ڪهاڻيون

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    نرمل کوهارو
    خواهش
    ڳوٺ جو هر ماڻهو پريشان هو ته آخر اهو ڪير آهي جيڪو ڳوٺ وارن کي تباهه ڪري رهيو آهي، پر گهڻي ڪوششن جي باوجود ڳوٺ وارا ان ڳالهه کي واضع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ آخر صبر جي به انتها ٿيندي آهي.
    نيٺ ڳوٺ جي چڱي مڙس دين محمد کان برداشت نه ٿي ۽ ان پنهنجي رپورٽ ٿاڻي جي انچارج ڪرم علي وٽ لکرائي ته ”اسان جي ڳوٺ ۾ هر روز رات جو هڪ گهر ساڙيو وڃي ٿو، ۽ هڪ هفتي اندر هي 9 واقعو ٿي گذريو آهي، اگر توهان جلد کان جلد قدم نه کڻندا ته اسان سڀ ڳو‎ٺ وارا تباهه ٿي وينداسين“.
    ڪرم علي به حيران هو ته آخر ڪير اها ذليل حرڪت ڪري رهيو آهي، ۽ ان کي ائين ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو پهچي ٿو؟ بهرحال ڊيوٽي آخر ڊيوٽي ئي آهي، ان ڏوهاري کي پڪڙي ڳوٺ وارن آڏو پيش ڪرڻ ئي سندس فرض هو.
    آخرڪار ڪرم علي ڳوٺ تي پوليس چيڪ پوسٽ قائم ڪري پوليس جو پهرو ويهاري ڇڏيو، ان رات واقعو ڪو نه ٿيو، پر ٻئي ڏينهن فجر جي وقت ”باهه،......باهه...“ جون رڙيون ٿيڻ شروع ٿيون، وڏي مشڪلن سان باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، پر افسوس ان باهه لڳڻ سبب هڪ ٻن سالن جو ڇوڪر عباس، ٻه ڍڳا ۽ هڪ مينهن ان باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي چڪا هئا.
    هاڻي ڳوٺ وارن جي اهڙي قهري واقعي کان پوءِ صبر جي گنجائش نه رهي ۽ هنن هڪ ڀيري وري ڪرم علي وٽ اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو، ٻئي رات ڳوٺ مٿان وڌيڪ ۽ سخت پهري جو بندوبست ڪيو ويو، اڌ رات جو ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٿيو ته سپاهين وٺ وٺان شروع ڪئي ۽ هڪ طرف باهه جو اوڙاهه ڏٺائون ۽ ٿوري دير کان پوءِ اهو اوڙاهه وڌي باهه جي صورت اختيار ڪري چڪو هو اتي هڪ پاڇو به نظر آيو جيڪو گهڙي کن کان پوءِ گم ٿي ويو. سپاهين جلد تدارڪ ڪندي ان لڳندڙ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ نقصان نه ٿيڻ ڏنو.
    ان واقعي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين ڪو به واقعو پيش نه آيو، پر ڏهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هڪ رات اچانڪ ايتري ته باهه لڳي جو ڳوٺ جا 15 گهر کن صبح تائين باهه ۾ ڪجهه ماڻهو ۽ مال سڙي خاڪ ٿي چڪا هئا، ان واقعي کان پوءِ ڳوٺ جي ٿاڻي جو انچارج ڪرم علي پاڻ ان چيڪ پوسٽ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لڳو، ۽ ٻئي رات جو فجر جي وقت سپاهين ان پاڇولي کي قابو ڪري ورتو.
    پر انهن کي اهو ڏسي حيراني ٿي ته اهو پاڇولو ڪنهن مرد جو نه بلڪ هڪ عورت جو هو ۽ اها عورت ان ئي ڳوٺ جي رهاڪو هئي، جنهن جو نالو ذڪيه هو ۽ اها بيواه عورت هئي جيڪا پنهنجي گهرواري جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي پٽ عرفان کي ڳوٺ مان پني ان کي وڏين مشڪلن سان پاليندي هئي، جيڪو سندس جو اڪيلو سهارو ۽ سڪيلڌو پٽ هو پر سٺي پرورش نه هجڻ ڪري تمام گهڻو ڪمزور ۽ بيمار رهندو هو، سندس امڙ کيس ڪئي پيرن، فقيرن ۽ ڊاڪٽرن وٽ علاج لاءِ وٺي وئي پر غربت سبب سندس پٽ جو صحيح علاج نه ٿي سگهيو ۽ ذڪيه نااميدٿي وئي پر انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ نقلي عامل جنهن جو نالو ”خميسو“ هو، ڪجهه عرصي کان ان ئي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جيڪو ويجهو واري ڳوٺ مان ڀڄي اچي هن ڳوٺ ۾ پناهه ورتي هئي، ڇاڪاڻ ته اتي جي ڳوٺ وارن کيس سڃاڻي ورتو هو ته هي نقلي عامل آهي ۽ اتي غلط علاج وسيلي ٻن ماڻهن کي موت جي حوالي ڪري چڪو هو، تنهن ڪري ماڻهن جي موچڙن کان ڀڄي هي ڳوٺ وسايائين ۽ هن ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪجهه عزت ٺاهي ورتي ۽ هر ڪو ان جو احترام ڪندو هو هڪ ڏينهن ڪنهن گهر ۾ علاج لاءِ ويو ته اتي هڪ ڪنواري ڇوڪري سان زبردستي ڪيائين، ۽ جڏهن ان جي گهروارن کي خبر پئي ته انهن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ان کي پڪڙي منهن ڪارو ڪري پادر هڻي ان ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، ۽ خميسو روپوش ٿي هڪ جهنگ ۾ پنهنجي باقي زندگي گذارڻ لڳو، ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ هن وري اتي پاڻ کي هڪ مڃيل فقيرسڏائڻ لڳو ۽ ڀر واري ڳوٺ وارن کي تعويذ ڦيڻا ۽ دعائون ڪندو هو، ڪن ماڻهن جو سندس تي عقيدو ٿي ويو ۽ هي ڏينهون ڏينهن مشهور ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن ذڪيه کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته ڳوٺ ٻاهران هڪ فقيررهي ٿو جيڪو هر دعا اگهائي ٿو ته يڪدم پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي دعا ۽ علاج لاءِ ان فقير وٽ وٺي وئي ۽ ان فقيرکي سڀ سور ٻڌايائين ، ذڪيه جي پوري ڳالهه ٻڌي ان فقيرکي خيال آيو ته اها ئي عورت منهنجي بي عزتي جو بدلو وٺي سگهي ٿي، تنهن ڪري هن ذڪيه کي چيو ته تنهنجي پٽ مٿان جنن ۽ ڀوتن جو اثر آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه وقت کان پوءِ تنهنجو پٽ مري وڃي، اهو ٻڌي ذڪيه رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ ان فقير کي چوڻ لڳي ته فقير سائين توهان ڪجهه ڪريو ۽ منهنجي پٽ کي بچايو، اهو ئي منهنجو آخري سهارو ۽ منهنجي اکين جو نور آهي، پر ان عورت ويچاري کي ڪهڙي خبر ته اهو فقير نقلي آهي ۽ پنهنجي بدلي خاطر هن کي استعمال ڪرڻ وارو آهي، اهو ته فقير جو هڪ بهانو هو هن عورت کي استعمال ڪرڻ جو. دراصل اهو فقير ڳوٺ وارن کان پنهنجي ڪيل بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ ٿي چاهيو.
    فقير ان عورت کي چيو ته ”توکي اگر پنهنجي پٽ جي جان پياري آهي ته توکي هر روز هن ڳوٺ جي هڪ گهر کي باهه ڏيڻي پوندي ۽ تڏهن ئي تنهنجو پٽ بچي سگهي ٿو“ ممتا جي ماريل ذڪيه ان ٺڳ فقير جي ڳالهين ۾ اچي وئي ۽ هوءَ اهو ئي ڪندي هئي، جيڪو فقير هن کي چوندو هو پر ان عورت کي ڪهڙي خبر ته حقيقت ڇا آهي؟ هوءَ ته پنهنجي پٽ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي پئي ۽ پنهنجي پٽ جي محبت ۾ اهو ڀلجي وئي ته ان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيترين ئي مائرن جي جهولي خالي ڪئي هئي ۽ ڳوٺ جي ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي ان باهه ۾ ساڙي ماري چڪي هئي، ۽ هن ته هڪ ماءُ هوندي فقط اهو پئي چاهيو ته سندس ئي پٽ صحت ياب هجي ۽ هميشه خوش رهي.
    ۽ اهو پاڇو ان ڏکايل ذڪيه جو ئي هو ۽ هوءَ ان ڳالهه کان بي خبر هئي ته جنهن ڏينهن ڳوٺ کي باهه واري خبر سندس پٽ کي پوندي ته ان تي ڪهڙو اثر پوندو، ڇا اهو اهي سڀ ڳالهيون برداشت ڪري سگهندو؟ پنهنجي خوشين خاطر هو ڳوٺ وارن جي بربادي برداشت ڪري سگهندو؟.
    نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو ذڪيه کي خوف هو سڀ ڳالهه ظاهر ٿيڻ تي جڏهن عرفان کي پنهنجي ماءُ جي ڪيل ڪمن جي خبر پئي ته ان صدمي ۾ هن خودڪشي ڪري ڇڏي، ۽ ذڪيه ان غم ۾ چري ٿي وئي اُن بدنصيب ماءُ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ جيڪا پنهنجي پٽ جي سلامتي لاءِ ڪري رهي هئي اها ڳالهه ئي ان جي پٽ جي موت جو سبب بڻجندي ۽ چند ڏينهن کان پوءِ ان کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ ان نقلي فقيرکي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو جتي فقير کي قلم 441 ۽ 425 تحت ان تي ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻيو ويو.
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو