ٿر تعليم کان ڇو محروم آهه؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ٿر تعليم کان ڇو محروم آهه؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!!
    ““سائل مهراڻ””
    ڪنهن ،ڪنهن کان پڇيو آهي تھ ٿر تعليم کان ڇو محروم آهي؟ هڪڙا اچن ٿا هڪڙا وڃن ٿا . بس! هرڪو پنهنجي ۾ پورو آهي ڪي تھ ويچارا انصاف لاءِ درد ڀريون دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن . معصوم ويچارا ٿيهلي ۽ قلم جي بدران ڪي تھ وڃي وڏيرن وٽ مجبوري تحت وڪاڻا آهن ،ڪي تھ وڃي سيٺن جي کڏين (غاليچن جو ڪم) ۾ ڦاٿا آهن ،ڪي تھ ولر وارڻ وري ڪرت سان ڳڍيل آهن ۽ ڪي تھ شهرن جي گلين ۾ بکئي پيٽ جي باهھ اجهائڻ لاءِ گند ڪچرو گڏ ڪري پنهنجو توڙي پنهنجن مائٽن جي بک اجهائندا آهن ، باقي بچن ٿا اهي آهن وڏيرن ۽ آفيسرن جو اولاد جيڪو پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿاپڙهن، باقي وچولي طبقي وارن جا ٻار اسڪول تھ وڃن ٿا پر انهن کي اها خبر ڪونهي تھ الف ب ۾ گهڻا اکر آهن ؟ بس ! باقي استاد سڳورا اهي آهن ايماندار “ڪير ٿو پڙهائي اسان کي مهيني تھ پگهار ملي ويندو ٻيو ڇا گهرجي ااسان جو اولاد پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهايون ٿا” ڪن تھ اسڪول جو دروازو بھ ڪونھ ڏٺو آهي باقي بچن ٿا اهي آهن پڙاهئڻ وارا، تن کي تھ سياست وڪوڙي وئي آهي ، ۽انهن کي تھ جنهن جو دور هجو ٿو اهو انهن مان پئيسا ڪڍائڻ خاطر هڪ ڏينهن هڪ هنڌ ٻئي ڏينهن ٻئي هنڌ بدلي ڪري موڪلن، اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙو استاد هو جنهن جي بدلي ٿي وئي اهو منهنجي سوٽ جو استاد هو مون پنهنجي سوٽ کان پڇيو تھ ڏي خبر اسڪول ۾ پڙهائي ڪيئن آهي .چيائين ماٺ ڪري وهھ مون پڇيو ڇو؟ چيائين پڙهائي جو نالو نھ وٺ جيڪو استاد اسان کي پڙهائندو اهو بدلي ٿي ويو آهي باقي ويٺا آهن اهي صرف وات هڻڻ لاءِ ، هر ٿر واسي اهو ٿو سوچي تھ ڇا ايندڙ نسل ترقي ڪري سگهندو يا نھ ڇو تھ تعليم کي انسان جي ٽئي اک چيو ويو آهي ۽ هاڻ هن دور ۾ تعليم جو ڏيو وسامڻ جي برابر رهيو آهي ، مٿان وري ٿر ۾ ڪوئلي نڪرن جي ڪري ڌارين کي اهميت ڏني پئي وڃي ان جو سبب بھ تعليم ٿي سگهي ٿو ، ڇا اسان وٽ تعليم کي ايتري اهميت ڪونهي جيتري ٻاهرين ملڪن ۾ آهي؟ ڇا ايندڙ نسل تعليم جي زيور سان سينگاريل هوندو يا نھ ؟ اهي اهڙا سوال آهن جنجو جواب اين جي اوز NGOS) ( ڏئي سگهن ٿا ڇو تھ اهي پنهنجي ذاتي اسڪولن مان ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهيا آهن ۽ اڄ بھ اهو سوچن ٿا تھ ڪنهن غريب جو ٻار تعليم جي روشني سان سينگاريل هجي باقي گورنمينٽ اها آهي وڏيرن جي ور چڙهيل ،هرڪو پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ پورو ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورو انهن کي ڪهڙي پرواهھ اهي ويٺا آهن اي سي ڪمرن ۾ مزا ماڻن پنهنجا ڇوڪرا پرائويٽ ادارن ۽ اسڪولن داخل ڪاش! اهي حڪمران پنهنجي پٽن ڌيئن سان جيتروپيارڪن ٿا۽تعليم لاءِ پئسا خرچ ڪن ٿا اوترو هن سڄي ديش جي غريب توڙي امير جي ٻارن سان پيار ڪري هن جي تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ تھ هي ملڪ پهنجي ترقي جون منزلون تئھ ڪري هڪ طاقتور ملڪ بينجي وڃي.
    آخر ۾ اچو تھ سڀ دڻي در اها دعا گهرون تھ اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي روشني
    کي وسامڻ کان بچائي ان جي لاٽ کي اڃان بھ اونچو ڪري.”آمين”
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿر جي تعليم سنوارڻ کان اڳ ٿر ۾ روزگار جا وسيلا مهيا ڪرڻا پوندا .... ٻيو ته تعليم لاء ضروري آهي ته علائقي جي سڄاڻ ماڻهن کي شامل ڪري اسڪول هلائجن.
    اين جي اوز، سرڪار يا ٻين ادارن جي آسري تي ڪم نه هلندو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين منهنجا ٿر هڪ اهڙو علائقو آهي جتي واري ئي واري آهي اتي وري ڪاري سون جي نڪرڻ ڪري ڪجهه روزگار جو آسرو لڳي ٿو پر لڳي ٿو اهو به اسان جا وڏيرا ڌارين جي خوشامد ڪندي انهن کي ڏئي ڇڏندا باقي اهي اٻوجهه ٿري اڳي حالن کان ويل
    سائين منهنجا مان اهو ان ڪري چوان پيو ته جيڪڏهن هئينر ٿر جي تعليم بحال ڪئي وڃي ته ايندڙ مستقبل جا معمار پنهنجو خطي جي باري ۾ سوچي سنگهندا
    هئينر جتي انٽرنيٽ جي دنيا سڄي دنيا کي گڍي هڪ پاڙو بڻائي ڇڏيو آهي اتي وري ٿر جي ماروئڙن کي اها سڌ نه آهي ته دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري، اهي صبح جو اٿندي ٻڪرين، ڍگين ، رڍن، اٺڙين جي پويان لڳن ٿا جيستائين انهن کي اهي انهن کي ڳولي واپس وٺي اچي پاڻي پياري وري شام جو ڪنهن غم ٿيل جانور جي پويان لڳي ٿا پون انهن کي اها سڌ ڪونهي تي ٿر ۾ ٿئي ڇا پيو! بس نوجوان طبقو ڪو هڪ پڙهيل آهي اهو اهو ٿو سوچي ته مان آهيان ته پنهنجي لا منهنجو ٻين سان ڇا وڃي باقي وڃي ڪراچي جهلي آهي جتي ڪنهن کي ڌاڙيل جو لقب ڏئي ماري ٿا ڇڏين ته ڪنهن کي سنڌي هجڻ جي ڪري ماري ٿا ڇڏين
    باقي ڪو آهي مسڪين جهان خان کوسي جهڙو جيڪو رڙيون ٿو ڪري انهن جو ڪو ٻڌي نٿو
    ٻيهر آءُ اڪيلڙو، اونچي آ ديوار،
    ڏڪي ويا ڏاڍ کان، ڪلهي ڪوڏيا يار،
    هنيان مڃ نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو.

    اياز
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    مهراڻ يونيورسٽي توڙي سنڌ ۽ لياقت يونيورسٽين ۾ هر ڊپارٽمينٽ ۾ ٽاپ 10 پوزيشن هولڊرس مان 5 يا ان کان وڌيڪ ٿرپارڪر جا ملندا. تقريبن هر ٿرپارڪر جو شاگرد توهان کي هوشيار ملندو.
    هڪ دفعو مهراڻ يونيورسٽي ۾ مون کي ڪلاس ۾ سٺو ريسپانس ڏيندي ڏسي هڪ استاد پڇيو ته ”ڪٿي تون ٿر جو ته ڪونه آهين“ جواب ڏنم ها پر سائين توهان کي ڪيئن خبر پئي. چيائين ٿر جا 80 سيڪڙو نوجوان محنتي ۽ هوشيار هوندا آهن. اسان وٽ پوري سنڌ جي تعليم کان سٺي معيار جي تعليم موجود آهي. شابس آهي اسان جي پرائمري جي استادن کي (جيڪي ريگولر ايندا آهن) انهن جي محنتن سبب ٿر جي هر ٻار جو بنياد پڪو هوندو آهي. ان ڪري اهو ٻار ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سائنس توڙي آرٽس جي سبجيڪٽن کي آساني سان پورو ڪري ٿو.
    پٺين ٻن،ٽن سالن جي انٽري ٽيسٽ نتيجن تي نظر وجهندا ته خبر پوندي ته ٿر ضلعو چٽاڀيٽي ۾ پوري سنڌ کي مات ڏيو ويٺو آ. ٻين ضلعن مان لمهس جي سيٽ 80 سيڪڙو سي پي اين تي وڃي ٿي، پر اسان جي سيٽ 84 کان 85 سي پي اين تي وڃي ٿي. ان جو مطلب اهوئي آ ته اسان وٽ پوءِ به سنڌ سڄي کان سٺي معيار جي تعليم موجود آ.
    باقي رهي ڳالهه اين جِي اوز جي ته ماٺ ڀلي آ.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    ادا پوري سنڌ جو هال اهو آهي، ڪو ڌڻي سائين ڪونهي.
     
  6. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    ادا پوري سنڌ جو هڪ جهڙو حال آهي ......
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    پو ڪوشش ڪريو ڪيستائين اهڙا ظلم سهندا رهنداسين هاڻي اٿڻ جي ڪريو
     
  8. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مهرباني سائين محمد اسلم عباسي صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو