• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچو صوفي

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
حضرت سچل سرمست رحمت الله عليه جي عقيدت ۾ چيل ڪلام
پروفيسر ڊاڪٽر ديال ”آشا“
سچو صوفي
سچو صوفي هيو سنڌ ۾، سچل سرمست سيلاني،
هڻي هم اوست جو هوڪو، سليائين سير سلطاني.

شريعت ۽ طريقت کي، ڇڏي پهتو حقيقت تي،
ٽٻي پنهنجي اندر ڏيئي، لڌائين لال لاثاني.

نه ڪعبي سان سندس تعلق، نه ڪاشيءِ سان سندس مطلب،
ڇڏي فرقي پرستيءَ کي، وتائين راه رحماني.

اُڏاميو عشق جي آڪاش تي، چنڊول وانگر هو،
بلنديءَ تي وڃي پهتو، ڪيائين سئر سلطاني.

دوئي دل مان مِٽايائين، ۽ وحدت کي سڃاتائين،
پسي پريتم کي هر جائي، نظر هن جي ٿي يڪساني.

مٺا منصور وانگر تو، هنيو هوڪو اناالحق جو،
سڄي سنڌ ۾ نه ٿيو آ ڪو، سچو صوفي سندءِ ثاني.

سڀاڳي در درازن جي، عبادت ڪئي جتي سائين،
ڪري آداب ٿو ”آشا“ سچل صوفين جو هو باني.

(قربن سان ڏنل سوکڙي: قبله سخي سائين قبول محمد دائم برڪات)


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top