرو مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ انکي انهيءَ جي فطري ترتيب موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنهن جو شاهه جي زندگي جي جدا جدا منزلن سان مناسبت ۽ مطابقت جو امڪان آهي. انهيءَ لحاظ کان هيءَ اشاعت اڳين مڙني ڇاپن کان اتم ۽ اعليٰ آهي، رسالي جا اڳيان ڇاپا يا ته محض بيتن جا مجموعا آهن، جن ۾ شاهه جي بيتن سان گڏ ٻين ڪن شاعرن جا بيت پڻ شامل آهن. يا وري اهڙن مجموعن جي زياده صاف صورت ۾ آهن، جن ۾ شاهه جي بيتن کي ڀيٽي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن اشاعت ۾ اهه جي مستند ڪلام جي سلسليوار سٽاءُ ۽ ترتيب کي خاص طرح مد نظر رکيو ويو آهي، ۽ انهي لحاظ سان شهاه جو هي پهريون مرتب ڪيل نسخو آهي، جنهن ۾ شاعر جي ذهن ۽ فڪر جي تدريجي ارتقا جو خاڪو نسبتاً صاف نظر اچي ٿو. شاعر جي زندگي ۽ فڪر جي درجيوار مرحلن مطابق ڪلام جي هيءَ ترتيب خود شاعر جي سوانح حيات جي مطالعي لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين ٻڌل زباني روايتن جي برعڪس خود شاعر جي پنهنجي ڪلام جي تسلسل ۾ سندس زندگيءَ جي مختلف مرحلن جا اهڃاڻ موجود آهن.“ علامه صاحب نه صرف انهن مٿيئن ڳالهين تي ويچار ڪيو، پر ان کان اڳ رائج پراڻي صورتخطيءَ جي ڀيٽ ۾ جديد صورتخطي استعمال ڪئي، ته جيئن عام ماڻهو به شاهه جو ڪلام صحيح صورت ۾ پڙهي سگهن ۽ اڳ جي عام قياسي پڙهڻين جي ابهام کان بچي سگهن. رسالي جي آخر ۾ ڏکين لفظن جون اُچار سميت معنائون ڏنيون ويون آهن، ته جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻهو، شاهه جي ڪلام مان لاڀ پرائي سگهن، رسالي ۾ انوکن الفاظن، مشڪل محاورن، ۽ ٻٽي معنيٰ رکندڙ لفظن مٿان زيرون زبرون ڏنيون ويون آهن ائين چوڻ ۾ هرگز وڌاءُ نه ٿيندو ته اهو پهريون ڀيرو هو جو شاهه جي فڪر جو ڦهلاءَ لاءِ هڪ جامع رٿابندي سان شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو ويو. 9 اپريل 1951ع تي علامه آءِ آءِ قاضي کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڏينهن علامه صاحب چارج ورتي، ڪراچي ۾ جيڪي ڪاليج ۽ اسڪول هئا، اهي ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪري انهيءَ جي حوالي ڪيا ويا. باقي 5 ڪاليج ۽ 34 هاءِ اسڪولن جو امتحاني سلسلو سنڌ يونيورسٽي وٽ رهيو. علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي کي اعليٰ درسگاهه بنائڻ چاهيو ٿيو. علامه صاحب ڪراچي مان سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ۽ چند هفتن اندر 28 اپريل 1951ع تي سنڌ گورنمينٽ کي سنڌ يونيورسٽي جي جامع رٿابندي پيش ڪئي، جنهن جي خرچ جو تخمينو ٻه ڪروڙ روپيا لڳايو ويو هو. حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ٻه بلڊنگون نوو ديالا هاءِ اسڪول، گاڏي کاتو ۽ ٻي عمارت فقير جي پڙ وٽ (جنهن ۾ اڄڪلهه سٽي ڪاليج آهي) الاٽ ڪيون ويون. علامه صاحب جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي جي بجيٽ 1954ع ۾ هڪ لک مان وڌائي پنج لک روپيا ڪئي وئي. انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي جرمني مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ ان وقت ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ اتعليم حاصل ڪري سگهن. اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻٿڪ محنت جو نتيجو هو جو سنڌ يونيورسٽي هڪ عظيم علمي درسگاهه بڻي ۽ سائنس ۽ آرٽس ۾ 24 ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا ويا. نه صرف ايترو پر سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لا چونڊي چونڊي اعليٰ تعليم يافته پروفيسر هن يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيا ته جيئن يونيورسٽي جي ساک وڌي ۽ هتان ڊگريون حاصل ڪندڙ شاگرد ملڪ ۽ قوم جي صحيح خدمت ڪري سگهن. علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي کي ريزيڊنٽ يونيورسٽي انهيءَ ڪري بڻايو ته جيئن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نوجوان هتي اچي تعليم حاصل ڪن. علامه قاضي صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هئا، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هئا. پاڻ پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ. قاضي صاحب نظام تعليم ۽ نصاب تعليم بدلائڻ چاهيو ٿي. سندن چوڻ هو ته 17هين ۽ 18هين صدي ۾ يورپ اسان جي نظام تعليم تي عمل ڪري دنيا ۾ عروج حاصل ڪيو. اسان به پنهنجو تعليمي معيار وڌائي اهڙا اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ڪريون، جيڪي نئين قائم ڪيل ملڪ جون واڳون سنڀالين ۽ سنڌ جيڪا ”باب الاسلام“ آهي، تنهنجو نالو روشن ڪن. HaqMojood