سيد مصري شاهه جي ڪلام جو جائزو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    سيد مصري شاهه جي ڪلام جو جائزو
    سنڌ جي سونهاري ۽ سرهي ڌرتيءَ ڪيترن درويشن، صوفين، نامور عالمن، اڪابرن سچن سرويچن ۽ مڙسن مٿڀرن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، حلم، سوچ لوچ، ڏات ۽ ذات سان ڌرتي واسين ۽ جڳ کي فائدو رسايو آهي. هن ڌرتي ۾ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري، صوفي شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي درويشن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو تن، منجهان سيد مصري شاهه پڻ سنڌي شاعري جو هڪ اعليٰ ستارو آهي.
    پيدائش
    پاڻ 1245هه مطابق 1828ع ۾ سنڌ جي قديم شهر نصرپور جي بزرگ خيز زمين ۾ هن صوفي سالڪ ۽ شاعر، رضوي سادات جي برگزيده گهراڻي ۾ جنم ورتو.
    رضوي خاندان جو هي ستارو سيد بلند شاهه جو فرزند هو، جنهن جو سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ سيد هاشم شاهه سان ملي ٿو. سيد هاشم شاهه متعلق مير علي شير قانع (تحفة الڪرام، ص 396) ۾ لکي ٿو ته: ”هتي (نصرپور ۾) پهريائين اهو آيو. هن وقت يعني (تحفة الڪرام جي تحرير واري عرصي 1769ع- 1772ع) کان اٽڪل ٽيهه ۽ ڪي سال اڳ (غالباً 1840ع ڌاري) پاڻيءَ جي اُٿل ڪري سندس لاش ٻين سيدن سان گڏ، اصلوڪي جاءِ تان ڪڍي کڻي آيا. جيڪي معتبر ماڻهو انهيءَ ڪامل جي جنازي سان گڏ هئا تن کان راويت آهي ته باوجود هن جي، جو مٿئين سيد کي ٻه سؤ ورهيه سال گذري چڪا هئا، قبر مان صحيح سالم نڪتو. هڪ انگور جو ڇڳو تازو پڪل ۽ ڪي مصريءَ جا سنگ سندس ساڄي پاسي جي هيٺيان لڌائون، جيڪي مريدن پاڻ ۾ ورهائي کنيا.“
    مصري جي انهن سنگن جو تعبير، سيد مصري شاهه جو وجود مسعود معلوم ٿئي ٿو، جنهن الهامي ڪلام چوڻ سان سڄي خاندان جو نالو روشن ڪيو. سيد هاشم شاهه جو سلسلئه نصب ويهن پيڙهيءَ ۾ امام علي نقيءَ سان ملي ٿو.
    سندن والدين جي رضا بعد پاڻ ننڍي هوندي کان ئي يتيمن ۾ شمار ٿيندا هئا، جنهن ڪري سندن تعليم ۽ تربيت سندن وڏي ڀاءُ سيد فتح شاهه جي زير نظر ٿي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي حساس دل هوندا هئا ۽ مڪتب ۾ تمام هوشيار شاگرد لائق هئا. سندن تعليم ۽ تربيت ۾ سندن استاد قاضي گل محمد”گل“ جي مڪتب جي نظرثاني هيٺ ٿيڻ لڳي. پاڻ سڀ کان اول سنڌي، فارسي ۽ عربي جو ابتدائي درس پرايو، ۽ بعد ۾ فطرت جي واءُ ساءُ لهڻ ڪارڻ ڪجهه عرصو دنيا جي دردن جا دهمان ۽ فطرت جي حسن جي واءُ ۾ گهلجي ويا. تنهن هوندي به پاڻ حافظ جي ديوان، مولانا روم جي مثنوي، شاهه جو رسالو، ۽ سعدي شيرازي جي ڪليات جو چڱي پُر مطالعو ڄاڻندا هئا، پاڻ عربي لغت جي ڪتاب ”قاموس“ تي تمام گهڻي دسترس حاصل ڪيائون.
    مزاج، سفر ۽ فطرت جو مطالعو
    شاهه صاحب جو جهڙو نانءُ تهڙو ئي مزاج جهڙو مٺو ۽ ٿڌو هوندو هو. سڄي عمر ۾ ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائون. نياز، نوڙت ۽ نهٺائي ڄمڻ سان ئي سندن روح ۾ رچيل ۽ بسيل هئي. کاڌو به تمام سادو ۽ ڪپڙا به سادا سودا پهرڻ پسند ڪندو هو. سندن صحبت ۾ هر قسم جو ماڻهو اچي ويهندو هو ۽ فيض حاصل ڪندو هو، جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي سر پاڻ کيتي جي شغل کي به پسند ڪندا هئا. تنهن بعد سندن زندگي جي هڪ ساٿي (قاضي حاجي عبدالحي صاحب) جي بقول ته: ”پاڻ 24 کان 25 ورهين جي عمر ۾ قدرت جي الهامي امر سان سفر سانگيڙن ڏانهن روانو ٿيو. جنهن ۾ اٽڪل 15 يا 16 سالن تائين ٿرپارڪر، اجمير، جهوناڳڙهه، جوڌپور، جيپور، ڪڇ، هنگلاج، ۽ گرنار جا پٽ، سنياسي، آديسي، ۽ جوڳين سان گڏ جهاڳي، آيا. سندن واپس تي شڪل مبارڪ ۾ به تمام گهڻو ڦيرو اچي چڪو هو جو سندس سڳو ڀاءُ سيد فتح محمد شاهه به کين سڃاڻي ڪي نه سگهيو.
    عملي زندگي
    سنڌ جي مٿين حصن جي سفر تان موٽڻ بعد پنهنجي اوتاري تي زندگي جا باقي ڏينهن گهارڻ لڳا ۽ دنيا جي ٻين لاڳاپن کي متروڪ ڪري ڇڏيائون. سندس روز جي نيمن ۾ اسُر ويل شاهه محمود جي درگاهه جي حاضري ڀريندا هئا ۽ ساڻس مريد ۽ معتقد اچي ساڻ گڏ ويهي سرود جي محفل رچائيندا هئا. پاڻ کين ڳائڻ لاءِ تربيت پڻ ڪندا ڏيندا هئا، سندن ڪلام ۾ ايتري ته ڪرامت هئي جيڪر ڪو راڳي سندن ٻڌايل ڪافي جي طرز کان هٽي ڪري ڳائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اهو ان طرز يا نوع کي نه آلاپي سگهندو هو. سندن ڪچهريءَ جو عام دستور اهو هوندو هو جو پاڻ هڪ هنڌتي ويهندو هو ۽ سمورا حاضرين عنايت ادب ۽ احترام سان حقلو لڳائي دوزانو ٿي ويهندا هئا. سندس توڙي ڪنهن سائل جي سوال تي ڪنڌ کڻي، معقول ۽ مختصر جواب ڏيڻ کان پوءِ ڪنڌ وري به مونن ۾ هوندو هو. راڳ به اڪثر انهيءَ نوعيت سان ٿيندو هو. ڪلام چوڻ مهل ته وار به اُڀا ٿي ويندا هئا. انهيءَ جلالي حالت ۾ جيڪو ڪلام اظهار ڪندا هئا اهو سندن ڀاڻيجو سيد قادر بخش شاهه يا ماستر قاضي عبدالرحيم لکندا ويندا هئا.
    پاڻ به سمورن صوفي سالڪن وانگر پنهنجي دؤر ۾ معتقدن ۽ فقير فقرائن کي اهو ئي درس ڏيندا هئا جو کانئس اڳ شاه عنايت رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻيا اوليا الله ڏيندا هئا.
    سيد مصري شاهه جي ڪلام جو مختصر جائزو
    هونئن ته اسان جي صوفين، عالمن، اڪابرن سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيا. هڪ طرف مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءَ الدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي، ان کي تاحيات ۽ زنده جاويد بنائي ڇڏيو.
    هن ڪامل شاعر جي ڪلام ۾ سڀ شاعراڻيون خوبيون موجود آهن. سندس بيت، ڏوهيڙا، واين ۽ ڪافيون قديم شاعرن وانگر ڇند وديا جي متن تي آڌاريل آهن، ته ٻئي پاسي غزل پارسي شاعرن وانگر علم عروض جي قائدن تي ٺهيل آهن. منجهن ڪيتريون ئي لاثاني تشبيهون، استعارا ۽ صنعتون ڪم آيل آهن.
    جيتوڻيڪ سيد مصري شاهه پنهنجي دؤر جو صحيح معنيٰ ۾ نمائنده شاعر چئي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪلام ۾ ان دور جون سموريون خوبيون ۽ خصوصيتون بخوبي نظر اچن ٿيون. ڪلام جي بي ساختگي، صوفيانه نڪته سنجي، موزونيت، فارسي، عربي، اردو، هندي ۽ سنڌي لفظن جو امتزاج، تخيل جي بلندي ۽ ڪلام جي سادگي، سلاست، فصاحت ۽ بلاغت 19 صديءَ جي پوئين اڌ واري دؤر جون خصوصي خوبيون سندس سموري ڪلام ۾ سمايل آهن.
    جيتوڻيڪ سيد مصري شاهه جي ڪلام کي چڱيءَ ريت مطالعو ڪجي ته سندس ڪلام ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو تمام گهڻو اثر نظر اچي ٿو جنهن جا ڪجهه مختصر مثال هن ريت پيش ڪجن ٿا:
    سيد مصري شاهه جو سمورو صوفياڻو ڪلام انهيءَ مرڪزي خيال تي آڌاريل آهي پاڻ چون ٿا:
    ”ذات نسورو نور،
    آيو سانگ ڍڪي صورت جو.“
    جيئن سچل فرمايو هو ته:
    ”اهو اٿم ارمان،
    ڇا منجهان هت ڇا ٿي آيس.“
    سيد مصري شاهه ساڳي ڳالهه هن ريت چوي ٿو:
    ”اهو آهي افسوس،
    ماڳ مسافر ٿي مالڪ ويٺو.“
    انسان کي پنهنجو اصلي مڪان ياد ڏياريندي سيد مصري شاهه لوڪ کي ياد ڏياري ٿو ته:
    ”پکي تون ته آهين پرڏيهي، ڪهڙي وه کان ڇڏيوئي؟“
    ”هستي ڇڏ هن جاءِ، ٿي مساڪن ملڪ عدم جو“
    جهڙي ريت شاهه لطيف دنيائي تماشن ۽ غافلن کي تنبيهه ڪندي فرمايو:
    ”سُتا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
    تو جو ساڻيهه سمجهيو سو مانجهاندي جو ماڳ“
    مصري شاهه ان کي ڪافيءَ جي رنگ ۾ جواب ڏيندي فرمايو:
    ”مانجهاندي جو ماڳ ڀلو يار ميان،
    راهه مسافر رات وهاڻي“
    شاهه صاحب دنيائي عيش متعلق ڪهڙو نه صحيح چيو اٿس:
    عيش دنيا جا مڙيئي مانَ وارا ۽ ملوڪ،
    سک هڪيءَ ساعت جو، ساري عمر جو سور ٿيو.
    سيد مصري شاهه جي ڪلام ۾ بيت، ڏوهيڙن، واين، ڪافين ۽ غزلن جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو
    هڪ ڪافي جو مختصر طور تي جائزو پيش ڪجي ٿو پاڻ سندن هن ڪافي ۾ تصوف جي اپٽار ڪندي سچن عاشقن جو ذڪر ڪن ٿا جيڪي وحدت جي ڪل جز جا حامي آهن، پاڻ سچي عاشق معنيٰ الله جي هيڪڙائي ۽ سندس پيارن جي شان ۾ سُر آسا جي ڪافي ۾ هن ريت فرمائين ٿا:
    ڪافي نمبر 25
    عاشق ڇڏي تون اَولاَ، پاءِ پڙ ۾ پيرا پورا،
    لاهي لوڪ جا لياڪا، لُٽ سِر لَڄون سمورا.
    1. سُرمون ته سڀڪو پائي، اک اک جو ڦير آهي،
    نت نيڻ دِل نِمائي، ڏس ڏک ۽ سک کي ڏورا.
    2. جُز ڪل جي جاءِ هڪڙي، آهي لڪ لڪوٽي لَڪڙي،
    کائي پانُ پِرت پِڪڙي، وِڌي پِرينءَ ڪنهن پروڙا.
    3. مخلوق نانہ خالقُ، محبوب مَلڪَ مالڪُ،
    سڀ سِر سلوڪ سالڪُ، ڏي اُڪنڍ جا اجورا.
    4. ”مصري“ مَ مڙ مرڻ کان، جِڊُ ڪيم ڪي جِيئن کان،
    پَٽَ پاڪ جي پيئڻ کان، طالب ملي طهورا.
    جيئن شاهه عبداللطيف فرمائي ٿو:
    ”الست بربڪم“، جڏهن ڪن پيوم،
    ”قالو بليٰ قلب سين“، تڏهن تت چيوم.
    تئين ئي سيد مصري شاهه جي هن بيت ۾ پڙهون ٿا:
    اَلست ارواحن کي جڏهن جوڙيو رب جلال،
    ”قالُو“ قُرب ڪمال ٿيو ”بليٰ“ مٿي برحال،
    جُف القلم بما هو ڪائن خاصا کيت خيال،
    سرتين ڌاران سومرا هت ساعت ڀانئيان سال،
    ”مصري“ سي ملير ويا جي هئّڙم ڀائي حال،
    واڌايون وصال مون من ماروءَ ڄام سين.
    جيئن سيد مصري شاهه ٿر جي باري ۾ هن ريت فرمايائون:
    پهرينءَ وس پهنواريون مريڙا موڙين،
    مٺيءَ مڪ مڃر چارتا گل روڙين،
    آڻيو آڏ ٿرن ۾ ڇانگڙيون ڇوڙين،
    ورن سان ووڙين ويهو ولهرن وچ ۾.
    شاهه صاحب سُر سهڻي ۾ فرمائي ٿو:
    گهڙو ڀَڳو ته گهوريو، آسرم مَ لاهيج،
    ’لاتقنطوا من رحمة الله‘، تُرَهي ان تريج،
    حبيباڻي هيج، پسين منهن ميهار جو.
    مصري شاهه هن وائي ۾ هن ريت فرمائين ٿا:
    ’لاتقنطوا من رحمة الله‘ سندو پرينءَ پهيَ،
    اڄ سڀاڻي،............
    آخر هلندينءَ اوڏهينءَ، ڪو ڏينہ ڪوڙ رِهي،
    اڄ سڀاڻي،............
    نائي نير نهوڙيا، تنهنجي نينه نهي،
    اڄ سڀاڻي،............
    ملنديئي ”مصري“ کان مٺي ماڙيچن جي مَهي،
    اڄ سڀاڻي،............
    شاهه لطيف سُر سسئي آبري ۾ هن ريت فرمايو:
    هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پهي؟
    ’وفي انفسڪم، افلاتبصرون‘، سوجهي ڪر سهي،
    ڪڏهن ڪا نه وهي، هوت ڳولڻ هَٽ تي.
    مصري شاهه سسئي داستان جي بيت 7 ۾ هن ريت فرمايو:
    ڪوهه نهارئين ڪيچ ۾ وڃيو وندر منجهه،
    وفي انفسڪم، افلاتبصرون، هوت تنهنجي هنج،
    ڏونگر وجهندءِ ڏنجهه، سگهي ملندينءَ ساٿ کي.
    پاڻ هڪ سرائيڪي ڏوهيڙي ۾ فرمائين ٿا:
    وحدت ڪثرت ول ول ويڇا، بيچون بي نشانا،
    ماڳ تيڏا ملڪوت نه ڄاڻن، اور ڪوئي انسانا،
    ملڪ فلڪ فردوس جهنم، آخفي علم عيانا،
    شيرين، تلخ دي معنيٰ ”مصري“ مطلب رهه مستانا.
    سيد مصري شاهه هڪ عوامي شاعر هو. هن عوامي ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڪلام چيو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪچهريون ۽ بيٺڪون تنهن وقت جي عالمن، فاضلن ۽ اڪابرن سان به ٿينديون هيون، پر پاڻ پنهنجو ڪلام اُن ٻوليءَ ۾ چيو اٿن، جا واهڻن، وستين ۽ ڳوٺن جي عام ماڻهن، جهانگين ۽ سانگين جي ٻولي آهي، جا ان وقت عام استعمال واري ۽ روزمره جي زبان هئي.
    وفات
    4 ۽ 5 صفر 1235هه مطابق 1906ع جي وچ ڌاري اڌ رات جو کين اچانڪ علالت ٿي، جنهن جي ان کان اڳ ڪا به ظاهري علامت نه هئي. انهيءَ مهل پنهنجن پوئين ڪافي ”اُڏر ڏاگها جيئن، ڏينهن نه اُڀري، پنڌ پرانهون منزل ڏور.“ چيائين. چون ٿا ته کين نزع جي عالم ۾ ڏسي اتي جيڪي موجود هئا، تن کي ارمان ٿيو ته خدا جي برگذيده بندن کي به آخري وقت ۾ ڪيڏي نه تڪليف ٿي سهڻي پوي! تنهن تي پاڻ اکيون کولي کيس فرمايائين ته: ”ابا! گاذر کي ڪپڙي سنا ڪا به دشمني نه آهي. هن وير آهي مير سان، سو جيڪا ميرائي آهي اها پاڻ سان کڻي وڃڻ بجاءِ بهتر ٿيندو ته ٿوري تڪليف وٺي هتي ڇڏي هلجي.“ انالله واناعليه راجعون.
    HaqMojood
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    تمام بهترين ونڊ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو