منصور سرور
سينيئر رڪن
سيد سهيل شاهه(عبرت)
تاريخ جي ورقن ۾ ويڙهيل سنڌ جي بادشاهت تي هڪ نظر وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته اُها هر حوالي سان سدائين شاهوڪار رهي آهي. اهي قيمتي شيون جنهن کي پائڻ، کائڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو اڃان ڪنهن قوم وٽ تصور به ڪونه هو، امڙ سنڌ جا باشندا ان دور کان وٺي اهڙين قيمتي شين جا وارث رهيا آهن. سنڌ گهوڙن ۾، رٿن (گاڏين) ۾، عمدن گهڙيل ڳاهن ۾، کاڌي پيتي ۾ ۽ سدا تازي (ميوي) ۾ شاهوڪار آهي. سلاماٻوٽا يعني مڃ وغيره جن مان کٽولن لاءِ واڻ ۽ رسيون ٺهن ٿيون، سي ٻوٽا به سنڌ ۾ کوڙ آهن ۽ سڀاڳيءَ سنڌ جا ڪنارا ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهن.
رگويد ۾ آيل ان تحرير مان اسانکي سڌ پوي ٿي ته سنڌي قوم وٽ ان دور ۾ به اهڙيون آرائشي شيون جهڙوڪ، گھوڙا، زيور، گاڏيون ۽کاڌ خوراڪ موجود هئي جنهن دور ۾ ٻين ڪيترين ئي قومن کي اڃان پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي.
پنج هزار سال پهريائين مٽيءَ هيٺان آيل موئن جو دڙو اڄ به پنهنجي شاهوڪار ثقافت ۽ تهذيب جو کليل مثال آهي. ان منجهان کوٽي ڪڍيل گهوڙن ۽ ڏاندن جا مجسما، خوبصورت گهڙيل ڳهه، جون جا ڀنڊار، کجيءَ جون ککڙيون، چاقون، ڪهاڙا، سون ۽ چانديءَ جا زيور، ٺڪر ۽ ٽامي جا ٿانو، گهر، پاڙا، بازارون ۽ 33 فٽ ويڪرين گهٽين ۽ رهائشي ڪالونين جي طرز ۽ نقشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ جا اصلوڪا ماهر هئا. وٽن ملڪيت به عام جام هئي.
موئن جي دڙي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو ازل کان وٺي محنت ۽ مشقت جا عادي هئا. اهي اهڃاڻ اسان جي هاڻوڪي اوائلي سنڌ جي ماڻهن تي به ظاهر آهن. اهي ماڻهو ڪيئن بادشاهه، حڪمران ۽ سرنديءَ وارا بڻيا اچو ته انهيءَ تي هڪ مختصر نظر وجهون.
سنڌي ماڻهن جي اها ملڪيت ڪا ابن ڏاڏن جي ڇڏيل ميراث ڪانه هئي پر جيڪي ڪجهه به انهن وٽ هو سا انهن جي ڪيل محنت ۽ پورهئي جو نتيجو هو. جيڪي انهن پنهنجون ڏينهن رات جون ننڊون وڃائي گڏ ڪئي هئي. سندن معيشت جو دارومدار زراعت ۽ چوپائي مال تي هو. انڪري زمينن ۾ اڪثر ڀاڄيون، اَنُ، ميوا ۽ گاهه وغيره پوکيندا هئا. فصلن لاءِ پاڻي جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ وٽن تلاءَ ۽ کوهه موجود هئا جنهنڪري کين بارشن جو انتظار نه ڪرڻو پوندو هو. ڪاشتڪاري، تعميراتي فن ۽ ڪاريگريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هنرمند ماڻهن کي سرڪار طرفان مالي سهائتا ڏني ويندي هئي ته جيئن اهي پنهنجي فن ۾ ڪتب ايندڙ اوزار ۽ ٻيون شيون خريد ڪري سگهن.
سنڌي ماڻهو ڪمانگريءَ، چٽسالي، تعميراتي ۽ ڪاشيءَ جي فن جا ماهر هئا. سندن فن ويجهن توڙي ڏورانهن علائقن تائين تمام گهڻو مشهور هو. ان ڪري ڪيترائي ننڍا وڏا حڪمران ۽ بادشاهه پنهنجي محلن جي سونهن وڌائڻ لاءِ سنڌ جي ان فن کي بادشاهي روپ ڏياري محلن ۾ سجرائيندا هئا.
اهي ماڻهو اڪثر ڪري زميني مٽيءَ کي ڪتب آڻي ان منجهان خوبصورت چٽسالي ۽ ڪمانگريءَ جي چٽن واريون سرون، صراحيون، مٽ، پيالا، ٿالهه ۽ ٿالهيون ۽ ديوارون ٺاهيندا هئا ۽ پنهنجي ڪاريگريءَ ۽ فن سان انهن کي ايترو ته من موهيندڙ، دلڪش ۽ دلفريب بڻائيندا هئا جو کين ڏسڻ وارو دنگ رهجي ويندو هو.
دريائي ۽ ساحلي پٽيءَ تي ٿيندڙ شهتوت، ٻٻر، ناريل ۽ نم جي وڻن مان ملندڙ ڪاٺ منجهان خوبصورت ۽ وڻندڙ ڊيزائن وارا دروازا، دريون، کٽولا، پينگها، ڪرسيون ۽ ٻيو آرائشي ۽ قيمتي سامان ٺاهيو ويندو هو، جيڪي به اڪثر بادشاهن جي محلن جي زينت بڻجندا هئا. اُنَ ۽ ڪپهه مان ٺهيل ڪپڙا، شالون ۽ لويون به عام وڪري لاءِ بڻايون وينديون هيون ۽ انهن سان هڪجهڙائيءَ وارا چمڙي جا بوٽ ۽ جتيون به هر هنڌ ملي وينديون هيون. اهو سمورو ساز و سامان جهجهي اگهه تي وڪڻي سٺو ناڻو ڪمايو ويندو هو. اهڙيءَ طرح سنڌي ثقافتي شيون ڏورانهن شهرن ۽ وسندين تائين پهچڻ لڳيون ۽ سنڌي فن هر هنڌ اجاگر ٿيڻ لڳو.
اهي ماڻهو پنهنجيون بڻايل ۽ ٺهيل شيون قافلن جي صورت ۾ گڏهن، گهوڙن، اٺن ۽ ڏاندن تي پري پري شهرن تائين وڪري لاءِ کڻي ويندا هئا ۽ اتان کان به جهجهو ناڻو ڪمائي ايندا هئا. بنيادي طور تي اهي ماڻهو مالوند ۽ هاري هئا انڪري پنهنجي ڪمايل ناڻي مان اڪثر ڪري زمينون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال خريد ڪندا هئا. سندن طرفان ڪيل محنت و مشقت سان ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي وئي. سرنديءَ وارا ماڻهو به ايمان ۽ يقين جا پختا پيروڪار هئا ۽ انهن وٽ جيڪي پورهيت سڄو ڏينهن محنت ڪندا هئا تن کي اجوري طور هڪ سوني مهر ڏيندا هئا. سون جي جهجهي واهپي جي ڪري پورهيت گهراڻي جي عورتن جي ٻانهن ۾ به سونا ڪنگڻ ۽ چوڙيون پيل هونديون هيون.
ملڪي معيشت جي پختگيءَ ۾ عورتن جو ڪردار به قابل تعريف رهيو. اهي به پنهنجي گهرن ۾ ڀرت، ڪنڊيءَ، ذريءَ مٽڪ بوڇڻ ۽ اڻيل ڪپڙا ٺاهي مردن جي قافلن سان گڏ ڏورانهن علائقن ڏانهن واپار لاءِ کڻي وينديون هيون. سندن جا ٺهيل ويهاڻن ۽ گادين وارا ڪنڊيءَ جي ڀرت جا سونهري گل بادشاهن جي محلن جي سونهن بڻيل هئا. ان سان گڏ ويهاڻن ۽ رلين جي چئني ڪنڊن کان ريشم جي تندن سان ٻڌل سونا جهاٻا به خوبصورتيءَ جي علامت بڻيل هئا. سگهڙ مايون چولن، پوتين، چادرن، گاديلن ۽ ويهاڻن جي ڇون تي ڀرت ۽ ٽڪون ٽاڪن جو ڪم نهايت ئي مهارت ۽ صفائيءَ سان ڪنديون هيون. جيڪي ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهن جي خواهش پٽاندڙ هونديون هيون ۽ انهن جي خريد و فروخت به تمام گهڻي هوندي هئي.
سنڌي ماڻهن جي اهڙي گڏيل محنت ۽ پورهئي جي نتيجي ۾ سنڌي قوم جلد ئي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي وئي ۽ اهي تمام جهجهي ڌن جا وارث به ٿي ويا. انهن جي شاهوڪاريءَ جو هڪ مثال هندو حڪمران راجا سونيه جو آهي جنهن کي ڏهه نياڻيون هيون ۽ ان حڪمران پنهنجي نياڻين کي جيڪو ڏاج ڏنو هو ان ۾ هڪ سئو سونا سڪا، هڪ سئو گهوڙا، هڪ سئو ڏاند، هڪ هزار ۽ ست سئو ڳئون ۽ يارهن رٿ ڏنا. هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل هئا جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. ڀيرو مل جي ڪتاب هندن جي تاريخ تان ورتل)
راجا سونيه جي ڏنل ان ڏاج مان اندازو ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌي ماڻهن وٽ سون، چاندي، چوپايو مال ۽ قيمتي موتي گهڻي مقدار ۾ موجود هئا ۽ زمينن مان ايندڙ آمدني به سندن دولت جو هڪ خاص حصو هو. هنن پنهنجي فن، هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ملڪي معيشت کي مضبوط تر بڻائي ڇڏيو ۽ عام واهپي جي شين جا مرڪز قائم ڪيا. اهي ڏورانهن ڏيهن مان وڻج واپار ڪري ٽامون، ڪنجهو، ٽين ۽ جواهر آڻيندا هئا، انهن جي قيمتي شين جي خريد و فروخت مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو لکاپتي هئا ۽ سندن مال ملڪيت جو سارو دارو مدار وڻج واپار، زراعت ۽ چوپائي مال تي هو. جنهن سان انهن محنت ڪري هر هنڌ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو ۽ تهذيب ۽ ثقافت جو اهڙو پختو بنياد وڌو جو صدين تائين ماڻهن کان ڪين وسرندو.