سنڌ جو قديمي ۽ قومي ساز، چنگ علي حسن رندروح کي ريجهائڻ ۽ من مست ڪندڙ سنڌ جي قديمي اوطاقن تي، ڪوهستان ۽ ريگستان ۾ شام جو مچندڙ منڊلين ۾ لوڪ موسيقي جي ٻين آلن سان گڏ چنگ جو ڇڻاٽ نه ٿئي ته محفل اڌوري اڌوري سمجهي ويندي آهي، مال جا ڌنار به پنهنجو وڳ ساڻ ڪري هلن، جبلن ۽ ٻين چراگاهن تي وڃڻ وقت پاڻ سان گڏ چنگ ضرور کڻندا آهن ته جيئن واندڪائي ۾ چنگ جا ٻول چوري من کي ريجهائي، پر جديد دور جي اچڻ سان موبائل فونن جي اچڻ بعد هاڻي ماڻهو موسيقي ٻڌڻ لاءِ موبائل تي گيت ۽ ڌنون ٻڌي وقت وندرائين ٿا، جنهن ڪري هاڻي ٻين سازن خاص ڪري چنگ اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي، سنڌ جو سدا بهار ۽ بين الاقوامي چنگ وڄائيندڙ ڪلاڪار امير بخش رونجهو 2 سال اڳ فوت ٿي ويو، جنهن بعد هاڻي سنڌي موسيقي جي پروگرامن ۾ چنگ ٻڌڻ ۾ ۽ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. چنگ قومي ساز آهي، انهيءَ کانسواءِ سنڌي موسيقي اڻپوري آهي: ميان مير چانڊيو بلڙي شاهه ڪريم: نامياري شاعر ۽ ليکڪ ميان مير چانڊيي جو چوڻ آهي ته چنگ سنڌ جو قديمي ساز آهي، جنهن کان بنا سنڌي موسيقي اڻپوري آهي، هن جو چوڻ آهي ته چارڻ ۽ چنگ ته شاهه جي شاعري جا ڪردار به آهن پر اڄ سنڌ ۾ چنگ جو وجود ختم ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه چنگ وڄائڻ وارا هوندا پر چنگ هاڻي اڻلڀ ٿي چڪو آهي. ”چارڻ تنهنجي چنگ جو آهيم عجب اي“ لاکيڻي لطيف پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ چنگ جو ذڪر ڪيو آهي بلڙي شاهه ڪريم: چنگ جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ چنگ جو ذڪر ڪيو آهي، ”چارڻ تنهنجي چنگ جو آهيم عجب اي، هڻي اُڀو هٿن سين، جيئرو رکئي جيءُ، رات به منهنجو ريءُ، ڪاٿيو لوڪماڇ سين“. ان کانسواءِ ٻين سنڌ جي سرموڙ شاعرن به چنگ جو پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چنگ ڪيترو اهم ۽ قديمي ساز آهي. لوهه مان ٺاهيل چنگ مان ساهه جي زور سان آلاپ ڪڍيا وڃن ٿا بلڙي شاهه ڪريم: چنگ لوهي تار مان ٺاهيل هڪ اهڙو ساز آهي، جنهن جي وچ ۾ سنهي لنئون (تار) هوندي آهي ۽ پويان گول نما گولي جهڙو هوندو آهي، تار جي پڇڙي ۾ لوهي مک لڳل هوندي آهي، جنهن تي آڱر هڻي ۽ ساهه جي زور سان چنگ جا آلاپ ڪڍيا ٿا وڃن، اهڙي من موهيندڙ آلاپن تي ماڻهو مستي ۽ وجد ۾ اچيو وڃن.
راجستان ۾ چنگ کي مورچنگ چون ٿا. مورچنگ سرچ ڪريو يوٽيوب ۾. آئون چنگ وڄائيندو هُئس هاسٽل جي خاموش راتين ۾ ڇت تي ويهي. ڪاريگر ڪونه آهيان، بس چڻنگ چڻنگ جو آواز ايندو آهي!!!