ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو ٻيو شيخ صاحب! نصير مرزا عابده پروين صاحبه، هڪڙي عجب خوش نصيب خاتون... جنهن کي غلام حسين شيخ جهڙو زبردست، موسيقي شناس انسان...بطور پروڊيوسر به نصيب ٿيو، ته بطور ”ور“ به!. هڪڙي ڀيري پڇيومانس، ادي! توهان کي لاڙڪاڻي شهر جنم ڏنو، امان ممتاز بيگم! موسيقيءَ سان متعارف ڪرايو وڏي لئه ڪار ۽ ڳڻت ڪار... گُني گويَي، بابا سائين غلام حيدر..! پر توهان جهڙي هيري کي تراشي ڊائمنڊ يا ’ڪوهه نور‘ بنائڻ واري هستي آهي، منهنجو استاد محترم، غلام حسين شيخ صاحب! هاڻي توهين پاڻ ئي ٻڌايو، ته ڪوهه نور هيرو مٿي يا اسان جو هي موتين جو وينجهار شيخ صاحب؟ تڏهن منهنجو اهو سوال ٻڌي.... هوءَ اوچتو... ٽڙي گلاب جو گل ٿي پئي، جهٽ وراڻيائين،”ڏسو ادا.... منهنجو هي نالو عابده! شروع ٿو ٿئي ”ع“ سان... ۽ غلام حسين صاحب جي نالي جو پهريون حرف آهي ”غ“ سو بابا! نقطو هُن طرف ئي جاستي سمجهو.“ پر هي ادي عابده ۽ شيخ صاحب سان مون ناچيز جي ڏيٺ ويٺ ۽ هُجت... ٿي ته ڪيئن ۽ ڪٿي؟ ريڊيو حيدرآباد تي ۽ اها به ان وقت، جڏهن 1984ع ڌاري، آئون اُتي پروڊيوسر وڃي ٿيو هوس ۽ بس ڏينهن اڌ ۾ ئي شيخ صاحب.... جيڪو شعبهءِ موسيقي جو سرواڻ هو، اُن ڄاڻي ورتو ته هي ناچيز ٿورو ٿورو شاعر به آهي، ته موسيقيءَ جو متوالو به، سو جهٽ وڏن صاحبن کي چئي مون کي پنهنجو جُونيئر رکرائي ڇڏيائين ۽ يا الله ! هي ڇا ته رنگ لڳا پيا هئا، ان شعبي جي آفيس ۾ هڪ طرف موسيقار استاد نياز حسين، استاد محمد جمن، غلام نبي عبداللطيف، فيروز گل، ته ٻئي پاسي جيجي زرينه بلوچ، بيبي امينه، زيب النساءِ ۽ سون تي سهاڳ... هيءَ اجهو ادي عابده! هاڻي صبح کان شام تائين رڪارڊنگس مٿان رڪارڊنگس ۽ اهي به هڪ کان هڪ ”مور مڇي آڻي ڏي ڀائو مون کي آڻي ڏي، لاڙ واري مڇي“.... ”منهنجو جهنڊالڙو ڏي ته کيڏڻ وڃان.“ ”گندڻ گُنديءَ مان رات ڪتو کڻي ويو.“ ”سدا سرهي هجي ماني“....”شيدي باشا هم باشا“... ”مکڻ کائي وڃ مانيءَ سان... ڇوري ڇو ٿي رُسين پنهنجي نانيءَ سان...“ مٿان ادي عابده جون سولو (Solo) رڪارڊنگس الڳ...“مڌ پيئندي مون“ ”وڻجارا ته ورن ڙي...“ تنهنجن وارن ڪُنڍن ڪارن.... ”جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا...“”لک ناز سکيو آهين نوان“....”عشق وڃايو حجاب...“ ۽ اهڙي هر هر ڪلام جي ريهرسل ۽ رڪارڊنگ ۾ منهنجي حالت وري اهڙي، جو حيران پريشان... يا الله! هيءَ ادي عابده شئي ڇا!؟ يعني ”ڳلو هڪڙو ۽ رنگ هزار....“ هاڻي جنهن وقت ادي عابده جي رڪارڊنگ شروع ٿيندي، ته شيخ صاحب جي پينل تي حالت وري هيءَ، جو جهڙو چريو، لفظ... سُر... تلفظ.... ردم... ۽ هڪ هڪ شئي تي ڌيان ايترو جو اهڙي حالت ۾سگريٽ مٿان سگريٽ.... ويندي آتر ويلا ته مٿس ايتري طاري جو سگريٽ جو فلٽر به چَٻاڙيندو ويندو.... اجهو هيڏانهن رڪارڊنگ وقت ان هماڪ ۽ عشق ۾ اسان جي گهوٽ صاحب جي اهڙي حالت، ته گهٽ ڪنوار ۾ به ڪٿي!؟ پر هي اسانجو شيخ صاحب....يعني استاد محترم پاڻ هو ڪٿان جو ۽ ڪير مڙس!؟ حيدرآباد جي جمال شاهه واري پڙ جو... جتي ذات ميراثي شيخ اڄ به رهندا وسندا آهن. ته شيخ صاحب به ان ئي پاڙي ۽ پريوار جو هو. والد سندس راڻو خان... اهو ته زبردست پيٽي ماسٽر... هونئن هتي هن لکڻ ۾به، ڇا حَرج، ته شيخ صاحب، ادي عابده سان شادي کان اڳ ئي، پرڻيل ارڻيل هو ۽ ٽِيٻر ٽِيٻر وَلرُ ٻارن جو پيءُ پڻ. چوندا آهن، شادي ”لکئي جو ليک“ هوندي آهي، سو شيخ صاحب، ادي عابده جي نصيب ۾ هئو، ان ڪري بلا آخر هن جو سُهاڳ بڻيو. اِجهو ان ڏس ۾، ادي عابده به ڏسو، هي ڇا ته چئي ڇڏيو آهي، ”بابا! شيخ صاحب جهڙو شريڪ حيات اسان کي نه ملي ها.... ته اسان جي هيءَ هاڻوڪي حيثيت به نه هجي... ۽ ڪا ٻي ئي هجي ها“... اڇا! هتي ياد پئم.... اهو ئي ادي عابده تان صدقي صدقي شيخ صاحب... سندس اسٽوڊيو رڪارڊنگ وقت محبت ڪندڙ شريڪ حيات منجهان ڦري، هڪڙو سخت گير ۽ پروفيشنل ميوزڪ پروڊيوسر بڻجي، اکيون مٿي تي رکي ڇڏيندو هو. ڀانئيان ٿو... ”عشق وڃايو حِجاب“... ڪافيءَ جي رڪارڊنگ پئي ٿي ۽ هو رڪارڊنگ مان مطمئن ئي ڪونه پئي ٿيو، تڏهن قيامت برپا ڪري ڇڏيائين.... دڙڪا ڇِڙٻون،هوڏانهن ادي عابده جي حالت اهڙي.... جو روئي روئي سڄو رَئو پُسائي ڇڏيائين... اڙي جَهڪ... اڙي جَهڪ... ۽ اهو شيخ صاحب جو تڪيه ڪلام هوندو هو ۽ اهو ان ڏينهن ايترو فراوانيءَ سان استعمال ڪيائين، جو ڄڻ ان لفظ جو سمورو اسٽاڪ ان ڏينهن ختم ئي ته ڪري ڇڏيائين. اڇا! هتي هڪڙي ٻي ڳالهه ۽ اُها هيءَ ته پاڻ مون سان هجتون به جام ڪندو هو. هڪڙي ڀيري Immediate boss)) ”اميڊئيٽ باس“ آغا سليم جي سامهون ڇيڙيندي... پُڇڻ لڳم.... ”نصير! توکي ... آغا سليم گهڻو پسند يا امر جليل!؟“ ۽ مون به جهٽ ڪمال بهادريءَ جو مظاهرو ڪندي چئي ڏنو ” نه آغا سليم، نه امر جليل... صرف ابراهيم خليل، ابراهيم ”خليل“.... ۽ يارو! هاڻي سندس شاگرديءَ ۾ رهندي رهندي، مون کي جڏهن پورا پنج سال ٿي چڪا... ته همت ڪري عرض ڪيومانس: سائين... اڪيلي سر، آئون پاڻ ادي عابده جي آواز ۾ پنهنجي دوست، اياز گل جو هڪ گيت ڇا رڪارڊ ڪري سگهان ٿو!؟ جهٽ وراڻيائين، شاعري عابده کي ڏيکاري ڇڏ.... هاڻي گيت، اديءَ جي خدمت ۾ پيش ڪيم ته اُن جو مکڙو هُوءَ زور زور سان پڙهڻ لڳي: ڏسي ڪائي موسم، نه ڪوئي پهر محبت به مٺڙا، ڪري ٿي قهر! ۽ بس ايترو مکڙو پڙهي، گيت يڪدم موٽائيندي چوڻ لڳي... ادا... توهين ته ڄاڻو ٿا، اسان هاڻي صرف عارفاڻا ۽ صوفي ڪلام ڳائيندا آهيون... ههڙا گيت غزل نه... تڏهن سندن واتان اهڙو ٺُپ جواب ٻُڌي، منهنجي مٿان ته جهڙوڪر اوچتو ڪارونجهر جو پهاڙ ڪري پيو... پر تڏهن به منٿ ڪندي چوندو رهيس... ادي پليز.... ادي پليز!! هاڻي شيخ صاحب منهنجو ساٿ ڏنو.... اڙي عابده... ڇوڪرو منٿون پيو ڪنئي... ڪري ڏينس بابا... ڪري ڏينس... ته بس ان کان پوءِ ته ادي جي صرف هاڪار جي دير هئي، جو بهاري موسيقار اقبال حسين کان طرز ته مون اڳي ئي تيار ڪرائي ڇڏي هئي، هاڻي هو چارو لاچار مون سان اُٿي، اسٽوڊيو ڏانهن هلي، ته يقين ڪريو آئون ائين خوش....، جيئن غريب جو ٻار عيد جا نوان ڪپڙا پائي گد گد نظر ايندو آهي ۽ خدا ٿو ڄاڻي، ته ادي عابده بس ڪي ٻه چار دفعا ئي طرز دُهرائي ۽ اُن کان پوءِ هي آئون بوٿ ۾ پئنل تي ويٺو هوس ۽ ڊيڪ منجهان، اديءَ جو، بي پناهه خوبصورت آواز، هر طرف کان گونجي رهيو هو. ڀائنيان ٿو ريڊيو حيدرآباد، هاڻي ته ادي عابده پروين جي آخري رڪارڊنگ هئي، جو ان کان پوءِ ته شيخ صاحب پروگرام مئنيجر طور پروموٽ ٿي ڪراچي ۽ اتان کانپوءِ اسلام آباد ئي هليو ويو. اُتي 31 هين ڊسمبر 1988ع تي New year ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ رات جو ٺيڪ 12 وڳي جڏهن سڀ عظيم راڳي فريده خانم، غلام علي، مهدي حسن ۽ ادي عابده، نئين سال جي آڌر ڀاءُ ۾ اُٿي بيٺا ۽ پوءِ جڏهن ويٺا ته مون يڪدم ادي عابده جي آڏو پنهنجي ڊائري کولي ڇڏي هئي... ”ادي آٽو گراف پليز“ ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه به هن مونکي لکي ڏنو... شيخ صاحب اهو پڙهيو، ته خوشيءَ منجهان ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيو.... زور زور سان چوڻ لڳس: ”اڙي عابده.... اڙي عابده مار پَوئي... تو هي، ڇا ته لکي ڇڏيو آهي... (۽ ادي عابده... آٽو گراف ۾ اهڙو ڪجهه ڇا لکي ڇڏيو هو؟ ۽ اهو منهنجي ايندڙ ڪالم ۾) ۽ هتي في الحال بس ايترو.... ته شيخ صاحب جون ادي عابده سان ايتريون وفائون ۽ بي پناهه عشق هو... جو پويان وارو پورو پريوار گهر... ٻار... جمال شاهه جو پاڙو... شيش محل هوٽل واري دوده پتي چانهه، تاڙي شاپ لال بازار واري تاڙي... ۽ سڀ ڪجهه ئي ته يڪسر هن کان وسري ويو هو... ۽ پوءِ نومبر 1994ع ڌاري، لنڊن مان ڪنهن ميوزڪ ڪنسرٽ مان موٽندي، جنهن وقت سندس جهاز ترڪيءَ مٿان پئي اڏاميو جو.... هارٽ اٽيڪ سبب، شيخ صاحب اوچتو هوا ۾ ”هُو هوا“ ٿي ويو. سندس لاڏاڻي جي اهڙي خبر جڏهن ريڊيو تي پهتي، ته ڊوڙندو هن جي پراڻي پاڙي.... جمال شاهه جي پڙ... ۾ پهچي در ديوار کي آه و زاري ڪري اطلاع ڏنم... ۽ موٽ ۾ اتان جو رد عمل ڀلا ڇا!؟ بقول جون ايليا: اُس گلي ني يه سن ڪي صبر ڪيا The Kawish