جهڙاگل گلاب جا .. ڀٽائي

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
1604782_754943234527433_8680547691118455680_n.jpg
 
واهه .. سهڻي چونڊ

10153918_10203294164373095_1251062050589687418_n.jpg


جهڙا گُلَ گلاب جا، تَهڙا مٿن وَيسَ
چَوٽا تيلَ چَنبَيليا، ها ها! هو! هَميشَ
پَسيَو سونهَن سيد چئي، نينهَن اَچَن نَيشَ
لالَنَ جي لَبَيسَ ، آتَڻَ اَکَرُ نه اُڄَهَي.

مَٿَن = مومل، سومل ناتر ۽ سهيلين مٿان، تي
وَيسَ = وڳا، پَٽَ ۽ ريشم جون پوشاڪون
چوٽا = چيلهه تائين پوندڙ ريشمي ڊگها وارَ
چنبيليا = چنبيليءَ جي خوشبودار تيل سان واسيل، چنبيليء جو گل ٻن رنگن اڇي ۽ هيڊي رنگ جو ٿيندو آهي ۽ بيحد خوشبودار پڻ.
هاها! هو! =واهه واهه
هميشَ = هميشه
نينهَن =عشق
نيشَ = ڏنگ، ڌڪ، زخم، گهاوَ
لالَنَ = ناز انداز، ادائون
لَبيسَ = لباس، پوشاڪون، ويس وڳا، هار سينگار
آتَڻُ = اُها جاءِ جتي مومل ۽ سندس سهيليون سَٽُ ڪتينديون هيون.

* جهڙو گلاب جو گل حسين، سهڻو، نازڪ، نفيس ۽ خوشبودار ٿئي ٿو تهڙيون ئي مومل، سومل، ناتر ۽ سڀني سهيلين کي پٽَ ۽ ريشم جا ويس وڳا پهريل آهن. چنبيليءَ جي تيل سان هميشه واسيل سندن ڊگها ۽ ريشمي وارن جا چوٽا چيلهه تي پيا پون. سندن اهڙي سونهَن سندرتا ۽ حُسُنُ ڏسي ڪيئي موهجي، گهائجي ۽ زخمي ٿيو پون. مومل، سومل ۽ سندن ٻين سهيلين جا ويس وڳا ڏسيو گهڻن کي خشڪيون لڳيو وڃن، حيراني وٺيو وڃي ۽ زبان مان اکر ڳالهائجي نه ٿو سگهي.

* هي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ جماليات، منظرنگاري ۽ فوٽوگرافيءَ جو ڪمال آهي. پڙهندڙ پاڻ کي ڪاڪ محل جي اندر مومل، سومل ۽ سندن سهيلين جا هي حسين ۽ دلڪش منظر ڄڻ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.

پنهنجو خيال رکندا ڪيو
 
Back
Top