لڙيو پئي لاڙ تان سورج

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    محمد خان دائود

    [​IMG]
    ڪي انسان ديسن ۾ وڃين گم ٿي ويندا آهن پر ڪي ديس به ماڻهو ۾ گم ٿي ويندا آهن. ڪي انسان ڏکن جي ور چڙهي ويندا آهن پر ڪي ڏک انسانن جي به ور چڙهي ويندا آهن….!!

    ڪي ماڻهو سمنڊ ۾ گم ٿي ويندا آهن. پر ڳالهه صرف اتي ختم نٿي ٿئي ڪي وڏا وڏا ڏکن، ڏوجهرن، لکين، بدحالين جا گهرا سمنڊ انسان جي ننڍڙي وجود ۾ به گم ٿي ويندا آهن پر ڳالهه اتي به ختم نٿي ٿئي؟؟!!!

    نه رڳو ماڻهو سمنڊ ۾ ترندو آهي، پر سمنڊ به ماڻهو ۾ ترندو آهي ڪي خوشيون انسان ۾ گم هونديون آهن پر هزارين انسان خوشين ۾ گم هوندا آهن. ڳالهه بس ايتري آهي ته ڏک، غم، خوشي، اداسي صرف نظم اچي انهيءَ جو نالو ناهي پر ڏک، غم، خوشي، اداسي انسان جي اندر ۾ لڪيل به هوندي آهي.

    جيئن اياز لکيو هو ته:

    ” چون ٿا ته،

    نه رڳو ماڻهو سمنڊ ۾ ترندو آهي،

    پر سمنڊ به ماڻهوءَ ۾ ترندو آهي،

    ۽ ٻڏندا به ٻئي هڪ ٻئي ۾ آهن،

    جي تون هن ڪائنات تي،

    سوچيندين،

    ته توکي،

    اهاڳالهه،

    سمجهه کان مٿي لڳندي!“

    ماڻهو جي اندر ۾ به ڏکن جا سمنڊ غرق آهن اهي سمنڊ ماڻهو جو اندر ائين کائي رهيا آهن جيئن سمنڊ ٺٽي ۽ بدين جي قيمتي زمين کائي رهيو آهي پر نه سرڪار بدين ۽ ٺٽي جي زمين بچائي سگهي آهي ۽ نه ئي انهن انسانن جو اندر بچائي سگهن ٿا جيڪي هر روز ڪنهن سمنڊ جي ڪناري جي ڌرتيءَ مثل پنهنجي اندر جو وجود انهن ڏکن جي حوالي ڪري رهيا آهن جيڪي ڏک انهن جو اندر کائي انهن کي ڪيتري عرصي کان موت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪي موت جي حوالي ناهي هن انهن کي ڏکن فڪرن ۽ ناتن جي حوالي ضرور ڪري ڇڏيو آهي اڄ سنڌ جي ان ڏکاريل حصي جي ڳالهه ڪرڻي آهي جنهن جو اگر نالو منهنجي قلم تي چڙهي ٿو ته مون کي اهو ديوانو شاعر ساحر لڌيانوي ياد اچي ٿو جنهن پنهنجي قلم سان مخاطب ٿي لکيو هو ته:

    ” حسينون ڪي بانهون سي نڪل اي قلم!

    عشق ڪي عياشي ڪو تو ڇوڙ دي،

    وه ڀوڪي پيٽون پي پٿر دو ديکهه،

    اڄ عياشي جهڙي ديس ۾ انهن بکايلن، اڃايلن، اگهاڙن مرده جسم ماڻهن، بيمارن، ٻارن جي ڳالهه ڪبي جيئن سنڌ جو وڏو وزير به وڏي شهر جي محفوظ ٿڌي ڪمري ۾ صرف ڪجهه دير لاءِ گرم هوا جو جهوٽو محسوس ڪري ته سموري سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ وڏي شهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. انهيءَ لاءِ اسان جيڪي شهرن ۾ رهون ٿا اسان کي اها سهولت آهي ته اسان اخبارون پڙهون ۽ سنڌ ۽ شهرن جي صورتحال کان واقف ٿي وڃون ته سنڌ جي شهرن جو ڏينهن ڪيئن گذريو.

    باقي سنڌ ۾ قانون سازي جو جيڪو ادارو آهي ان ۾ ڇا ٿيو يا ڇا ٿيڻو آهي انهيءَ لاءِ مان اوهان سڀني سنڌ واسين کي اها صلاح ڏيندس ته اوهان عوامي آواز جي هر آچر تي اينڊيٽوريل پيج تي محترمه ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جا ڪالم پڙهو، ۽ سنڌ جي قانون ساز اداري جي حال کان واقف ٿيو.

    پر آئون اڄ ان لاڙ جي ڳالهه ٿو ڪيان جنهن لاڙ لاءِ جڏهن به ڪنهن لکيو آهي ته لاڙ کي ڪنهن رومانس کان گهٽ ناهي لکيو چاهي غلام حسين رنگريز لکيو هجي چاهي اعجاز منگي لکيو هجي، حسن مجتبيٰ، جامي چانڊيو، اياز، هر ڪنهن لاڙ ۾ وڃايل رومانس تي لکيو آهي ڪنهن هوا جي لوڻياٺي هوائن جي باري ۾ لکيو ته ڪنهن چنڊ جي اڪيلائي تي لکيو ڪنهن گم ٿيل شهر ڀنڀور تي لکيو، ڪنهن کجين جي حسن تي لکيو جنهن به لکيو ته لاڙ ۾ رومانس جو پهلو ضرور رهيو حسن درس لکيو ته:

    لڙيو پئي لاڙ تان سورج،

    مهاڻي ٻار وانگر هو.

    هر لکڻ واري لاڙ جي رومانوي پهلو کي ته ڏٺو پر ڪنهن به اهو ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي لاڙ جو رومانس ته زمانو ٿيو اجري ڏينهن ۾ڪارو ڪري ماريو ويو آهي لاڙ جي ان رومانس تي ڪيترائي جرڳا ٿيا، ڪيترائي ڏنڊ پيا ۽ ڪيترائي ڀيرا اهو لاڙ جو رومانس قيد ۾ به رهيو ته وڏيرن جي نجي جيل ۾ به رهيو، ڪيترائي دفعا ان لاڙ جي رومانس کي وڏيرن جي پنجي مان آزاد ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر ان لاڙ جي رومانس کي ايتري ئي ڪاميابي ملي جيتري ڪاميابي ان مائي مختياران کي ملي يا جيتري ڪاميابي ان ڊاڪٽرياڻي کي ملي جيڪا ڊاڪٽرياڻي بلوچستان جي ڪوهلي واري علائقي ۾ نوڪري ڪندي هئي پوءِ هڪ رات ان جي سونهن کي پٿڙن ڪنهن ڍونڍ جيئان کائي ختم رڪي ڇڏيو يا لاڙ جي ان وڃايل رومانس کي ايتري ئي پذيرائي ملي جيتري پذيرائي ان ڀوري ڀيل کي ملي جيڪو پوءِ مئي پڄاڻا لاڙ جي ڪلرياٺي زمين تي پنهنجي روح ساڻ دربدر ٿيندو رهيو!

    يا لاڙ جي ان وڃايل رومانوي حصي لاءِ سستي سگريٽ يا پتي جي ٻيڙي پيئڻ وارا شاعر لکندا هئا ته

    ” اي عشق تون ڪٿي آهين؟؟

    ڇا ٻيڙيءَ ۾ ٻري،

    دونهون دونهون،

    ٿي ويون آهين،!!“

    پر هاڻي بک جي اچڻ جي ڪري لاڙ ۾ اهي ٻيڙي پياڪ شاعر به ڪو نه رهيا آهن. هاڻي لاڙ ۾ نه عشق آهي نه رومانس آهي ۽ نه ئي انتظار بس جنهن به جنسي بيمار کي جنس جي بک ستائي ٿي ته اهو ڪو نه ڪو سبب ٺاهيو ئي وٺي ٿو اگر ان جنسي بک جو ڪو سبب نه ٿيو تڏهن به سستيون هوٽلون آهن ۽ انهن هوٽلن ۾ ان جنسيت اجهائڻ لاءِ کوڙ ساريون فلمون آهن 007!

    پر اهي اديب جڏهن ڪراچي کان لاڙ جي لوڻياٺي هوائن ۾ ايندا هئا ۽ چانڊوڪي رات ۾ جڏهن وسڪي جون ٻه ٻه بوتلون چاڙهيندا هئا ته اهي اڪيلون ۽ اداس بيٺل کجيون به انهن کي ڪنهن وينگس کان گهٽ نه لڳنديون هيون ۽ پوءِ اهي ڀري رات پيئندا رهندا هئا ۽ کجين کي ڏسندا رهندا هئا.

    توکي لاڙ جي رات جي ڪهڙي خبر؟؟!!

    لاڙ جي رات ۾ ته هوائون رقص ڪنديون آهن

    ۽ يقين رک

    اتي پوڙها به جوان ٿي ويندا آهن.“

    لاڙ جي رات ۾ وسڪي پي ڪو چنڊ تي لکندو هو ته ڪو ان جي روشنيءَ تي. ڪو کجين تي لکندو هيو ته ڪو ان جي لوڻياٺي هوائن تي پر هاڻي مان اهو ئي سمجهان ٿو ته ايترو عرصو گذري ويو آهي اهي اديب جيڪي ڏينهن به ڏينهن عمر کي پوئتي ڇڏيندا پيا اچن هاڻي انهن جي اڪثريت جي هٿن مان وسڪي جا گلاس ڇڏائجي ويا آهن ۽ هاڻي ان جي جاءِ تي پاڻي جو لوٽو مصلحو ۽ تسبيح اچي ويئي آهي ۽ جڏهن اهي پنهنجي انهن پراڻين تحريرن جيڪي لاڙ جي رومانس تي لکيون آهن اهي سڀئي تحريرون هاڻي انهن کي ڏنگينديون هونديون هاڻي انهن اديبن جا اهي سمورو نشا لهي ويا هوندا پر جڏهن اڄ لاڙ جي حقيقت لاڙ ۾ وڃي ڏسجي ٿي ته انهن اديبن جون اهي سموريون تحريرون خام خيال ۽ ڏند ڪٿائون معلوم ٿين ٿيون.

    ۽ اها به حقيقت معلوم ٿئي ٿي ته جڏهن انهن اديبن اهي رومانوي گيت لکيا هئا تڏهن اهي هوش ۾ به هئا اگر هوش ۾ هئا ته پوءِ اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته لاڙ جو رومانس جيڪو اڄ ڏينهن تائين انصاف لاءِ واجهائي رهيو آهي ڪڏهن سپريم ڪورٽ، ته وري ڪڏهن حيدرآباد پريس ڪلب، ڪڏهن ڪراچي پريس ڪلب يا وري ڪڏهن انساني حقن واري تنظيمن وٽ نظر اچي ٿو يا ته پوءِ لاڙ جو رومانس اهو ڀورو ڀيل آهي جيڪو مري ويو ۽ اڄ بدين جي مسلمانن جي مقام کان ڏور ڪنهن ويراني ۾ دفن آهي باقي لاڙ جو رومانس ڪٿي آهي يا ته حسن درس جي رسالي ۾ يا ته اديبن جي پراڻن ڪتابن ۾…..!!

    اڄ اگر لاڙ جو نقشو ذهن ۾ اچي ٿو ته صرف هڪ شئي ذهن تي نقش ٿي وڃي ٿي انتظار…. اوسيئڙو!!

    انتظار ۽ اوسيئڙو پر ڇا جو؟؟؟

    بک جي ختم ٿيڻ جو، روزگار جي ملڻ جو، چڱي دور جو، پنهنجائپ جو، اڄ لاڙ ۾ نه چنڊ آهي ۽ نه ئي چانڊوڪي پر اڄ وڏيرن نوابن ۽ چونڊيل اميدوارن صرف لاڙ کي هڪ شئيءَ ڏني ۽ اها آهي فارمن جي شڪل ۾ جنهن ۾ وڏيرا اچي پنهنجي ڪارين راتين کي رنگين ڪندا آهن. افسوس ان ڳالهه جو ناهي پر دل ان ڳالهه تي اداس آهي ته اويس مظفر هاشمي صاحب به لاڙکي ڇا ڏنو؟؟؟ سواءِ هڪ ويراني ۾ گهوڙاٻاري پيپلز هائوس ۽ بس!!!

    جڏهن ته سائين پاڻ کي ڪنهن مسيحا وانگر پيش ڪرائي ڪيش ڪرايو آهي ۽ لاڙ به دل کولي هاشمي صاحب کي ويلڪم ڪيو پر سائين کي ڪراچي جي ڪلچر مان ئي واند ڪائي ناهي. مشير ۽ ڪمدار ته اهو ئي ٻڌائيندا آهن ته اڄ ڏينهن تائين ته سڀ صحيح آهي. پر مظفر صاحب ائين ناهي.

    نه آئون لاڙ جي تاريخ کان واقف آهيان نه ئي لاڙ مون کي سڃاڻي ان جو اردگرد وارو حصو ماضيءَ ۾ ڪيترو شاندار هو مون کي ان جي به خبر ناهي مڪلي ۾ ڪيتريون قبرون آهن ۽ اهي ڪيتريون محترم آهن مون کي ان جي باري ۾ به ڪا ڄاڻ ناهي مون کي ته اها به بر ناهي ته شيرازي آخر ڇو لاڙ جو ساهه ٻوساٽي رهيا آهن.

    پر منهنجي لکڻ جو اڄ مقصد صرف اهو آهي ته مون لاڙ جي سچائي ڏٺي آهي بک ۽ اداسي ڏٺي آهي.

    جتي ماڻهو نه به ڳالهائن تڏهن به انهن جا اهي اداس نيڻ سوال ڪن ٿا. نه ڪو منهنجو لاڙ جو سفر نامو لکڻ جو ارادو آهي پر مان لاڙ سان ڪيل ڏاڍائي جو ڪيس ضرور لکندس.

    لاڙ جو اهو ڪيس جنهن ڪيس کي اسان جا مهان اديب رومانس سمجهي مزو ماڻيندا رهيا. انهن اديبن لاءِ اياز لکيو هو ته ”پتو نه ٿو پوي ته تون اصول پرست آهين يا وصول پرست آهين.!“

    لاڙ جي جي ان ڪيس کي جنهن ۾ رومانس نه پر درد آهي اداسي، آهي ڏک آهي، ان لاڙ جي ڪيس کي ان اقتدار جي ايوانن تائين پهچائيندس جنهن لاڙ جا اصلوڪا ماڻهو اڄ به کارو پاڻي پين پر پنهنجي من ۾ ڏاڍا مٺا آهن جڏهن ته اقتداري ايوانن وارا اتي جو مٺو پاڻي پي اندر جا زياده کارا ٿي پيا آهن. ڳالهه بس لاڙ جي درد کي سمجهڻ جي آهي!!! ان ۾ ڪنهن به وڌيڪ فلسفي جي گنجائش ناهي بس درد آهي جنهن درد مان دانهن نڪري ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو