موهن جو دڙو ۾ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ شروع نه ٿي: يونيسڪو پاران قديم ماڳ کي ورلڊ هيريٽيج لسٽ مان ڪڍڻ جا امڪان موهن جو دڙو (رپورٽ: عبدالحق پيرزادو) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جون حدون معلوم ڪرڻ لاءِ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ جو ڪم شروع نه ٿيو، يونيسڪو پاران ماڳ کي عالمي ورثي واري فهرست مان خارج ڪرڻ جا امڪان وڌي ويا، رپورٽن موجب يونيسڪو دنيا جي خطري هيٺ آيل ماڳ مڪانن جي بچاءَ لاءِ جوڙيل ورلڊ هيريٽيج لسٽ ۾ موهن جو دڙو کي شامل ڪري ماڳ کي درپيش خطرن کان بچائڻ لاءِ عالمي سطح جي مهارت فراهم ڪرڻ شروع ڪئي، شهيد ڀٽو جي دور ۾ موهن جو دڙو کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هن ماڳ کي يونيسڪو پنهنجي عالمي ورثي واري فهرست ۾ شامل ڪري سڄي دنيا ۾ موهن جو دڙو کي سم ڪلر، برساتن، هٿرادو لتاڙ ۽ ٻين خطرن کان بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ ”سيو موهن جو دڙو“ نالي عالمي فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم هلائي ڪروڙين ڊالر جي گڏ ٿيل فنڊن مان ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪيون ويون، ماڳ تي هلندڙ مختلف اسڪيمن جهڙوڪ موهن جو دڙو بچاءَ اختياري، نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ( اين ايف ايم) شروع ڪري ماڳ جي ڀرندڙ آثارن جي بچاءَ لاءِ ڪنزرويشن ۽ ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪئي وئي، انهن ڪمن ۾ موهن جو دڙو ٽيوب ويل اسڪيم، موهن جو دڙو ڪنزرويشن سيل (ايم سي سي) ۽ ٻيون رٿائون شامل هيون، ماضي جي رٿائن دوران ڪرپشن ۽ ادارن جي ٽڪراءَ سميت موهن جو دڙو کي محفوظ ڪرڻ وارو عالمي سطح جو ڪم اڄ سوڌو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن ڪجهه عرصي کان يونيسڪو طرفان پاڪستان حڪومت کي بار بار هدايتون جاري ڪندي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن موهن جو دڙو جي ايراضي جاچڻ لاءِ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ ڪري بفر زون قائم نه ڪيو ويو ته موهن جو دڙو کي يونيسڪو جي عالمي ورثي واري فهرست مان خارج ڪيو ويندو، جنهن بعد پ پ جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداري 5 اپريل تي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ جو باقاعده افتتاح ڪيو، هن اسڪيم لاءِ ثقافت کاتي طرفان اين ايف ايم فنڊ مان 87 لک جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر مهيني کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود اڃا تائين فنڊ جاري ڪري ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي هن عظيم تهذيبي ماڳ کي يونيسڪو جي لسٽ مان خارج ڪرڻ جا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن، هوڏانهن ثقافت کاتي پاران 6 مهينا اڳ موهن جو دڙو جي گيٽ ڪينٽين ۽ ميوزيم سميت 5 ٺيڪا رد ڪري ڇڏڻ بعد اڃا تائين ٻيهر ٽينڊر نه ڪرايا ويا آهن، جنهن ڪري مقامي سطح تي ٺيڪو کڻندڙ ٺيڪيدارن ڄاڻايو آهي ته آرڪيالاجي کاتي کي ٺيڪا رد ٿيڻ ڪري 6 مهينن اندر لکين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي، هنن گهر ڪئي ته جلد ٺيڪا نيلام ڪيا وڃن.