عظيم والد جو عظيم پٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو

    اڄ دل چئي ٿي ته سنڌ جي هن ڪردار تي ڪجه لکان ....جڏهن لکڻ جو سوچيم ته ايترا ته هن مهان ماڻهو جا تخيل تجربا ۽ ساراه جا امڪان نظر آيا جو جي ڪتابن جا ڪتاب لکان ته به پورو نه پوان هي هڪ عظيم شخصيت جو عظيم فرزند ارجمند جيڪو ڄمندي ئي ڄام هو پنهنجي بابا شمشالعلماءُ جي نالي روشن ڪرڻ سان گڏ ملڪي خدمت ۾ ڪثير حصو شامل ڪيو هن ملڪ جا اهڙا جڏهن ڪردار هوندا ته ڇو نه سر فخر سان مثي ڪري هلڻ تي جيءُ چوندو پو اها دشمن سان جنگ هجي (جنهن ۾ 17 دفعا ڪامياب حملا ڪري دشمن کي وائڙو ڪري وڌو ۽ پنهنجي هن ملڪ جي سپاهين کي حوصلو ڏنو ۽ اڳٽي وڌي دشمن کي تمام گهڻو نقصان ڏنو...)
    اهو سخص جنهن ۾ فيصلي جي قوت برجسته بهادري اعتماد سازي سان هجي ته پو اميدون آسمان کي پڄنديون آهن ۽ قوم محفوظ محسوس ڪندي آهي.....
    چيو ويو ته تون سنڌي آهين توکي پاڪسان جو ايئر مارشل نه بنائينداسين ...جي چاهين ته زيمبابوي جو ايئر چيف مارشل بنايون ...پاڻ فورن فيصلو ڪندي هاڪار ڪئي ۽ پاڪستان جي طرفان ان ٻي ملڪ ۾ خدمتون انجام ڏنيون...
    مدي پوري ٿيڻ تي پاڪستان ۾ پي آئي آي ،پاڪستان هاڪي جو چئيرمين رهيو ۽ سنڌ جو گورنر بنايو ويو پاڻ نهايت سادا انسان فڪيري طبيت جا مالڪ رشوت کان ڪوهين ڏور هجڻ جي ڪري ڪجه ئي ٽائم ۾ فاغ ڪيو ويو ان جو اصل سبب ته ڪالاباغ ڊيم يا ڪو ٻيو ڊيم سنڌو تي ٺهڻ نه ڏيندس هن جي انهيءَ موقف تي پنجابي طاقت کي هي نه وڻيو ۽ ڪنهن ٻي کي گهرايون ...مزي جي ڳاله ته هن پوري عرصي ۾ هن مهان ماڻهو سرڪاري ڪابه گاڏي استعمال نه ڪئي ۽ ڪو به بي جا پروٽوڪول نه ورتو ...واه ڇا ته خود داري ۽ ملڪي شين جي اجائي زيان کان دوري ته ڏسو...هي انهن ماڻهن جي منهن تي چماٽ آ ته سنڌي ماڻهو نه احل آهن هي هڪ اهل نه پر انسانيت جو علمبردار اهنسا جو ڪردار قيمتي امله انسان سنڌ جي مٽي ءَ مان جڙيل ان شخص جو فرزند آ جيڪو سنڌ جي سرتاج شاه عبدالطيف ڀٽائي گهوٽ عالم آشڪار جي پيرانڌي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي آ....
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ميرٽ ۽ محنت ۾ يقين رکندڙ شخصيت ... جنهن گورنر شپ صرف ان ڪري ڇڏي جو هو ڪنهن جي اشاري تي نچڻ وارن مان نه هو.

    ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو:

    شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو وڏو فرزند، 14 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽرميڊيئيٽ پاس ڪيائين. 1950ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ شامل ٿيو. چئن سالن جي تربيت لاءِ رايل آسٽريلين ايئرفورس ۾ موڪليو ويو، جتان فلائنگ انسٽرڪٽر ۽ فايرليڊر جا سرٽيفڪيٽ ورتائين. وطن واپس اچي سرگوڌا ۽ پسرور ۾ جنگي اسڪواڊرن جي اڳواڻي ڪيائين. کيس 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ ”ستاره جرات“ جو اعزاز مليو. 1970ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جي هوائي صلاحڪار جي حيثيت ۾ نئين دهليءَ ۾ مقرر ٿيو. وطن واپس اچي هوائي بچاءَ جي ڪمانڊر جي حيثيت سان ڊائريڪٽر آف آپريشن ۽ ريسرچ مقرر ٿيو. 1975ع ۾ رايل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز، لنڊن ۾ شرڪت ڪيائين. 1976ع ۾ پاڪستاني فضائي فوج جي رفيقي ايئربيس (شور ڪوٽ) جو بيس ڪمانڊر ۽ پوءِ سرگوڌا جو ڪمانڊر رهيو. ايئر هيڊ ڪوارٽر، پشاور ۾ اسسٽنٽ چيف آف ايئر، ۽ پوءِ چڪ لالا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ ايئر وائيس مارشل بڻايو ويو ۽ سول ڊفينس جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1982ع ۾ زمبابوي جي هوائي فوج جي ڪمانڊر ۽ چيف آف ايئراسٽاف طور ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. کيس زمبابوي جو ”آرڊر آف ميرٽ“ مليو. 31 جنوري 1986ع تي پي. آءِ. اي جو چيئرمئن مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ رٽائر ٿيو. حڪومت پاڪستان طرفان ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو.

    ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽي کي 18 آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. گورنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيڻ کان اڳ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. 24 مئي 2000ع تي گورنر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    واه ادا سليمان توهان جا ٿورا جو هڪ فقير تبيت ماڻهو جو مختصر پر جامع احوال پيش ڪيو ..لک لائق قرب جو هن سنڌسلامت جي فورم تي ياد رکيو خدا توهان کي خوش رکي شل آباد هجو ...هي اسان سنڌين جو فخر ۽ وڏائي آهي ...لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو