فائدو ڌاريو سامراج وٺندو!

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پاڻ ۾ وڙھي پنھنجي قوت ختم ڪري ڇڏي سون ته ان جو فائدو ڌاريو سامراج وٺندو!
    خليفي معاويه“ جي ماءُ ۽ ”ابو سفيان“ جي زال (ھندھه) ھڪ جنگ ۾ ”حضرت حمزه“ جي شھيد ٿيڻ تي سندس جگر ڪڍي چٻاڙيو ھو . پر پوءِ به رسول مقبول صلعم جن جڏھن مڪو فتح ڪري ورتو تڏھن کيس معاف ڪري ڇڏيائين . مورڳو چيائين ته جيڪو سندن گھر ۾ پناھ وٺندو ان کي به معاف ڪيو ويندو. اھو انھيءَ جي ڪري جو ”عرب“ اڃا پوريءَ طاقت ۾ ڪونه آيا ھئا ۽ کين ھر ھڪ عرب جي حمايت ۽ مدد جي شديد ضرورت ھئي!
    چون ٿا ته رسول مقبول صلعم کي غِيب جو علم ھيو. جي اھو صحي آھي ته پوءِ کيس اول ئي خبر پئجي وئي ھوندي ته ”معاويه“ جو پٽ ”يزيد“، سندس ڏوھٽي جي لاش تي گھوڙا ڊوڙائيندو! پر ان جي باوجود رسول صلم کيس معاف ڪري ڇڏيو.​

    اشداءُ علي اللکفار رحماءُ بينھم ​
    (مخالفن تي سختي ڪريو پر پنھنجن تي رحم ڪريو)​

    اھڙيءَ طرح وڏو جگر رکجي وڏي دل ڌارجي ۽ سھپ سان گڏ دانشمندي اچڻ گھرجي ڇو ته اسان به اڃان پوري طاقت ۾ آيا ناھيون. اسين ٽڙيل ۽ پکڙيل آھيون ڌاريو سامراج متحد ۽ تيار آھي. ان سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنھنجي قوت کي گڏ ڪرڻو آھي پر ٽوڙڻو ناھي جيڪڏھن اول ئي پاڻ ۾ وڙھي پنھنجي قوت ختم ڪري ڇڏي سون ته ان جو فائدو ڌاريو سامراج وٺندو!ـ​
    سائين جي ايم سيد​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو