جلوه گر جان

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
غزل ================== جان زريناڻي

جا بجا جلوا پَر هت بَس آ
ڪايا ڪامڻ جي ڀيوَس آ

ماکي ۾ مزو, ناهي تهڙو
جهڙي رُخسارن ۾ رَس آ

جانان جي جوڀن ۾ جادو
مٺڙو ماهي مايَر مَس آ

فُرصت ۾ ويهي هُن کي جو
جنهن جوڙيو اُن کي جَس آ

جڏهن کان ٿيو دَرشن آ
تڏهن کان ته تَن ۾ تَس آ

هُن جي نانُ ڪري جو پيتم
اُن ٻيڙي ۾ ڪيڏي چَس آ

حاذق آڻي هڪ دم هت ڏيو
منهنجي جان نه منهنجي وَس آ

پنهنجو پاڻ ملي آ مونکي
اَهڙي قرب ۾ ڪهڙي ڪَس آ

جان به تنهنجو آن به تنهنجي
نا مَحرم ناچو نَس نَس آ
 
ﻏﺰﻝ @ ﺟﺎﻥ ﺯﺭﻳﻨﺎﮢﻲ

ﺩﻟﺒﺮ ﺍﭲ ﭜَﺮ ۾ , ﻭﻳﻬﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ
ﭜﺎڪﺮ ۾ ﭜﺮﻱ ﺗَﻦ ﻣَﻦ ﭠﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ

ڪﺎﭤﻲ ﺳﺮﻧﺪﻱ ﺁ, ﺗﻮ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍ, ﮀﻮ
ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻮ ﺁ, ﻳﺎﺭ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ

ﺍﭲ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱ ﺟﻮ ﭤﻲ ﺑﺎﺏ ﻭﻳﻮ ﺑﻨﺪ
ﺟﻴڪﻮ ﺩﺭﺩ ﺑﻪ ﻫﻮ , ﻫُﻦ ٽﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ

ﻫُﻦ ﺟﻮ ﻗﺮﺏ ڏﺳﻲ , ﺁﺧﺮ ۾ ﺟﻴڪﻮ
ﺣﻮﺻﻠﻮ ﻫﻮ, ﺳﻮ ﻣﺎﻥ ﺑﻪ ﻭﺍﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ

ﺟﺎﻥ ﻣﻠﻲ ﺟﺎ ﻣﺤﺒﺖ ﻣﻔﺖ ۾ , ﺗﻨﻬﻦ
ﭔڏﻧﺪڙ ﭔﻴڙﻱ ﮐﻲ آ ﺗﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ﻏﺰﻝ <<<<<<<<<<<< ﺟﺎﻥ ﺯﺭﻳﻨﺎﮢﻲ


ڪﺎﺭﻥ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺟُﻬڙ ۾ ﮔُﻢ ﺁﻫﻴﺎﻥ

ﻻﻟﻲ ﻻﺗﻲ ﺟﺎ ﻟُڙ ۾ ﮔُﻢ ﺁﻫﻴﺎﻥ

ﺩﻳﺪ ۾ ﺩﻳﺪ ﻣﻼﺋﻲ ﺗﻮ ﭜﮙﻲ ﺁﺭﺱ

ﺍُﻥ ﺋﻲ ڪﺮﻭٽ ﺟﻲ ڪُڙ ۾ ﮔُﻢ ﺁﻫﻴﺎﻥ

ﺗﺎﺯﻭ ﺗڙ ڪﺮﻱ ﺗﻮﻥ ﺟﻮ ﻧڪﺘﻲ ﺁﻫﻴﻦ

ﺗﻦ ﺗﻲ ﺗﺎﺯﻱ ﭰڙ ﭰڙ ۾ ﮔﻢ ﺁﻫﻴﺎﻥ

ﻟﻴﻼ ﺟﻲ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ۾ ﺑﻴﭡﻮ ﻫﻮ

ﻣﺠﻨﻮﻥ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻣﺎﻥ ﭤڙ ۾ ﮔﻢ ﺁﻫﻴﺎﻥ

ﺩﻳﺪﺍﺭ ﺧﺎﻃﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﺎﻥ ﻣﭡﺎ , ﺍﭲ

ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻮﺗﻲ ﺟﻲ ﭘُڙ ۾ ﮔﻢ ﺁﻫﻴﺎﻥ
 
Back
Top