عمرڪوٽ جو تاريخي پسمنظر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين زيب سنڌي جي فيس بڪ وال تان
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]

    سنڌ جي نقشي ۾ پهرين تاريخ جي چنڊ وانگر ڏکڻ کان اتر اوڀر جي ڪنڊ تائين سنهڙي ليڪ ۾ پکڙيل ٿر جو علائقو پنجن طبعي ڀاڱن تي مشتمل آهي. جن مان هڪڙي طبعي ڀاڱي جو ڍاٽ آهي. جنهن ڍاٽ ۾ عمرڪوٽ آباد آهي. عمرڪوٽ جي پسگردائي واري علائقي جا رهواسي پيار ۽ پنهنجائپ مان امراڻو به چوندا آهن.
    امراڻي متعلق تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ ان جا طبعي ڀاڱا به مختلف لکيل آهن پر شاهه لطيف جي شاهدي مطابق عمرڪوٽ ڍٽ جي ڀاڱي سان تعلق ٿو رکي مثال طور سر مومل راڻو ۾ راڻي مهندري کي ڍاٽي ڪوٺيو آهي .

    تون ڍاٽي، ڍٽ ڌڻي، ڍوليا تنهنجو ڍٽ

    عمرڪوٽ جي جاگرافيائي بيهڪ :

    عمرڪوٽ جي اتر ۾ ضلعو سانگهڙ، اولهه ۾ ضلعو ميرپورخاس، ڏکڻ-اوڀر ۾ ضلعو ٿرپارڪر آهي. عمرڪوٽ ضلعي جي ڪل پکيڙ 5608 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. عمرڪوٽ ضلعي ۾ چار تعلقه آهن، جڏهن ته يونين ڪائونسلن جو تعداد 27 آهي.

    عمرڪوٽ پنهنجي بيهڪ جي لحاظ سان ٿر ۽ ناري جي سنگم تي آهي. عمرڪوٽ جيبئراجي علائقي کي ڇور واهه، ڪوٽ واهه، نورواهه ۽ نبي سر واهه سميت ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون شاخون آباد ڪن ٿين جيڪي سڀ نارا ڪئنال مان نڪرن ٿيون. نارا ڪئنال جي نسبت سان هن علائقي کي نارو سڏيو ويندو آهي.

    آبهوا :
    عمرڪوٽ سنڌ جي وچولي علائقي ۾ آهي، سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم رهي ٿو. گرمين ۾ اڪثر درجه حرارت 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌي وڃي ٿو. جڏهن ته سياري ۾ 6 ڊگري سينٽي تائين رهي ٿو. سالانه 16 سينٽي ميٽر مينهن پوي ٿو. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ گهڻو مينهن پوي ٿو. مارچ کان آڪٽوبر تائين ڏکڻ-اولهه جون هوائون لڳن ٿيون، جڏهن ته سياري ۾ نومبر کان فيبروري جي وچ تائين ٿڌيون اتر جون ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون. هتي جي آبهوا عام طور تي خشڪ رهي ٿي.

    عمرڪوٽ جو قلعو :

    عمرڪوٽ جو قلعو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو ۽ شهر ڪهڙي سن ۾ آباد ٿيو؟ ان سوال جو ڪوبه حتمي جواب جيتوڻيڪ تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ درج ٿيل ڪونهي پر هڪڙي ڳالهه سڀني ڪتابن ۾ ملي ٿي ته عمرڪوٽ جو قلعو پرمار سوڍي راجا سسوڍ پنهنجي نياڻي کي ڏاج ۾ ڏنو ۽ سندس ناٺي يدونسي راجا منڊم راءِ 559ع ۾ هن قلعي اندر پنهنجي گادي قائم ڪئي هئي. ان حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته عمرڪوٽ جو قلعو 559ع ۾ موجود هو.
    عمرڪوٽ جي موجوده قلعي واري بيهڪ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي تعمير ڪرايل آهي، جيڪا هن 1737ع تائين مڪمل ڪرائي.

    اڪبراعظم جي ڄمڻ جو هنڌ
    اڪبراعظم جي ڄمڻ جو هنڌ عمرڪوٽ جي قديم تاريخي ماڳن مان هڪ آهي. هن هنڌ تي اڪبر جو جنم ان وقت ٿيو، جڏهن سندس پيءُ همايون، شير شاهه سوري جي هٿان شڪست کائي فرار ٿيڻ وقت ڪجهه وقت لاءِ هن هنڌ تي ترسيو هو.
    اڪبر مغليه عهد جو ناميارو بادشاه ٿي گذريو آهي، هو مسلمانن ۽ هندن ۾ هڪ جيترو مقبول هو.

    انتظامي لحاظ کان عمرڪوٽ ضلعي کي چئن تعلقن ۾ ورهايو ويو آهي

    عمرڪوٽ، سامارو، پٿورو ۽ ڪنري


    آدم شماري
    1998ع جي آدم شماري موجب ضلعي عمرڪوٽ جي آدمشماري 663100 جيڪا 2009ع ۾ 3.28 سالياني شرح واڌ جي لحاظ سان 945600 ٿئي ٿي

    شرح خواندگي
    شرح خواندگي = %31.7

    مرد = %38.3

    عورتون = %24.6

    صحت

    هيپاٽائٽس B ۽ E جي وڌڻ جي ڪري هتي جي ماڻهن جي صحت جي صورتحال تمام خراب آهي

    چوپايو مال :

    چوپايو مال هن وارياسي علائقي جي ماڻهن جي روزگار جو اهم ترين وسيلو آهي.
    [​IMG] [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    چون ٿا ت عمر ڪوٽ جو اصل نالو امرڪوٽ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو