شهيد بينظير آباد ڊويزن، جمهوريت ۽ اسين عوام

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد بينظير آباد ڊويزن، جمهوريت ۽ اسين عوام

    ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

    پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه نوان نوان تجربا ٿيندا رهن ٿا پر اهي وقت جي نزاڪت سان حلال ۽ حرام به ٿيندا آيا آهن. پهرين جڏهن ڪمشنري نظام هيو ته انهيء کي اهو چئي ختم ڪري نئون قانون ٺاهيو ويو ته عوام جمهوريت جا مزا ماڻي ۽ اسين جمهوريت کي ” گراس روٽ “ تائين عوام جي در تائين پهچائڻ جو طئه ڪيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي اقتدار جي ٻئي ٽرم ۾ هڪ نئين سوچ تي بحث مباحثا ڪري هئي ته هن ملڪ ۾ هڪ نئون ” سوشل ڪانٽريڪٽ “ عمل ۾ اچڻ گهرجي ، جنهن ۾ ضلعي گورنرس جو هوء بار بار ذڪر ڪندي رهندي هئي ته اچانڪ سندس حڪومت کي ” ڪرپشن “ جي الزامن تحت ختم ڪيو ويو ۽ ايئن اهو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه وارو سوشل ڪانٽريڪٽ هميشه لاء انهيء سان گڏ دفن ٿي ويو . انهيء محترمه بينظير ڀٽو جي سوشل ڪانڪٽريٽ ۽ ضلعي گورنرس کي جنرل مشرف تبديل ڪري ان کي ضلعي حڪومتن جي صورت ۾ عملي وجود ۾ آڻي ضلعي ، تعلقي ۽ يونين جي سطح تي ناظم سسٽم کي متعارف ڪرايو جيڪو هن ملڪ ۾ پورا 8 سال هليو . اهو نظام ڪٿي شاندار رهيو ته ڪٿي انهيء سسٽم ۽ نظام مان عوام کي ڪوبه فائدو نه ڏنو ويو ، ساڳيا وڏيرا ۽ بيوروڪريٽ گڏجي پنهنجن ظلعن جي بجيٽ کي ڌوئيندا کائيندا رهيا ، انهيء سسٽم ۾ صرف هڪ خرابي اها هئي ته انهيء ۾” ناظم “ اڇي ڪاري جو مالڪ هئڻ سان گڏ انهيء جي ڪرپشن کي ڪير روڪي نه پيو سگھي.

    جيڪڏهن انهيء ناظمي سسٽم ۾ ڪنهن سٺوڪم ڪيو ته اهو اڄ به سٺو ليکيو پيو وڃي چاهي اهو سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو ڇو نه هجي ، جيڪڏهن تباهي ۽ برباديء سان نا اهلي ۽ ڪرپشن ڪرڻي هئي ته انهيء ۾ نوشهروفيروز ، دادو ، سانگھڙ ،بدين ، ٺٽو ۽ ٻيا ڪافي ظلعا ترقيء کان بلڪل رهجي ويا .اتي اڄ به ساڳي ڌوڙ اڏامي رهي آهي. هاڻي جڏهن اسان جي سنڌ جي موجوده حڪومت جمهوري بلڪه ابن جمهوري آهي ته انهيء ۾ اها توفيق نٿي پيدا ٿي سگھي ته هوء سنڌ ۾ مڪاني چوندون ڪرائي پنهنجو نالو ” گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ “ ۾ لکرائي پر صورتحال ساڳي آهي ، انهن کي اهي سٺا ڪم يا جمهوريت جي روح سان شايد ڪابه سچائي نه هجڻ جو اهو ثبوت ڪافي ناهي جو هن پنهنجي چاليھ سالن جي مختلف وقت اقتدار ۾ هڪ دفعو به مڪاني نظام جون سڌينو سنيون چوندون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ، چاهي اهو دور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هيو يا محترمه شهيد بينظير جو هيو يا جناب آصف زرداري يا قائم علي شاه صاحب جو هجي ، مطلب مقصد ساڳيو رهيو ته هو انهيء مڪاني نظامن کي حلال يا حرام چوندا هڪ کي حلال سمجھندا به هجن پر هو دلي طور ڪنهن به طرح مڪاني نظام جي چونڊن کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه رهيا آهن نه آهن ۽ نه رهندا ، باقي اعلان ۽ چوڻ ۾ ڇا آهي ؟ اصل ۾ ته ان ڪيل اعلان يا آئين جي پاسداريء ۾ انهيء تي عمل ڪرڻ ئي جمهوريت جو اصل حسن آهي ، جنهن کي اڄڪلھ پنهنجي مرضيء سان ” چونو “ لڳائي خوبصورت بنائڻ جا مقصد سنڌ اندر نئين دويزنن ۽ ضلعن جي ڀرمار اچي رهي آهي . اسان کي به حقيقي ڪم ڪرڻ اچي ئي ڪونه ٿو ،پوء انهيء ڪري اسين ماڻهن خوش ڪرڻ جا فرمان ته جاري ڪري ڇڏيون ٿا پر فرق صرف اهو ٿو پوي ته پهرين منهنجو منهن سکر هيو وري منهنجي منهن کي پنهنجي ضلعي ۾ رکيو ويو ۽ هاڻي وري ٽيهر منهنجي منهن کي سکر مان ڦيرائي نوابشاه ڪيو ويو . مقصد اهو ته مون عوام کي ڇا مليو ؟ اهو ته تمام سٺو ٿيو ته نوابشاه هڪ وڏو سهڻو ۽ عاليشان ، سمورين آفيسن سان هٿيار بند ٿي ويندو ، اتي ماڻهن کي روزگار ميسر ٿيندو ، نيون آفيسون ۽ سواريون جنم وٺنديون پر ڇا انهيء سموري عمل ۾ ميرٽ زنده ٿي سگهندي؟ جيڪا ميرٽ هن ئي موجوده حڪومت انهيء جو جنازو ڪڍي خود ئي دفنائي به چڪي آهي.

    نوشهرو فيروز کي سکر مان ڌار ڪري نوابشاه ڏانهن روانو ڪيو ويو ته سانگھڙ کي ميرپور خاص مان ڪٽي شهيد بينظير آباد سان ڳنڍيو ويو. تمام سٺو فيصلو ڪيو ويو ، اسان انهيء ۾ به خوش آهيون پر انهيء کان پهريان ڇا ٿيڻ گهربو هيو ڇا وڌيڪ بهتر ٿيڻ گهربو هيو ان تي ڪڏهن به سوچ ويچار نه ڪيو ويو ، صرف شهيد بينظير آباد تي ئي سوچيو ويو ،انهيء کي ئي لائق خوبصورت ۽ معتبر بنائڻ جوڪم سالن کان هلندڙ هيو باقي جن ضلعن کي شامل ڪرڻو هيو انهيء لاء ڪڏهن به انهن موجوده حاڪمن ، خواهشن تي عمل ڪندڙن اها سروي ئي ڪرائي نه سگھيا هئا ته اتي به ڪجھ شين جون بنيادي ضرورتون آهن اهي به بهتر ڪندا هلون ؟ ڪڏهن به نه ، صرف وقت کي ڌڪي ڏيڻ جا لالي پاپ ، جيڪي تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻيهر لالي پاپ ٻڌڻ ۾ آيا . ڊويزن جي اعلان ڪندڙ انهيءساڳئي وزيراعلي جي هڪ اعلان تي ڪهڙو عمل ٿيو جڏهن آڪٽوبر 2008 ۾ ساڳئي وزير اعلي سنڌ اعلان ڪيو هيو ته توهان جي ضلعي هيڊڪوارٽر جي اسپتال کي اهڙو ڪنداسين جو توهان کي نواب شاه ، حيدرآباد يا ڪراچي نه وڃڻو پوندو، هر بيماريء جوڊاڪٽر هتي نوشهرو فيروز جي اسپتال ۾ توهان جو علاج ڪندو . انهيء اعلان جي روشني ۾ اڄ جي اها سول اسپتال ويندي ماڻهون کي پنهنجي ئي بي حسيء تي رحم اچيو وڃي جٿي ، ڄمندڙ ٻار لاء نرسري يا اين آء سي يو نه هجي ، جٿي 10 سال پهرين گائني جو وارڊ مڪمل نه ٿيل هجي ان کي پڙدا ڏئي گھر بڻايو ويو هجي ............! هنن حاڪمن ڪڏهن اهو سوچيو ته هنن علائقن جي جر جي پيئن جي پاڻيء ۾ لوڻياٺ جو هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڇو ٿي ويو آهي، هيء ماڻهون بي خبريء ۾ زهر پي رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن جي پيئڻ جي صاف پاڻيء جو ڪهڙو حل ڳولهي ڪڍجي ؟ هتي جي پڙهيل نوجوان کي روزگار ڏجي ،هتي جي انتظاميه آزاد خودمختياريء سان گڏ ڪرپشن ، اقارپروري ، ذات پات کان سواء گڏيل ترقي هئڻ گھرجي ،هتي قانون جي حاڪميت ، عدل وانصاف ۽ عام ماڻهونء جي جان و ملڪيت جي حفاظت سان گڏ گڊ گورنرس جو بنياد پوڻ گھرجي، هتي انڊسٽريل زون ٺاهي ماڻهن مان بيروزگاري ۽ تنگد ستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي .هتي جي ماڻهن کي انفرا اسٽرڪچر ، سٺا تعليمي ادارن سان گڏ راندين جا ميدان ، صحت جي سهوليتن سان گڏ سهڻا ۽ سٺا پارڪ ڏجن؟ هن موجوده حڪومت جي ڏنل مهربانين مان اسان ڪنهن هڪ مان لاڀ حاصل ڪيو هجي ته اسين سندن شڪر گذار رهون پر حقيقيتن انهن حڪمرانن کي اسان عوام جا شڪرانا ادا ڪرڻ گهرجن جو اسان جي گھٽين ، نالين ، واٽر ڪولرن جي اسڪيمن جا توهان مقرر ڪيل آفيسر ، او پي ايس آفيسر ، ڪرپشن جا رڪارڊ ٺاهيندڙ آفيسر ، ڪلارڪ ۽ اڪائونٽنٽن سان گڏ پهچ رکندڙ سياسي ڪامورا سمورو ڪجھ چٽ ڪرڻ ۾ ڪا به گھٽائي نه ڪئي ۽ نه ئي توهان انهن جي ڪن گوشي ڪئي ته هاڻي ڪيئن ممڪن آهي ته هيء نئين ڊويزن شهيد بينظير آباد به هڪ گڊ گورنرس مان هڪ تحفو آهي ؟ اسان جا حڪمران جيڪڏهن چاهين ته سنڌ جي انچ انچ تي هو ڊويزنون قائم ڪري سگھن ٿا ، اسين انهن جي به آمنا صدقنا ڪرڻ لاء تيار آهيون ، پر انهيء ۾ عوام جي مٿان ظلم جبر ۽ عوام کي ” غلام “ رکڻ ۽ ان جي حسرتن ۽ خواهشن کي سوريء تي لٽڪائي حڪمراني ڪرڻ جو تصور به ظالماڻو بي رحم آهي نه ڪي اهو جمهوري ڪلچر جو حصو آهي انهيء نيئين وجود ۾ آيل سنڌ جي ستين ڊويزن شهيد بينطير آباد جي قيام تي اسين سنڌ واسي ۽ اتان جا رهواسي خوشيء جو اظهار ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ نيڪ اميدن مان اهي اميدون به رکنداسين ته اهليت ، معيار ،روزگار ، انفاراسٽرڪچر ، ادارن جي ورهاست ۽ اتان جي وسيلن جي ورهاست حقيقي ۽ ايمانداريء جي بنياد تي قائم ڪئي ڪئي وڃي نه ڪي اقرباپروري يا تحفي بازيء ۾ هيء ڊويزن به ايئن کنڊراتن، عجوبن يا ماضيء جي مزارن وانگر رکي عوام جي ڏکن سورن کي ختم ڪرڻ کانسواء خوشيون ملهائڻ ۾ ڪابه خوشي ناهي رهندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو