• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انساني ڪلوننگ يا قدرت سان هٿ چراند...!!؟؟

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
(محترم دوستو هن موضوع جي شروعات کان اڳ مان هي ڳالهه واضح ڪندس ته هي هڪ متنازعه موضوع آهي ، انساني ڪلوننگ ٿيڻ گهرجي يا نه ان بابت اڄ تائين ڪا هڪڙي متفقه راءِ نه اچي سگهي آهي. اڪثر ماڻهو انساني ڪلوننگ جا مخالف آهن ، نه صرف ميڊيڪل سائنس پر دنيا جو هر هڪ قانون ۽ دنيا جا سڀئي مذهب انساني ڪلوننگ بابت سواليه نشان لڳائن ٿا ڇو جو انساني ڪلوننگ جو تعلق سڌوسنئون انسان جي پيدائش، حياتي ۽ موت سان آهي. )

ڪلوننگ ڇا آهي...

23271741671_6075b5f616_o.jpg


هي هڪ اهڙو پيدائش جو طريقو آهي جنهن ذريعي انسان، جانور يا ٻوٽن جي افزائشِ نسل انهن جي ڪنهن به هڪ اهڙي گهرڙي (Cell) مان ڪئي وڃي ٿي جيڪو قدرت جي مقرر ڪيل افزائشِ نسل لاءِ مخصوص گهرڙن کان علاوه هوندو آهي.

ڇا انساني ڪلوننگ جي اجازت هجڻ گهرجي..؟
ڪا به اهڙي ايجاد جنهن جو تعلق تخليقِ انسان سان هجي نه فقط هڪ سائنسي ڄاڻ ۽ تجربو آهي بلڪه ان جو ڳانڍاپو هڪ انسان جي موت ۽ روح سان آهي. هر ماڻهو جي حياتي الڳ آهي ۽ هر حياتي هڪ معجزو آهي جيڪو ڪنهن تجربي گاهه جي پهچ کان تمام پري جي ڳالهه آهي. هڪ جنين (Genes) تي تجربو ڪرڻ يعني هڪ زندگي سان کيڏڻ.

هڪ انسان جو موت ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي. دنيا جو ڪو به مذهب ان جي اجازت نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي ڪو اخلاقي قانون ان کي صحيح قرار ڏئي ٿو.


z38c2hQ.jpg
انسان جي ڪلوننگ جو معاملو به انساني تخليق جو آهي. صرف هڪ ڊوليءَ خاطر 277 جانيون ضايع ڪيون ويون. جڏهن ته انساني ڪلوننگ رڍ جي ڪلوننگ کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو آهي. تنهنڪري هن ۾ به ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿينديون. انهن جي موت جي ذميداري ڪنهن تي ٿيندي..؟

22727204223_7630417d28_o.jpg
ڪلوننگ جي حق ۾ راءِ رکندڙن جو چوڻ آهي ته انساني ڪلوننگ ذريعي مستقبل ۾ اهڙا انسان پيدا ڪيا ويندا جيڪي مڙني موروثي بيمارين کان آجا هوندا.

ڪلوننگ جي حمايت ۾ هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به چئي ويندي آهي ته توهان پنهنجي پسند جي شخصيت جو ڪلون تيار ڪرائي سگهو ٿا. ايئن کڻي چئجي ته هي عاشقن لاءِ هڪ انمول تحفو آهي جو جيڪڏهن توهان جو محبوب توهان کي نه به ملي سگهيو ته توهان پنهنجي محبوب جو ڪلون تيار ڪرائي سگهو ٿا.

ڇا ڪلون پنهنجي اصل جهيڙو هوندو...؟


olLQ7JT.jpg

ان ڳالهه جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ جاڙن ٻارن (Identical Twins) جي مثال تي غور ڪري سگهجي ٿو. هي عام مشاهدي جي ڳالهه آهي ته جاڙن ٻارن ۾ حيرت جي حد تائين هڪ جهيڙائي ڏٺي وڃي ٿي پر پوءِ به منجهن ڪجهه فرق ضرور هوندو آهي.

ان کان علاوه جاڙن ٻارن جي پرورش جدا جدا ماحول ۾ ڪئي وڃي ته انهن جي شخصيت ۾ به تضاد ٿي پوندو يعني جيڪڏهن هٽلر جو ڪلون تيار ڪيو به وڃي ۽ هن کي ڪنهن به يهودي گهراڻي ۾ پاليو وڃي ته يقينن هٽلر جرمني جي خلاف ئي ٿيندو نه ڪي حمايت ڪندو.

ان کان علاوه هڪ اهم ڳالهه هي ٿيندي ته ڪنهن به جنين ۾ مائيٽو ڪونڊريا (Mitochondria) گهرڙي جا پنهنجا هوندا آهن ۽ اهي ئي جسماني طاقت جو سرچشمو آهن جڏهن ته ڪلون ۾ مائيٽوڪونڊريا بلڪل مختلف قسم جا هوندا يعني ڪلون جسماني توانائيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي اصل کان ڪجهه مختلف هوندو.

هلندڙ........
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا ان جو زڪر مون نائين ڪلاس ۾ ٻڌو هو... پر اڄ پاڻ پڙهڻ لا مليو آهي مهرباني
 
انساني ڪلوننگ جو منصوبو
1997ع ڪلوننگ جو سال هو. ڊولي انساني تاريخ جو هڪ اهم ڪارنامو تصور ڪيو وڃي ٿو. هي اها پهرين رڍ هئي جنهن جو جنم قدرت جي افزائشِ نسل جي اصولن کان بلڪل مختلف انداز سان ڪيو ويو هو. ڊولي جو جنم هڪ بالغ رڍ جي هڪ عام قسم جي گهرڙي جي نيوڪليس مان جينز جي منتقلي ذريعي ممڪن بڻايو ويو. ڊولي جي پيدائش کي 15 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر ان جي پيدائش سان اها ڳالهه ثابت ٿي ته جسم جي ڪنهن به گهرڙي جي نيوڪليس مان جينز کي ڪڍي ان مان هڪ مڪمل نئين حياتي جو جنم ممڪن آهي. هي هڪ اهڙو ته تعجب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ واقعو هو جنهن سڄي ميڊيڪل سائنس کي لوڏي ڇڏيو ۽ تمام مختصر عرصي ۾ ڊولي دنيا جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي وئي.


23058608450_f5d675ebd1_o.jpg
pxEMxeI.jpg


ڊولي نالي جي اها رڍ برطانيه ۾ 1996ع ۾ هڪ سائنسدان آئن ولميٽ (Ian Wilmut) ڪاميابي سان ڪلون ڪئي هئي. هي رڍ پنهنجي اصل رڍ نالي فن ڊارسيٽ (Finn Drset) جي مڪمل جينيٽڪ ڪاپي هئي آسان لفظن ۾ ڦوٽو ڪاپي يا پاؤڊر ڪاپي چئجي ته غلط نه ٿيندو.
ڊولي جو موت فيبروري 2003ع ۾ ڦڦڙڻ جي ۽ هڏين جي بيماري وگهي ٿيو.


xSQXBu.jpg
23271861581_ccc9066060_o.jpg
ڊولي جي پيدائش تي ٿيندڙ مباحثه اڃا تائين شُدمُد سان جاري آهن. هر ڪنهن جي ذهن ۾ اهم سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا انساني ڪلوننگ ممڪن آهي..؟ ميڊيڪل سائنس جي ماهرن موجب هن سوال جو جواب آهي...ها.! پر ڪجهه عرصي کانپو.
ڇو ته ڊولي جي پيدائش نيوڪليئس جي منتقلي جي ذريعي ممڪن ٿي آهي ۽ ان جي ڪاميابي پُٺيان 277 جنين ضايع ٿيون ۽ ڪئين رڍون ڄمڻ سان ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري ويون. ان کان پو اهم نقطو اهو آهي ته رڍن جي جنين ۽ انساني جنين ۾ تمام گهڻو فرق آهي. رڍ جي جنين جون ڪجهه خاصيتون (Charactaristics) ڪلوننگ جي عمل ۾ مددگار ثابت ٿيون آهن. جڏهن ته انساني جنين ۾ انهن خاصيتن جي موجودگي بابت ڪجهه به يقين سان چئي نٿو سگهجي.

هلندڙ......
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بهترين معلوماتي موضوع.
انتظار به عجيب شي آهي. انتظار رهندو اڳئين قسط جو..
 
ڊاڪٽر رچرڊ سيڊ ۽ انساني ڪلوننگ


SbItZo.jpg
v60ht6w.jpg
ڊسمبر 1997ع ۾ اخبارن وسيلي خبر پئي ته هڪ آمريڪي ڊاڪٽر رچرڊ سيڊ (Dr.Richard Seed) ذاتي ڪمرشل ڪلوننگ ڪلينڪ کولڻ وارو آهي. انهي خبر تي جتي پوري دنيا متوجه ٿي اتي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کان به رهيو نه ٿيو. سندس چوڻ موجب ”هي ڪم غير تصديقي ، غير محفوظ ۽ اخلاقي طور تي ناقابلِ قبول آهي“

