* اديون عبد اللطيف چئي رُئان تان راند , کلان تان کامي هنيون اکڙين ويساند, پرينءَ , گڏجي ڪنديون. سر حسيني "سسئي " راند = رونئشو, وندر کامي. =جلي, سڙي پڄري هنيون = دل, ساهه ويساند. = آرام * پنهونءَ جي وئي کان سسئيءَ جي ذهني ڪيفيت ٺيڪ ناهي رهي. روئڻ کي هوءَ ڀوڳ, رونئشو ۽ وندر سمجهي ٿي , کلي ٿي ته سندس دل ۽ جسم ۾ باهه لڳيو وڃي . * سندس اکڙين کي حقيقي سڪون ۽ آرام ته تڏهن نصيب ٿيندو جڏهن هوءَ وري پنهونءَ سان موٽي ملندي ۽ گڏجي گذاريندي . * سمجهاڻي * محبوب جي جدائي عاشق کي نهوڙي ٿي وجهي پاڻ کي باهه ۾ سڙندو محسوس ٿو ڪري, پر تڏهن سڀ سڪون ۽ قرار ميسر ٿين ٿا جڏهن وري محب ملن ٿا. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. سماجي رابطن جي ويبسائيٽ فيس بوڪ سائين مظفر منگي صاحب جي ٿورن سائين جن جي ٽائم لائن تان کنيو ويو