شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هن دنيا، جنهن ۾ اسين زندگي گذاري رهيا آهيون، تنهن ۾ ماڻهو ٻن قسمن جي زندگي گذاريندي نظر ايندا، هڪ شهري ۽ ٻي ڳوٺاڻي. لفظ ڳوٺاڻي ” ڳوٺ“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ڳوٺ۾ رهندڙ. شهري لفظ شهر مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب شهر ۾ رهندڙ ورتو ويندو آهي، شهر وڏي علائقي تي پکڙيل هوندو آهي، ان جي ڀِيٽ ۾ ڳوٺ وري ننڍي ايراضيءَ ۾ هوندو آهي، شهرن ۾ وڏيون بلند وبالا عمارتون، وڏيون وڏيون بازاريون، باغ، سئنيمائون، آفيسون، اسپتالون، اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون سيون هونديون آهن، ڳوٺن ۾ نه وڏيون عمارتون هوندويون آهن نه آفيسون نه وڏيون بازاريون ۽ نه وري ڪي ٻيون سهوليتون هونديون آهن،

    جئين هر هنڌ ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن، تيئن ڳوٺن ۾ به ٻن قسمن جا ماڻهو رهندا آهن، هڪ ڄٽ ته ٻيو سياڻو. ڄٽ ماڻهو جي سڃاڻپ اها آهي ته هٿ مٿي ۾ هوندس، منهن ڄڻ سال کان ڌوتل نه هوندس، وات ۾ پان، هٿ ۾ سگريٽ هوندس، هو جنهن هنڌ رهندو هوندو، ات رستا مٽي سان ڀريا پيا هوندا، ناليون وهنديون پيون، روڊن تيڍنگر پيا هوندا، ماڻهن سان گڏحڪومت به اهڙين گند گين کي صاف ڪرڻ جو نه ٿي سچي. ڪٿي ڪٿي ته سالن تائين ڪو به روڊ رستو يا ترقياتي ڪم ناهي ٿيندو. ٺٽ ماڻهوءَ کي هن جو معاشرو خراب ڪندو آهيم جنهن سماج ۾ هو وڌي وڏو ٿيندو آهي، ظاهر آهي انسان تي ان جو اٿر ضرور ٿيندو.

    ڳوٺاڻي زندگيءَ کي سڌارڻ جو فقط هڪئي طريقو آهي، اهو هي ته تعيلم عام ڪئي وڃي. ڳوٺاڻن ۾ تعليم جو شعور پيدا ڪيو وڃي، ڇا ڪاڻ ته تعليم، هر سئي ۾ تبديلي آڻي، سوچ ۾ انقلاب برپا ڪري ٿيم بد قسمتي سان انسان جي ملڪ ۾ تعيم گهٽ آهي.

    هڪ برو شخص، سڄي معاشري کي بگاڙي ٿوم تيئن وري هڪ شخص جي ڪري سڄو معاشرو بگڙي وڃي ٿو، هيءَ ته هئي هڪ اڻپڙهيل ۽ جاهل جي سڃاڻپ. پر هاڻي هڪ سياڻي جي سڃاڻپ به ٻڌو. سنڌين جي مهمان نوازي ڏاڍي مشهور آهي، ڇو جو جڏهن ڪو ڪنهن جي گهرايندو آهي ته گهر ڌڻي انهي جي سٺي نموني آجيان ڪندو آهي پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته ” جنهن جي گهر مهمان آيو انهي جي گهر برڪت ايندي،“ حضور ﷺ جن وڏا مهمان نواز هئا، گهر آيل مهمان جي وڏي خدمت ڪندا هئا.

    شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن جو هڪ پنهنجو ڌار حسن هوندو آهي، جتي وڏا وڏا وڻ، نهرون وغيره هوندويون، ڳوٺاڻيون راتيون، چانڊوڪيون راتيون، ڏاڍيون پر لطف، حسين ۽ دلڪش هونديون آهن، وڻ جي هيٺان ويٺل شخص کي ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پن چاندي جا هجن ۽ آهي چلڪندا ۽ چمڪندا هجن. چنڊ جي سهائي ۾ تارا به شر مساري کان گهٽ چمڪندا نظر ايندا آهن، چانڊوڪي رات ۾ پکي ڌوکي ۾ اچي اڏامندا آهن ۽ ڪيترائي جانور دوکي ۾ اچي شڪار جو خيال لاهي وڃي چراگاهه ۾ رهندا آهن، ڳوٺن نوجوان ميدانن ۾ وڃي رانديون رمندا آهن ته ڪي نديءَ ڪناري ويهي قدرت جي ساراهه ۽ واکاڻ پيا ڪندا آهن.

    چانڊوڪي رات ۾ دريائن، نهرن جي ڪنڌين تي مزو ئي ڪجهه ٻيو هوندو آهي، چنڊ جو عڪس جڏهن پاڻي تي پوندو آهي، ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ڪنهن گول چانديءَ جو سڪو پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ جڏهن تيز لهرون پيون هلنديون آهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پاڻيءَ تي چانديءَ جا ورق پيا ورن.

    ڳوٺن ۾ سڄو ڏينهن ٻارن جي راند روند ۾ مصروف رهڻ جا آواز پيا ايندا آهن ۽ ڳوٺن ۾ پرهه ڦٽيءَ جو ڪڪڙ اس ڏيئي ماڻهن کي سجاڳ ڪندا آهن ۽ هاري ناري، ڪمي ڪاسبي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارين تي روانا ٿي ويندا آهن. صبح جو وري ڪانون جي ڪان ڪانم ڪبوترن جي ڳٺڙڳونم چتن جي چهه چهه پئي پوندي آهيم اصل بندئي حرام ڪري ڇڏيندا آهنم مايون اٿي گهرو ڪم ڪار ڪري، ٻهارو سهارو هڻي، ٿانوَ ٿپا ڌوئي، ٻارن کي اسڪول موڪلينديون آهن. يا اهو ختم ٿي وڃڻ جي حالت ۾ پاڙي ۾ وڃي ماين سان ڪچهريون ڪنديون آهن.

    ڳوٺن ۾ هر شئي جو پنهنجو هڪ ڌار اسٽائيل آهي ۽ هر ڪم مٿان سادگي پئي جهلڪندي آهي ۽ ڳوٺن جي زندگي هڪ نعمت خداوندي آهي. ڳوٺاڻا پنهنجي هر ڪم ۾ سادگي اختيار ڪندا آهن، ڳوٺن ۾ جيڪو مزو ڪَچن گهرن ۾ رهڻ جو آهي. اهو شهر جي وڏين ۽ عاليشان گهرن ۾ ڪونهي، ڳوٺن ۾ وڻن جي عام جام هئڻ سبب ايتري گهڻي گرمي به نه ٿيندي آهي ۽ گهرجي اڱڻ ۾ لڳل وڻن جي ڇانو ۾ ويهڻ سان عجيب ٿڌاڻ جو احساس ٿيندو آهي.

    الله تعاليٰ هي دنيا ٺاهي، پوءِ انسان هن ڌرتي تي جنم ورتو، پر اڄ تائين اهڙي ڳالهه سامهون نه آئي آهي ته بنا محنت ڪرڻ واري وٽ به پئسا ٿيا هجن، تنهن ڪري انسان پهرين محنت ڪري ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ پالڻهار کيس اجورو ڏي ٿو. ضروري ڪونهي ته هر ڳوٺ سٺو هجي، اسين معاشري کي سٺو بنائڻ جي ڪوشش ڪندا سين ته اهو سٺو ٿيندو، الله تعالى ٰ انسان کي عقل عطا ڪيو آهي ۽ فرمايو آهي ته ” مون خزانا زمين جي هيٺان لڪائي ڇڏيا آهن انهن کي ڳولهيو ۽ استعمال ڪريو.“ اسين اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون، ان جو وڏو سبب عقل آهي، ڪنهن دور ۾ انسان غارن ۾ رهندو هو، هاڻ پڪن گهرن ۾ رهي ٿو. مطلب ته شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي جو رت اڄ به نمايان آهي.

    اڄ دنيا ايتري ته ترقي ڪري ويئي آهي جو جي 18 هين صديءَ جو انسان ٻيهر دنيا ۾ موٽي اچي ته حيران ٿي وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو