سَسُئِي حُسَينِي رُئان تان راند , کلان تان کامي هنيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
رُئان تان راند، کلان تان کامي هنيون
اکڙين ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.


سر حسيني "سسئي "

راند = رونئشو، وندر
کامي =جلي، سڙي پڄري
هنيون = دل، ساهه
ويساند = آرام

* پنهونءَ جي وئي کان پوءِ سسئيءَ جي ذهني ڪيفيت ٺيڪ ناهي رهي. روئڻ کي هوءَ ڀوڳ، رونئشو ۽ وندر سمجهي ٿي، کلي ٿي ته سندس دل ۽ جسم ۾ باهه لڳيو وڃي .

* سندس اکڙين کي حقيقي سڪون ۽ آرام ته تڏهن نصيب ٿيندو جڏهن هوءَ وري پنهونءَ سان موٽي ملندي ۽ گڏجي گذاريندي .

سمجهاڻي

* محبوب جي جدائي عاشق کي نهوڙي ٿي وجهي پاڻ کي باهه ۾ سڙندو محسوس ٿو ڪري، پر تڏهن سڀ سڪون ۽ قرار ميسر ٿين ٿا جڏهن وري محب ملن ٿا.

پنهنجو خيال رکندا ڪيو

سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top