cCzPNBJ.jpg

هر ماڻهو حيران هو ته اهو ڪم ايترو جلد ڪيئن ممڪن آهي ۽ هي ڊاڪٽر رچرڊ ڪير آهي؟

ڊاڪٽر رچرڊ سيڊ هڪ سرجن جو پُٽ آهي ۽ 1983ع ۾ فزڪس ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين پر بايولاجي ان کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو ۽ 1990ع کان هو انهي ڪم سان لاڳاپيل آهي. انهي دوران هن هڪ ڪمپني ٺاهي جيڪا ڍڳين جا جنين رحم (Uterus) ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي هئي. پو پنهنجي ڀا سرجن رينڊولف سيڊ (Randoph Seed) سان ملي هڪ نئين ڪمپني ٺاهي جنهن تحت هو ٻانجهه (سنڍ) عورتن ۾ جنين جي منتقلي جو ڪم ڪرڻ لڳو.
ڪجهه عرصي کان پو ڊاڪٽر سيڊ هڪ ٻي ڪمپني ٺاهي جنهن جو ڪم به تقريبن ساڳي نوعيت جو هو پر هو ناڪام ويو جيتوڻيڪ سيڊ جي دعوى آهي ته هو صرف نوي ڏينهن ۾ انساني ڪلوننگ جو آغاز ڪري سگهي ٿو. سيڊ جي چوڻ مطابق سندس رابطي ۾ شڪاگو جون چار مايون اهڙيون آهن جيڪي هن تجربي لا پنهنجي جسم جو غير باروور جزو (بيضو) عطيي طور ڏيڻ لا تيار آهن. جيڪڏهن اسان کي ڪاميابي حاصل ٿي وئي ته شڪاگو کان علاوه آمريڪا جي ويهن مختلف ڪلينڪن مان به اسان کي ان تجربي جي دعوت ملي آهي. سيڊ جي چوڻ موجب سندس وٽ اهڙا اوزار ۽ فن آهي جن جي مدد سان هو هڪ مهيني اندر اندر پنهنجو ڪم شروع ڪري سگهي ٿو.


d7wLnSu.jpg
xTNT5K.jpg
PyKYln.jpg
سيڊ جي اهڙي دعوى ٻڌڻ کان پو يورپ بشمول برطانيه ۽ آمريڪا ۾ پنجن سالن تائين انساني ڪلوننگ تي پابندي مڙهي وئي هئي. ان جي باوجود ڊاڪٽر سيڊ انهي ڪم کي نجي تجربي گاهه ۾ سرانجام ڏيڻ لا ڪوششون ڪري رهيو آهي.

الله سان شرڪت جي دعوى...!!! (نعوذباالله)

وائيس آف آمريڪا (V.O.A) سان هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر سيڊ (نعوذباالله) هيٺين دعوى ڪئي آهي ته :

"We are going to become one with God. We are going to have almost as much knowledge and almost as much power as God.
Clonning and the reprogramming of D.N.A is the first serious step in becoming on with God. very simple philosophy."

"اسان الله سان شريڪ ٿيڻ وڃي رهيا آهيون. اسان به اوترو ئي علم ۽ اوتري ئي طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون جيتري خدا کي آهي.
ڪلوننگ ۽ DNA جي نئين سر ترتيب به خدا سان گڏ ٿيڻ جي پهرين سنجيده وک آهي ۽ هي هڪ سڌو فلسفو آهي."
(نعوذباالله)

ڊاڪٽر رچرد سيڊ مطابق هن جي علم تحت هڪ غير باروور شده بيضو کڻي ان ۾ ڪنهن به بالغ انسان جي گهرڙي جو نيوڪليس ڪڍي انکي بيضي جي نيوڪليس سان تبديل ڪري ڪنهن عورت جي رحم ۾ پاليو ويندو ۽ هي ڪلون انهي ماڻهو جو ٿيندو جنهن جي گهرڙي جو نيوڪليس بيضي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ان تخليق (Research) مان انساني صحت جي مد ۾ مدد ملندي. تنهڪري هي هڪ خاص سائنسي ڳالهه آهي نه ڪي اخلاقي مسئلو.

انساني ڪلوننگ جو مستقبل

ItUTtn9.jpg
جيتوڻيڪ ڊاڪٽر سيڊ اڃا تائين فقط دعوى ڪئي آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن هو ڪامياب به ٿي وڃي ۽ هي ڳالهه به علم ۾ اچي چڪي آهي ته اڌ ڪلاڪ اڳ مرندڙ ڳئون مان ڪلون تيار ڪيو ويو آهي ته ڇا اهو عين ممڪن نه آهي ته مرده ماڻهن مان به ڪلون تيار ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن پراڻي D.N.A جي مرمت ڪري ان مان ڪلون جي تياري جو ڪم شروع ڪيو وڃي ته پو مستقبل ۾ توهان کي آئن انسٽائن، هٽلر، ليڊي ڊيانا جا ڪلون ملڻ شروع ٿي ويندا. ان صورت حال ۾ ڇا اهي ڪلون انسان ئي هوندا..؟ يا ان کان ڪجهه ابتر مخلوق...!! ان قسم جون ڪجهه ٻيون به مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. خود پنهنجي مرضي سان D.N.A جي ترتيب ڏيئي ڇا پنهنجي مرضي جو ماڻهو پيدا ڪري سگهجي ٿو...؟

23058757670_2f6e7716a3_o.jpg
هلندڙ......
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
افزائشِ نسل کان ڪلوننگ تائين....
ڪلوننگ بابت ڪجهه بنيادي ڄاڻ ۽ پسمنظر ٻڌائڻ کان پو اڄ اسان قدرت جي مقرر ڪيل افزائشِ نسل بابت ڪجهه وڌيڪ تفصيل ڄاڻينداسين ته جيئن انساني ڪلوننگ جي عمل کي اڃا به بهتر طرح سان سمجهي سگهجي.

قدرت هر جاندار ۾ ان جي نسل کي برقرار رکڻ لا ان جي افزائشِ نسل جي صلاحيت عطا ڪئي آهي ۽ ان مقصد لا نر ۽ مادي جا جوڙا ٺاهيا ويا آهن. انهن جوڙن ٺاهڻ ۾ الله پاڪ جي هڪ وڏي حڪمت عملي لڪل آهي.


22986670319_11d016d39e_o.jpg

جيڪڏهن اسان انسان جو مثال وٺون ته ان جي هر گهرڙي (Cell) ۾ مرڪز (Nucleus) هوندو آهي. ان مرڪز ۾ ڌاڳي جيان شڪليون هونديون آهن جن کي ميڊيڪل ٽرمنالوجي ۾ ڪروموسومز (Chromosomes) چوندا آهن. انسان جي جسم ۾ موجود بيشمار گهرڙن جي هر هڪ مرڪز ۾ انهن ڪروموسومز جو تعداد 46 هوندو آهي. هي 46 ڪروموسومز 23 جوڙن جي صورت ۾ هوندا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ڪروموسومز ۾ انسان جي تخليق کان وٺي ان جي رنگ، روپ، نمونو، شڪل ۽ صورت وغيره مطلب ته جسم جي هر هڪ تفصيل جون هدايتون لکيل هونديون آهن. ڪروموسومز تي انهن مختلف هدايتن واري جاين کي جينز (Genes) چوندا آهن. اهي جينز اصل ۾ D.N.A تي مشتمل هونديون آهن.

22727477573_ee55468cea_o.jpg
23272069341_6ae76cb4ff_o.jpg


انساني جسم ۾ ٻن قسمن جا گهرڙا (Cells) هوندا آهن.
  1. سوميٽڪ (جسمي) گهرڙا (Somatic Cells)
  2. جرم (جيو) گهرڙا (Germ Cells)
جسم جي هر سوميٽڪ (جسمي) گهرڙي (Somatic Cells) ۾ D.N.A جي هڪ جهيڙي ساخت ۽ تعداد مقرر آهي. يعني اهي ڪروموسومز ڪل تعداد ۾ 46 ۽ 23 جوڙن ۾ هوندا آهن.

23272083731_20de02f6ca_o.jpg
a2nmGK.jpg
اهي ڪروموسومز وري ٻن قسمن جا هوندا آهن.
  1. آٽو سومز ( Autosomoes).
  2. سيڪس ڪوموسومز (Sex Chromosomes)
23 ڪروموزوسومز جوڙن مان 22 جوڙا آٽوسومز جا ۽ هڪ جوڙو سيڪس ڪروموسومز جو هوندو آهي. سيڪس ڪرموسومز نر (Male) جي هر هڪ گهرڙي ۾ ايڪس (X) ۽ وائي (Y) هوندا آهن جڏهن ته مادي (Female) جي هر هڪ گهرڙي ۾ ٻئي سيڪس ڪروموسومز (X) (X) هوندا آهن.

KzVGKz.jpg


اها ته ڳالهه ٿي جسم جي عام گهرڙن (Somatic Cells) جي پر قدرت افزائشِ نسل لا ڪجهه مخصوص گهرڙا ٺاهيا آهن جن کي (Germ cells) چوندا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عام گهرڙا جڏهن هڪ مان ٻن ۾ (Mitosis) ونڊجندا آهن ته ڪروموسومز پنهنجي پنهنجي نقل تيار ڪري وٺندا آهن پو جڏهن اهي ٻيڻا ٿي ويندا آهن ته گهرڙا به ٻن ۾ تقسيم ٿي برابر برابر ڪروموسومز جي تعداد يعني 46 تي مشتمل هوندا آهن. جڏهن ته جرم (جيو) گهرڙن ۾ ونڊ ٻئي طريقي (Miosis) سان ٿيندي آهي جن ۾ ڪروموسومز جو تعداد جوڙن ۾ نه هوندو آهي يعني اهي صرف 23 هوندا آهن.
اهي مخصوص گهرڙا (Germ Cells) مرد جي آنورن (Testes) ۽ عورتن جي بيضه داني (Ovary) ۾ موجود هوندا آهن. انساني نسل جي بقا لا مرد ۽ عورت جي انهن جيو گهرڙن جو ميلاپ ضروري آهي. جڏهن اهي گهرڙا پاڻ ۾ ملندا آهن ته هڪ نئون وجود دنيا ۾ ايندو آهي.

23328558106_a200801fb1_o.jpg
Yytb5xg.jpg

جيئن ته پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي ته انهن مخصوص گهرڙن ۾ ونڊ يا ورهاست مايوسز جي طريقي سان ٿئي ٿي ، نتيجي ۾ ڪروموسومز جو تعداد عام گهرڙن جي مقابلي ۾ اڌ يعني 23 ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مرد جا جيو گهرڙا يعني اسپرم (Germ cells) ۽ عورت جا اووا (Ova) يا (Germ cells) پاڻ ۾ جڏهن ملندا آهن ته ان سان هڪ نئون گهرڙو (Zygote) ٺهي ٿو جيڪو عام جسم جي گهرڙن جيان 46 ڪروموسومز تي مشتمل هوندو آهي.

Dc9TP4.jpg


هي گهرڙو (Zygote) دنيا ۾ هڪ نئين حياتي، نئين جسم جي بنياد وجهندڙ هوندو آهي. هن گهرڙي ۾ مرد ۽ عورت جا 23،23 ڪروموسومز گڏجي 46 جو تعداد بڻجندا آهن ته جيئن هڪ نئين وجود جي پيدائش ممڪن ٿي سگهي.

ما ۽ پي کان ٽرانسفر ٿيندڙ 23،23 ڪرموسومز پنهنجو پاڻ سان ڪيترائي جينز کڻي اچن ٿا، پر انهن جي ترتيب ۽ نمونو ما ۽ پي کان ڪافي مختلف هوندو آهي. مثال طور هيئن کڻي سمجهو ته تاش جي 52 پتن کي ٻن حصن ۾ ورهايو، وري ملايو، وري جدا ڪيو ۽ وري ملايو. جيترا دفعا توهان اهو عمل ڪندا هر ڀيري پتن جي ترتيب مختلف هوندي.

هاڻ ان زائيگوٽ (Zygote) ۾ تقسيمي عمل شروع ٿئي ٿو. اهو عمل ان طرح سان ٿئي ٿوجو سڀ هدايتن جو نقل ڪري ٻن ۾ ورهائجي ٿو، پو چئن ۾ ۽ پو اٺن ۾ اهڙي طرح هر ڀيري اهي گهرڙا ٻيڻا ٿيندا وڃن ٿا ۽ هڪ بال وانگر شڪل ٺهي وڃي ٿي.


هن مرحلي کان پو بال ۾ مختلف گهرڙا پنهنجي پنهنجي مناسبت سان پنهنجي ڪم جو تعين ڪن ٿا. ڪجهه دماغ، اکيون، جگر ۽ هڏيون ٺاهين ٿا، ڪجهه کل (Skin) ۽ انساني جي اندروني نظام ۾ ڪم ايندڙ مختلف عضوا ٺاهي هڪ مڪمل جاندار جي شڪل اختيار ڪن ٿا.
هتي هي ڳالهه بيان ڪرڻ به ضروري آهي ته جاڙا ٻار ٿيڻ جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، هڪ ته عورت جي ٻن بيضن سان مرد جا ٻه جيو گهرڙا (Sperm) الڳ الڳ ملي ٻه زائيگوٽ ٺاهن اهڙي طريقي سان جاڙا ٻار هڪ ٻئي سان مشابهت نه رکندا آهن، ۽ ٻئي طريقي ۾ وري هڪ ئي زائيگوٽ جڏهن ورهائجندو آهي ته ونڊ ٿيندڙ گهرڙا هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن نتيجي ۾ جاڙا ٻار بلڪل همشڪل ۽ عادتن ۾ بلڪل ساڳيا پيدا ٿيندا آهن.
24wkFetusbw.jpg


هلندڙ....
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا اڄ هن موضوع تي آئون ڪلاس ۾ پريزنٽيشن ڏني. توهان جي مهرباني جو سائنس جي مضمونن تي سنڌي ۾ لکو ٿا نه ته پاڻ وٽ سنڌي ۾ سائنسي موضوئن تي مواد نه هجڻ جي برابر آهي.
 
مهرباني ادا مظفر....
هن موضوع جو هڪ اهم رهيل حصو غلطي سان ڊيليٽ ٿي ويو آهي ۽ مصروفيتن سبب ٻيهر لکي نه سگهيس..
انشالله ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر اپڊيٽ ڪندس.
 
انساني ڪلوننگ ۽ اخلاقي صورتحال...!!
images
انساني ڪلوننگ جو مطلب آهي ته بلڪل ساڳئي انسان جي پيداش جيڪو ماضي ۾ موجود هو يا جيڪو حال ۾ موجود آهي، ان انسان کي بلڪل ساڳيو انڪري چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو اهو نه صرف ڏسڻ ۾ پنهنجي اصل جو همشڪل هوندو آهي پر سندن جسم جا سڀ جا سڀ گهرڙا (Cells) به هڪ جهيڙا هوندا آهن.

جيئن جاڙا ٻار (Identical Twins) هوندا آهن تيئن ئي اهو ڪلون ٿيل انسان به هوندو آهي، پر فرق صرف اهو آهي ته اهي جاڙا ٻار قدرتي افزائشِ نسل جي طريقي سان پيدا ٿيندا آهن جڏهن ته ڪلوننگ ۾ اهو قدرت جو افزائشِ نسل جو طريقو با پاس ڪيو وڃي ٿو.


انساني ڪلوننگ جي عام ٿيڻ سان معاشري ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد وڌي ويندو جيڪي رشتن، ناتن کان بي نياز هوندا.. ما ۽ پي جي حيثيت گهٽجي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ سڄو معاشرو اخلاقي تنزلي جو شڪار ٿي ويندو.

ساڳي وقت اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن هڪ ماڻهو پنهنجو ڪلون پاڻ ٺهرائيندو ته هو پاڻ ان ڪلون جو پي هوندو يا ڀا...!!؟؟ ڪجهه ان طرح جا ٻيا مسئلا به منهن ڪڍندا.
اسان جا عاشق حضرات ته ڪلوننگ مان تمام گهڻا خوش ٿيندا ڇاڪاڻ جو سندن محبوب ڪلوننگ جي مدد سان کين آساني سان ملي ويندو. هڪ چوڻي مطابق ”تون نه سهي تو جهيڙو سهي“.

يوجينيڪس (Eugenics)
_1923149_cloning_tp300.jpg
پنهنجي مرضي جو ماڻهو ٺاهڻ کي يوجينيڪس چوندا آهن. اهڙي طرح ڪلوننگ سان يوجينيڪس ۾ به بهتري ٿيندي.
مثال طور انساني ڪلوننگ جي مدد سان اهڙا ماڻهو ٺاهيا ويندا جيڪي عقل جي معاملي ۾ گهٽ پر طاقت جي لحاظ کان سُپرمين هوندا.

انساني ڪلوننگ ۽ ٻين جاندارن ۾ ڪلوننگ جي ضرورت....
جيڪڏهن ڪلوننگ تي مڪمل آزادي ملي وڃي ته بطور خوراڪ استعمال ٿيندڙ حيوانات ۽ نباتات جي معيار ۽ مقدار ۾ اضافو ممڪن آهي. ان کان علاوه ٽرانسجينيڪ ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪلون مان انتهائي اهم ڪم وٺي سگهجن ٿا. مثال طور ڪنهن حيوان يا ٻوٽي ۾ انساني جين (Gene) داخل ڪئي وڃي ته مختلف بيمارين جو علاج ممڪن بڻجي سگهي ٿو. ڪلوننگ جي مدد سان مينهن جي کير ۾ انساني پروٽين جي موجودگي به ممڪن بڻجي سگهجي ٿي. اهڙي طرح ان مينهن جي کير پيئڻ سان مختلف بيمارين جي علاج ۾ به مدد ملي سگهندي.
cloning_babies_lrg.jpg
135578-16012-4.jpg
مٿي اسان اهو ذڪر ڪري آيا آهيون ته مرد ۽ عورت جي جيو گهرڙي جي ميلاپ سان رحم (Uterus) ۾ هڪ خاص قسم جو گهرڙو زائگوٽ (Zygote) وجود ۾ ايندو آهي ۽ سڄي انساني جسم جي ابتدا ان هڪ گهرڙي مان ٿيندي آهي.

ميڊيڪل سائنس موجب بالغ انسان جي گهرڙن کي الڳ الڳ ڪيو وڃي ته انهن مان هر هڪ گهرڙي ۾ مڪمل جاندار ٺاهڻ جي صلاحيت هوندي آهي پر ان جي باوجود هڪ نئين انسان جي پيدائش ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ٿيندي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته جگر جا گهرڙا صرف جگر جي ئي تشڪيل ڏيندا آهن ۽ چمڙي جا چمڙي جي. آخر ايئن ڇو آهي...!!؟؟
ان جي وجه هي آهي ته هر گهرڙي ۾ صرف ان مخصوص ڪم جي صلاحيت رکندڙ جينز (Genes) فعال رهندا آهن ۽ باقي تمام جينز جا بٽڻ بند ٿي ويندا آهن. اها الله پاڪ جي هڪ اهم حڪمتِ عملي ۽ ڌرتي تي مختلف جاندارن جي نسل جي بقا جو هڪ مقرر ڪيل ضابطو آهي.

012%20aeroponic%20clones.jpg
ڪنهن بالغ جي گهرڙي مان مڪمل جاندار تشڪيل ڏيڻ ٻوٽن ۾ ته عام ڳالهه آهي يعني توهان ڪنهن وڻ جي پن مان هڪ پورو وڻ پوکي سگهو ٿا. ادنى قسم جي ٻوٽن ۾ هي عمل پاڻ مرادو ٿيندو آهي.
مثلن: پوريفرا (اسفنج) جا ڪجهه گهرڙا الڳ ٿي وڃن ته هڪ نئون جاندار ٺاهين ٿا. ليڪن اعلى قسم جي جاندارن ۾ اهو ڪم مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته بالغ گهرڙن (Cells) ۾ تخليق جي متعلق جينز جا بٽڻ بند آهن. تنهنڪري پهريون ڪم انهن بٽڻن جي کولڻ جو آهي. پر ڪيئن..؟

جيڪڏهن اسان Ova ۽ Sperm جي ميلاپ تي غور ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته Sperm جو صرف Nucleus يعني مرڪز Ova ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ ٻنهي جي مرڪزن ۾ ميلاپ بعد تخليق جي متعلق هدايتن تي عمل شروع ٿئي ٿو، يعني انهن بٽڻن کي کولڻ جون چاٻيون ان بيضي ۾ آهن مگر انهن سان بٽڻ ڪيئن کلن ٿا..!!؟؟ اها ڌيان طلب ڳالهه آهي.

Cloning-in-process.jpg
1956ع ۾ هڪ ڪاميابي نصيب ٿي جڏهن بيضي جي نيوڪليس کي جسمي گهرڙي جي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو ايئن هڪ گهرڙي مان ست، اٺ هزار گهرڙا حاصل ڪيا ويا، ۽ پو ٻي وڏي ڪاميابي اها حاصل ٿي ته ڏيڏرن جي آنڊن مان ڏيڏر جو ڪلون تيار ڪيو ويو، انهي ڪلون افزائشِ نسل جو ڪم پڻ سرانجام ڏنو. اهڙي طرح 1981ع ۾ ڪوئن تي ڪلوننگ جا ڪجهه ڪامياب تجربا ڪيا ويا ليڪن انسانن ۽ ٻين اعلى قسم جي جانورن تي هي ڪم ڪافي ڏکيو آهي.

هلندڙ....
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جيئرن کان پو مرده ماڻهن جي ڪلوننگ
Starkiller_clones.png
ڪلوننگ جي شروعات زنده بالغ گهرڙي (Cell) مان مرڪز (Nucleus) ڪڍي Ovum ۾ منتقل ڪرڻ سان ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ هي ڪارنامو انساني تاريخ جو هڪ لازوال ڪارنامو ليکيو وڃي ٿو، پر ڪجهه ئي عرصي ۾ ڪلوننگ جي عمل تي وڌيڪ تجربا ڪري زنده گهرڙي بدران مرده گهرڙي کي به استعمال ڪري ڪلوننگ جي عمل کي ڪاميابي سان ممڪن بڻايو ويو.
images
katarney11_cloning_figure_3.gif
هي ڪارنامو 1997ع ۾ تڪميل تائين پهتو. ڊينمارڪ جي پروفيسر ڊاڪٽر هينرڪ ڪيليسن (Henrik Callesen) ۽ ان جي دوستن ڊينمارڪ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل سائنس جي وائبروڪ ليبارٽري ۾ هڪ ڊونر گهرڙو (Donner Cell) مرده ڳئون مان حاصل ڪيو، جيڪا اڌ ڪلاڪ اڳ مئي هئي ۽ ان کي بيضي ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ پو دنيا هڪ ٻيو عجب ۾ وجهندڙ ڪارنامو ڏٺو، ان مرده گهرڙي مان حاصل ڪيل اهو ڪلون Blastula Stage تائين ڪاميابي سان آندو ويو.
images
Martin-i-lab.jpg

katarney11_cloning_figure_4.gif
ڏٺو وڃي ته مرده گهرڙي مان ڪلوننگ جو عمل به پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم واقعو آهي، ڇو ته مرڻ کان پو ڊي اين اي DNA تيزي سان ختم ٿيڻ لڳي ٿو، ايتريقدر جو DNA کي فرج ۾ به نٿو بچائي سگهجي. ان جي حفاظت لا تمام خاص احتياط جي ضرورت هوندي آهي.

جيڪڏهن ڪلوننگ جي عمل تي مسلسل تحقيق جاري رهي ته وڌيڪ ڪاميابيون پڻ حاصل ٿي سگهن ٿيون ۽ پو عين مڪن آهي ته مستقبل قريب ۾ ميڊيڪل سائنس ڪنهن مئل ماڻهو جو مڪمل ڪلون به تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، پر ان لا اڃا ڪافي وقت گهربل آهي.

ڪلوننگ ۽ ارتقائي صورتحال
Cloning_3.gif
اها هڪ حقيقت آهي ته ڪلوننگ جي عمل سان حيوانات ۽ نباتات جي معيار ۽ مقدار ۾ اضافو ٿيندو. ڪلوننگ سان افزائشِ نسل جي طريقه ڪار کي ڇڏي ڪوالٽي ڪنٽرول ته حاصل ڪرڻ ممڪن آهي پر ارتقائي عمل رڪجي ويندو ڇاڪاڻ جو افزائشِ نسل جي قدرتي طريقي ۾ هر جاندار جي جينز جي مختلف ترتيب هوندي آهي ۽ ان ۾ ڪجهه نيون مثبت ۽ منفي خصوصيتون به هونديون آهن جنهن سان جاندارن ۾ ارتقائي عمل جاري رهندو آهي. انساني ڪلوننگ ۾ جيئن ته جينز هوبهو نقل ٿيل هوندا آهن يعني پنهنجي اصل جي مڪمل جينيٽڪ ڪاپي هوندا آهن انڪري اهو ارتقائي عمل ڪلوننگ ۾ رڪجي وڃي ٿو. ان سان انساني نسل تي تمام هاڃيڪار اثر پئجي سگهن ٿا.

وبائي مرض ڦهلجڻ جو خطرو
ڪلون ۾ نئين بيماري سان وڙهڻ جي صلاحيت تمام گهٽ هوندي آهي ڇو ته ڪلوننگ جي عام ٿيڻ سان ارتقائي عمل بيهي چڪو هوندو ۽ ڪلون ٿيل انسانن کي ڪا به وبا آساني سان ختم ڪري وجهندي. ٽرانسجينڪ ٽيڪنالاجي وسيلي ٻين جاندارن جا مرض انسانن ۾ پکڙجڻ جو امڪان به وڌي ويندو.
ان کان علاوه Transgenic Field ۾ انساني پروٽين انهن وائرس يا زهرن کي انساني پروٽين سان آشنا ڪرائي ڇڏيندي جيڪي انسان پنهنجي قوتِ مدافعت جي مدد سان بچندو رهندو آهي.. ڪلوننگ جي عام ٿيڻ سان نوان نوان وائرس انسانن تي حملا آور ٿيندا. جيئن برڊ فلو جي صورتحال سان ٿيو آهي.

Fake-cloning.jpg


هن مضمون ۾ انساني ڪلوننگ جي هر رُخ تي روشني وجهي وڌ کان وڌ مستند ڄاڻ ڏيڻ جي ڪشش ڪئي وئي آهي.
ڪلوننگ بابت اسلام جو نقطه نظر ڄاڻڻ بابت ادا افتخار علي چوهاڻ ، ادا رحيم بخش ۽ ادا امان الله ڀٽو جن کي عرض ڪجي ٿو.
هي موضوع ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪا نئين تحقيق يا ڪا نئين تبديلي سامهون ايندي ته شامل ڪئي ويندي.(انشاالله)
مددي ذريعا: مختلف ميڊيڪل جا ڪتاب، سائنس ڊائيجيسٽ، نيٽ جون ڪجهه ميڊيڪل سائيٽس ۽ تصويرون گوگل سرچ انجن تان ورتل)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا ڏاڍو سٺو لکيو اٿو.اميد ته اڳتي به رهنمائي ڪندا ۽ مختلف موضوئن کي بحث هيٺ آڻيندا.
 
انتهائي دلچسپ مضمون آهي... اتفاق سان ان وقت کولڻ ٿيو جڏهن مصروفيت پڙهڻ نه ٿي ڏنو... انشاء الله تفصيلي جواب لکبو..
 
انتهائي اهم مضمون آهي .... تمام سٺو مضمون ....

ڪلوننگ بابت گهڻو ڪجهه ٻڌندو رهيس ۽ پڙهندو به رهيس، اوهان ان بابت وڌيڪ نيون شيون بيان ڪيون ۽ مان اڃان تائين سائنس جي هن کوجنا تي ويٺو سوچيان .... ان جي نتيجن تي، برا نتيجا ۽ سٺا نتيجا، ڪجهه مايوس ماڻهن لاء اميد، ڪجهه انساني اخلاق جون ڌڄيون اڏائيندڙ سلسلا .....................

پر ڇا اسان سائنس کي روڪي سگهنداسين ؟؟؟؟

ڇو ته جڏهن به اتقائي مرحلن کي روڪيو ويندو آهي ته اها هميشه منفي انداز سان پنهنجا ڪم ڪندي آهي، جيڪا اڃان به وڌيڪ نقصانڪار رهندي آهي.
 
Back
Top