سنڌي لينگيوئج ٽيچرز سان ٻه اکيائي ڇو؟ ايڊووڪيٽ منصور الحق سولنگي 7 مئي واري ڏينهن تي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ جڏهن نون استادن ”نيو ٽيچرز ايڪشن ڪميٽيءَ“ جي پليٽ فارم تان بلاول هائوس ڏانهن احتجاج ڪرڻ واسطي ڪراچيءَ ۾ مارچ شروع ڪيو ته کين بوٽ بيسن واري چوسول تي روڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ جي پوش علائقي واري ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مصطفيٰ جمال قاضيءَ استادن کي اهو چئي احتجاج ختم ڪرايو ته کيس ڏهن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ته جيئن هو اعليٰ اختيارين سان ڳالهائي سندن لاءِ پگهارون جاري ڪرائي سگهي. ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيل تعليم کاتي ۾ اهي استاد گذريل ويهن مهينن کان جيئن ئي مقرر ڪيا ويا آهن، تيئن انهن کي پگهارون نه مليون آهن. حالانڪه ان عرصي دوران مڪاني کاتن واري اداري، پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ جيڪي ملازم مقرر ڪيا ويا هئا، انهن کي باقاعدگيءَ سان پگهارون ملي رهيون آهن ۽ ان ٻيڙيءَ ۾ صرف نون مقرر ڪيل استادن کي واڻيو قرار ڏئي درياهه ۾ اڇليو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن استادن کي پيپلزپارٽيءَ جي اڳئين حڪومتي دور ۾ مقرر ڪيو ويو هو ۽ هينئر به صوبي ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ئي سرڪار قائم آهي. نوي سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ايم پي ايز به پراڻا ئي آهن. وزير به گهڻي ڀاڱي ساڳيا آهن. پر خبر ناهي ته نون استادن سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو ويو آهي؟. ڄڻ ته هيءَ حڪومت ڪنهن ٻي پارٽي جي آهي ۽ نوان مقرر ٿيل استاد ڪنهن مخالف حڪومت جا مقرر ڪيل هجن. ماضيءَ ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن ۾ مقرر ٿيل ملازمن لاءِ، مخالف حڪومتن جو اهو رويو ڏسڻ ۾ ضرور ايندو رهيو آهي. پر ساڳي پارٽيءَ جي حڪومت جي ٻن لاڳيتن دورن ۾، استادن لاءِ موافق ۽ مخالف رويو صرف هن ڀيري ڏسڻ ۾ آيو آهي. تعليم کاتي ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملو مقرر ڪرڻ لاءِ کاتي طرفان 2012ع جي مارچ مهيني ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا هئا، جن ۾ پهرين کان پندرهين گريڊ تائين مقرريون ڪرڻ لاءِ درخواستون گهرايون ويون هيون. درخواستن کان پوءِ جن اميدوارن خواهش ڏيکاري هئي، تن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال کان پوءِ کين لکت جي امتحان لاءِ گهرايو ويو ۽ جن اميدوارن اهو لکت جو امتحان پاس ڪيو، انهن کان وري زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان پاس ٿيل اميدوارن کي تعليم کاتي طرفان باقائدي ”آڇ“ يعني آفر ليٽر جاري ڪيا ويا. جن کي هنن قبول ڪيو، جنهن کان پوءِ انهن آڇ قبول ڪندڙ استادن کي پاڻ کي طبي طرح سان چاڪ چوءبند ثابت ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل فٽنيس لاءِ اماڻيو ويو. ان بعد سندن سماجي ۽ اخلاقي رڪارڊ جي جاچ لاءِ پوليس طرفان تصديق ڪرائي وئي. ان تصديق کان پوءِ انهن اميدوارن کي مقررين جا حڪم ”اپائنٽمينٽ ليٽرز“ جاري ڪيا ويا. ۽ هنن پنهنجي پنهنجي مقرريءَ واري جاءِ تي نوڪريءَ تي حاضر ٿي ڊيوٽي شروع ڪئي ۽ ”جوائننگ رپورٽ“ تعليم کاتي جي واسطيدار بالا آفيسن ۾ جمع ڪرائي. انهن نون استادن کي ڊيوٽيون سر انجام ڏيندي ويهن مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. ان وچ ۾ 11 مئي 2013ع واريون عام چونڊون به آيون، انهن چونڊن دوران نون استادن کان اليڪشن ڊيوٽيون ورتيون ويون ۽ موٽ ۾ کين اليڪشن جي ڊيوٽيءَ لاءِ مقرر ٿيندڙ اسٽاف جو سرڪاري الائونس به ڏنو ويو. ڊيوٽين سرانجام ڏيڻ کان پوءِ جڏهن انهن نون استادن پگهارن لاءِ معلوم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن کين پهريائين ته ٻڌايو ويو ته اڃا اڪائونٽٽ جنرل سنڌ وٽ لاڳايل ڪاغذ نه پهتا آهن- وري کين ٻڌايو ويو ته سيڪريٽريٽ جي ڪارروائي اڃا رهيل آهي- اڄ ٿي پگهار جاري ٿئي- سڀاڻي ٿي جاري ٿئي. ايندڙ پهرينءَ تي ٿي ٿئي وغيرهه وغيرهه. پگهارن ۾ مسلسل دير ٿيڻ کان پوءِ ۽ لاڳاپيل آفيسن مان ڪو به خاطر خواهه جواب نه ملڻ بعد نون استادن انصاف لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو. عدالت ۾ پڇاڻي کان پوءِ تعليم کاتي جي بالا آفيسرن هڪ نئون موقف اختيار ڪيو ته ”انهن نون مقرر ٿيل استادن جي ڀرتي ئي غير قانوني آهي“. غير قانوني ڀرتيءَ واري سوال تي، عدالت طرفان ڀرتيون ڪندڙ آفيسرن عطاءُ الله ڀٽو ۽ شمس الدين دل جا بيان طلب ڪيا ويا، جن پهريئن اشتهار کان وٺي- جوائننگ رپورٽ تائين، سمورو تاريخ وار تفصيل جمع ڪرايو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هنن اهي مقرريون قانون جي عين مطابق ڪيون آهن. تنهن ڪري انهن مقررين جي جعلي هئڻ واري ڳالهه درست نه آهي. ان وقت جي ٻنهي ڊائريڪٽر اسڪولس عطا الله ڀٽي ۽ شمس الدين دل پنهنجي بيانن ۾ چيو ۽ انهن لاءِ اهي ڪاغذ به پيش ڪيا جن ۾ اهو سڄو ڪم ڪيو ويو آهي ته استادن جون مقرريون شفاف نموني ڪيون ويون هيون. ۽ اهو سڄو ڪم تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ذاڪر شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر جمال الدين جي رهنمائيءَ ۾ ڪيو يو . ياد رهي ته ذاڪر شاهه اڄ به تعليم کاتي ۾ ساڳي پوسٽ تي مقرر آهي ۽ کيس سنڌ ٽيڪس بڪ بورڊ جي چيئرمين جي اضافي چارج به مليل آهي. ان وچ ۾ تعليم کاتي ڪڏهن به استادن کي جعلي طريقي سان نوڪري ملڻ سبب کين معطل ڪرڻ، کانئن ڊيوٽيون نه وٺڻ، کين ايڪس پلينيشن يا شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ واري دفتري فارملٽي به پوري نه ڪئي آهي. ان دوران ڊائريڪٽر اسڪولس ڪراچي نياز احمد لغاري عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته اهي نوان مقرر ٿيل استاد اسڪولن ۾ باقائدي ڊيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا آهن.. ان وچ ۾ نون مقرر ٿيل استادن پگهارن جي جاري ڪرائڻ لاءِ مختلف قسمن جا ڪيترائي احتجاج ڪيا آهن، جن ۾ بک هڙتالون، مظاهرا، جلوس، ڌرڻا ۽ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوششن جا واقعا به شامل آهن، ڇا اها ڳالهه هڪ عوامي ترجمانيءَ جي دعوا ڪندڙ حڪومت لاءِ مناسب آهي ته هو پنهنجي ئي مقرر ڪيل ملازمن کي پنهنجو نه ڪري ۽ کين ويهه مهينا لاڳيتو پگهارن کان محروم ڪري؟. رهندو کين جعلي مقرريءَ جا طعنا ڏئي، نه رڳو کين، پر انهن جي سڄي گهر ۽ واسطيدار دوستن ۽ احبابن کي به ذهني ۽ روحاني اذيت پهچائي؟ پگهارن لاءِ ٻاڏائيندڙ ۽ ٻاڪاريندڙ انهن نون استادن جو آءُ وڪيل آهيان ۽ عدالت ۾ اهو ڪيس هلندڙ آهي، پر ڪيس جي هر تاريخ تي، ڪيترائي نوجوان ۽ نياڻيون، جيڪي ان ڪيس ۾ درخواست گذار آهن، اهي مون کان نوان نوان سوال پڇندا آهن، جنهن جو مون وٽ ڪو به جواب نه هوندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندن سوالن ۾ اهڙو درد ڀريل هوندو آهي يا اهڙي شڪايت لڪل هوندي آهي، جيڪي منهنجي جواب ڏيڻ جي سگهه کي به روڪي منهنجي ڳلي ۽ اکين کي روئڻ جي صورت ۾ جواب ڏيڻ تي مجبور ڪنديون آهن. مثال طور هڪ نياڻيءَ مون کي چيو ته ”سائين! مون توهان کي في نه ڏني آهي، سو مان هيءَ سوني مـُنڊي کڻي آئي آهيان” مون جڏهن ان منڊيءَ ۾ پيل ڳاڙهي ٻڙي ڏانهن ڏٺو ته سچ پچ مون کي ان منڊيءَ جي ٻـُڙي ۾ پنهنجي ايندڙ نسل جو خون نظر آيو مون کيس اها منڊي موٽائي ڏيندي چيو ته ”امان… تون هيءَ رک جيڪڏهن تون نوڪريءَ تي بحال ٿي وڃين ته پوءِ مونکي هزار کن في ڏجان…“ هڪ پيشي ور وڪيل هئڻ ناتي هونئن ته مون ڪيترائي ڪيس هلايا آهن، جن مان کٽيا توڙي هارايا به آهن. پروفيشن ۽ عمر جي تقاضا سبب آءُ انهن مسئلن تي جذباتيت کان وڌيڪ سمجهه کي ترجيح ڏيندو آهيان پر هي ڪيس منهنجي لاءِ هڪ نهايت جذباتي مسئلو بڻجي ويو آهي. ڇو ته ڪيس جي ٻڌڻي تي جڏهن اهي نوان مقرر ڪيل ۽ پگهارن لاءِ عدالتن آڏو ٻاڪاريندڙ استاد مون سان ملڻ ايندا آهن ته هو گهڻو ڪري خاموش هوندا آهن ۽ پاڻ ڳالهائڻ بجاءِ مون کان ڪجهه ٻڌڻ چاهيندا آهن، هنن جي خاموشيءَ دوران سندن ڪومايل چهرا ، ڏرا ڏئي ويل اکيون، اڻڀا اوکا وار، هلڪي دَز سان گاڏڙ پگهريل ڳچيون، سندن عاجزي ۽ انڪساري، سندن پراڻا ڪپڙا ۽ انهن ڪپڙن جون رفو ٿيل چتيون، ڪپڙن جا بدليل ۽ پراڻا ٿيل بٽڻ ۽ روزانو صبح جو مون کي ٿيل اميدن کان وڌيڪ دعائن وارا ميسيج، مون سان پنهنجي غربت، بيوسي ۽ لاچارگيءَ واري هيڻي ۽ جهيڻي ٻولي ڳالهائيندا آهن ۽ مان سوچيندو آهيان ته ڪاش اهي سڀ ڳالهيون مان دليل طور عدالت ۾ پيش ڪري سگهان ها ۽ ڪهڙيءَ ريت به هن ويساهه گهاتيل ديس ۾ انهن بيروزگارن جهڙن بنا پگهار ڪم ڪندڙ استادن کي پگهارون ڏيارائي سندن انصاف ۾ ايمان بحال ڪرائي سگهان.