هڪ جهلڪ تاريخ جي روشني ۾ .... شهيدبينظير

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    هڪ جهلڪ تاريخ جي روشني ۾ ....
    موڪليندڙ: ”نرمل“ کوهارو
    اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي هڪ يادگار قومي تقرير
    قومي ايڪي ۽ عوام جي بالادستيءَ کي اولين اهميت ڏني ويندي

    اسلام آباد – 2 ڊسمبر 1988ع
    بسم الله الرحمٰن الرحيم
    السلام عليڪم:
    مبارڪباد، اوهانکي ڪاميابي تي اوهان جي فتح تي مبارڪباد هيءَ نه رُڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي پر چونڊن جا نتيجا سڄي قوم جي ڪاميابي آهي ۽ آئون اوهان کي ان ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿي.
    اڄ اوهان پنهنجي ڀيڻ کي تمام وڏي عزت سان نوازيو آهي ۽ منهنجي ڪلهن تي وڏي ڳري ذميواري آهي. ان ذميواري کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجهه منهنجي وس ۾ آهي، اهو مان ڪنديس.
    هن ڪم ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن، جيڪي قرباني ڏيڻ جا عادي آهن، حڪومت جي مدد ڪندا. اسين انهن سڀني کان مدد وٺنداسون جن جمهوريت جي جدوجهد ۽ 1973ع جي آئين جي بحالي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو پر اسانجي طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهن.
    اسين اوهان مان آهيون. اوهانجو ڏک اسان جو ڏک آهي، اوهان جي عزت اسان جي عزت آهي، ۽ اوهانجي خوشي اسان جي خوشي آهي، اسانکي اوهان تي فخر آهي.
    اوهان ڪهڙي حڪومت کي چونڊيو آهي، جنهن کي ملڪ جي چئني صوبن ۾ حمايت حاصل آهي. اِن لحاظ کان اِها سڄي قوم جي مفادن جو هڪجهِڙو خيال رکي سگهندي.
    اسين ان سفر تي گامزن آهيون جنهن تي پنهنجي دلين ۾ ترقي پسند پاڪستان جمهوري پاڪستان ۽ پرماريت کان پاڪ پاڪستان جي اُميد رکڻ وارا هلي رهيا آهن. اسانجو سفر ويهه سال اڳ شروع ٿيو هو، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اسانجي ملڪ جي حفاظت لاءِ پارٽي ٺاهي هئي. جڏهن هڪ اڳوڻي آمريت مُلڪ جا ٻه ٽُڪرا ڪري ڇڏيا هئا تڏهن 1971ع ۾ هن ملڪ کي هن ئي بچايو هيو، هن عوام ۾ طاقت پيدا ڪئي ۽ اهڙي طرح ملڪ جي حفاظت ڪئي.
    اڄ اسان کي وري اڳتي اچي پنهنجي قوم کي مضبوط ڪرڻو آهي. قوم تڏهن مضبوط ٿيندي جڏنهن عوام مضبوط هوندا ۽ عوام تڏهن مضبوط ٿيندا جڏهن اسين سندن ضرورتن تي پورو ڌيان ڏيئي سگهنداسون.
    اسانجو پيغام اُميد جو سنيهو آهي، اسانجو پيغام اتحاد جو پرچار آهي، امن آزادي ۽ ترقي جو نياپو آهي.
    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته حالتون ڳنڀير آهن. اسانکي تمام وڏي چيلينج کي منهن ڏيڻو آهي. مگر اسين چئلينجن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.
    اِها ڳالهه صحيح آهي ته گذريل يارنهن سالن ۾ ملڪي مسئلن بابت جيڪي پاليسيون ٺاهيون ويون انهن جو مقصد رُڳو پنهنجي ذاتي اقتدار کي قائم رکڻ هيو انهن پاليسين اسانجي سماج تي گهڻيئي زخم لڳاياآهن ۽ ان شيرازي کي زُبان، نسل ۽ فرقه پرستي جي وڌندڙ لاڙن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي.
    ڪوتاهه انديشئي واري پرڏيهي پاليسيءَ اسانجي چوگردبي سبب خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، غلط سوچ تي ٻڌل اقتصادي پاليسين اسانجي قدرتي ۽ انساني وسيلن جي دولت ضايع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسانجو سڄو مالي سرشتو ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچي چڪو آهي. اسين تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهيون مگر هڪ پورو نسل پنهنجي امنگن کي تعميري جستجو جو رنگ ڏيڻ لاءِ ته تيار آهي. اسان جون قربانيون اسانجي جدوجهد، ڦٽڪن جون سزائون ۽ موت جي حجرن ۾ سان طرفان موت کي حقير ۽ هيچ سمجهڻ رائيگان نه ٿيو. اسان کي انهن آزمائشن پنهنجي عزم پُختو ڪيو آهي. اسين زخمن کي ڀرينداسون.
    اسين بربادي ۽ صلح سانت سان مشڪلاتن کي ختم ڪنداسون. اسين محبت جي راهه تي هلنداسون، اسين بک ۽ ذلت جو خاتمو ڪنداسون، اڻ پڙهه ماڻهن کي لکڻ سيکارينداسين. هڪ طرف دولت جي راند هجي ۽ ٻي طرف غربت، اسين اها ڳالهه برداشت نه ٿا ڪري سگهون.
    اسانجو ايمان آهي ته پاڪستان هميشه قائم رهڻ لاءِ بڻايو ويو آهي ۽ ان ۾ اهي سڀئي صلاحيتون موجود آهن جيڪي هڪ مضبوط ۽ خوش حال قوم لاءِ ضروري هونديون آهن. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت قائد اعظم محمدعلي جناح مسلمان عوام جي اُمنگن جي عڪاسي ڪندي فرمايو هيو ته پاڪستان هڪ جديد مملڪت جي حيثيت سان وڌندو ويجهندو.
    پورهيت طبقن کي اُميد هئي ته نئين مملڪت ۾ سماجي انصاف هوندو، هر قسم جي پرماريت کان ڇوٽڪارو ملندو، جاگيرداري جي ڦندن کان نجات ملندي، نئين سماجي ۽ اقتصادي سرشتي جي وسيلي انهن کي نوان موقعا ملندا ۽ عوام ملڪ جي معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا.
    پاڪستان جي تاريخ، عوام جي بي جهجهڪ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا اُهي هڪ مراعات يافته حڪمران ٽولي جي ڏاڍاين خلاف ڪندا رهيا آهن. گذريل چاليهه سالن ۾ انهن ٽي ڀيرا بي رحم مارشل لا جي هٿان ڏک سٺا آهن، چار آئين رد ۽ معطل ٿيندي ڏٺا آهن ۽ چار جنگيون وڙهيون آهن.
    ان وڳوڙ جون پاڙون گهريون آهن. اهو بُحران مملڪت ۽ عوام جي وچ ۾ هيو. هڪ حساس، جمهوري حڪومت ئي عوام ۾ اِهو جذبو پيدا ڪري سگهي ٿي جنهن سان اسان جي اقتصادي ۽ سياسي جوڙجڪ جو فرق ختم ٿي سگهي ٿو.
    هن وقت جڏهن قوم هڪ نئي دور جي شروعات ڪري رهي آهي ۽ موجوده تاريخ ساز عهد ۾ پنهنجي حيثيت مقرر ڪري رهي آهي، ته اسانکي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا هي لفظ چٽي طرح ياد اچي رهيا آهن.
    هن فرمايو هيو:
    ”جيئن ته اسين عوام تي ڀروسو ڪريون ٿا، اسانکي عوام وٽ ئي وڃڻ گهرجي اگر اهو رستو صحيح آهي ته پوءِ اسان کي ڪنهن به نموني ۾ اهڙي صورتحال جو حصو بڻجڻ نه گهرجي جيڪا عوام جي مفاد جي خلاف هجي.“
    آئون هن موقعي تي پنهنجي عوام ۽ انهن جي بي خوف جذبي، پنهنجي شهيدن ۽ انهن سڀني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ گهران ٿي، جن پنهنجي آزادي پنهنجون خوشيون، پنهنجي روزگار ۽ پنهنجي خانداني ڀلائيءَ جي قرباني پيش ڪئي ته جيئن اسين آزادي، جمهوريت، ۽ اُميدن سان ٽمٽار زندگي گذاري سگهون، انساني تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن قوم جمهوريت جي بحالي لاءِ ايڏي وڏي جدوجهد ڪئي هوندي. اسان جي عوام جمهوريت جي تلاش ۾ ڏک سٺا پر هو ثابت قدم رهيا انهن دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن ڪا قوم عهد ڪري ته هو جيڪا شيءَ چاهي ٿي اها حاصل ڪري رهندي ته پوءِ هو ڪڏهن به ناڪامياب نٿي سهگي ٿي. اسين سڀئي اهڙي ئي پاڪستان ۾ رهڻ گهرون ٿا. پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته ان کي اعليٰ ذميواري جي مسند تان عوام جي خدمت جو موقعو مليو آهي.
    اسان کي يقين آهي ته اسانجا بهادر عوام اڳتي وک وڌائيندا ۽ اسان جا هٿ مضبوط ڪندا. هي چونڊون اسانجي عوام ۽ اسانجي قوم جي فتح آهي، آزادي، اُميد، وقار، مساوات ۽ انصاف جي فتح آهي. چونڊن غربت، دشمني، انتقام ۽ ڦُرلٽ لاءِ موت جو پيغام آندو آهي.
    آئون زندگي جي سڀني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ به رهي نه ٿي سگهان، هنن جمهوريت جي ان وڏي عمل ۾ حصو ورتو آهي.
    ظاهر آهي ته ان مان اهڙن ماڻهن جون اکيون کلي وڃڻ کپن جيڪي ان شڪ ۾ پيل هئا ته اسانجا عوام نه جمهوريت جي اهل آهن ۽ نه ئي ان جو اظهار ڪري سگهن ٿا.
    اسانجو نصب العين آهي ته اسين ڀائيچاري، مساوات، تحمل ۽ برداشت جي اعليٰ اسلامي اصولن جي سربلندي جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهون. قوم کي متحد ڪرڻ، انصاف ۽ برابري جي بنياد ان ۾ قومي وقار جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ اسين انشاالله معاشري ۾ امن ۽ سلامتي جي فضا قائم ڪنداسون ۽ هر هڪ شهري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪنداسون بيشڪ ان جو ڪهڙو ئي مذهب فرقو يا نسل هجي، خواهه هو مرد هجي يا عورت. اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ اسان کي صحيح رستي تي هلڻ جي همت عطا فرمائي.
    اسين سڀني شهرين کي هڪجهڙو سماجي درجو ڏيڻ ۽ انساني حقن جي هر هڪ رُخ سان حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته جيئن ملڪ ۾ 1973ع جو آئين ۽ پارلياماني سرشتو بحال ٿي سگهي. محرومي جو احساس ختم ڪري سگهجي ۽ ملڪ جي بنيادن کي پختو ڪري سگهجي.
    عوام اسانجو قيمتي سرمايو آهن، اسين قوم ۽ انساني وسلين کي وڌ ۾ وڌ ڪم ۾ آڻي پنهنجي معيشت کي خود ڪفالت جي منزل تائين پهچائينداسون. اسين پنهنجي ملڪ جي انساني ۽ قدرتي وسيلن کي ڪنهن به نموني ضايع ٿيڻ نه ڏينداسون.
    اسين وچولي طبقي جو حوصله افزائي ڪري غربت کي ختم ڪنداسون. اسين دولت جي سيڙپ ۽ ٽيڪنالوجي جي منتقلي جي وسيلي عوام جي خوشحالي جو سامان پيدا ڪنداسون.
    اسانجو يقين آهي ته صوبائي خودمختياري فقط ان وقت فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي جڏهن سياسي ۽ سماجي اختيار عوام کي منتقل ڪيا وڃن اهڙي طرح عوام جي اعتماد وڌندو جيڪو وفاق جي مضبوطيءَ جو سبب بڻجندو.
    اسين مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سلسلي ۾ هڪ نئون جاندار انداز اختيار ڪنداسون ته جيئن محروميءَ سببان پيدا ٿيندڙ ڪشمڪش کي ختم ڪري سگهجي.
    اهو محرومي وارو احساس گذريل ساڍن يارهن سالن ۾ شديد ٿي ويو آهي، جنهن سببان اجنبيت جو جذبو پيدا ٿيو.
    اسين نه رڳو مرڪز کان صوبائي حڪومتن کي اختيار منتقل ڪرڻ جي روايتي حل تي يقين رکون ٿا پر اسين اهڙي طرح اقتدار جي منتقلي جا پابند آهيون جيئن هر سطح تي عوام کي اختيارن ۾ ڀائيوار ٿيڻ جو احساس ٿي سهگي. هڪ صوبو ٻئي صوبي سان يا مرڪز سان جنگ جوٽي ان بدران اسين ڪوشش ڪنداسون ته مختلف نظرين جي هم آهنگي سان مسئلن جو حل ڳولهيو وڃي.
    جمهوري سرشتي جو بنياد شخصي آزادي آهي، انشاالله اسانجي ڊگهي جدوجهد ڪامياب ٿيندي، اسين پريس جي آزادي جي خلاف سڀني قاعدن ۽ قانونن کي رد ڪنداسون ته جيئن پاڪستان ۾ پريس آزاد ٿئي، اسين نيشنل پريس ٽرسٽ کي ٽوڙينداسون. اسين ٽيليويزن ۽ ريڊيو کي خودمختياري ڏينداسون ته جيئن اهي عوام جي پوري خدمت ڪري سگهن. پاڪستان پيپلزپارٽي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته جيئن خبرن وارن ادارن جي ساک بحال ٿئي ۽ اهي آزاديءَ سان عوام کي صحيح معلومات ۽ صحت مند وندر مهيا ڪن، پريس ايڊوائس جو سلسلو ختم ڪيو ويندو. اسين ان ڳالهه جو پختو ارادو رکون ٿا ته ڪارڪن صحافين کي ملازمت جي ضمانت، عزت ۽ احترام حاصل هجي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ واسطي سندن حقن جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ انهن جي ڪم ڪاج جي حالتن ۽ اُجرت جي قانونن کي، بهتر بڻايو ويندو.
    جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد ۾ جن ماڻهن کي نقصان سهڻو پيو آهي، اسين کين باعزت نموني سان بحال ڪنداسون ۽ کين مناسب معاوضو ادا ڪيو ويندو. اسين جمهوريت جي شهيدن جا يادگار بڻائينداسون ۽ ظلم ڏاڍ جي خلاف تاريخي جنگ وڙهڻ وارن جي شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ته جيئن قوم جو ضمير زنده رهي، جمهوريت جي انهن شهيدن جي ياد کي امر ڪرڻ لاءِ ابدي شمعون روشن ڪيون وينديون.
    هاڻي آئون سياسي قيدين جي باري ۾ ڪجهه چوڻ گهران ٿي. جڏهن ڪلهه شام جو پاڪستان جي صدر، پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ اوهان جي ڀيڻ جي نامزدگي جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت کان اسانجي وڪيلن قانون واري وزارت سان رابطو قائم پئي رکيو آهي. آئون اُميد ڪريان ٿي ته هو سياسي قيدين جي سلسلي ۾ ترت ڪو فيصلو ڪندا. اسان کي هر ڳالهه جو خيال رکڻو پوي ٿو. منهنجي اها خواهش آهي ته مان فوري طور جيلن جي دروازن کي کولڻ جو حڪم ڏيان. مگر اسان کي اٺين آئيني ترميم بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اها هڪ رنڊڪ آهي، آئون پنهنجي سياسي ڀائرن کي ٻڌائڻ گهران ٿي ته اوهان جي ۽ اسان جي رستي ۾ ڪا به رنڊڪ نه ٿي اچي سگهي. اوهان جي آزادي ملڪ لاءِ بلڪل ضروري آهي. اوهان ملڪ خاطر پنهنجي آزدي ۽ خوشين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسين اهڙو طريقو ڳولهينداسون ته جيئن ان مطابق اوهان باعزت طريقي سان زنجيرون ڇني جيل جي دروازن مان سر مٿي ڪري ٻاهر اچي ويندا.
    مون کي اُميد آهي ته جيسيتائين آئون تقرير ڪنديس تيسيتائين اسان جي نمائندن ۽ قانون واري وزارت جي وچ ۾ ڪجهه نه ڪجهه فيصلو ٿي ويو هوندو.
    سڀاڻي کان قانون واري وزارت عوام جي قانون واري وزارت هوندي ۽ اها قانون واري وزارت ستت ئي ڪجهه ڏينهن اندر سياسي قيدين بابت مثبت فيصلو ڪندي.
    پاڪستان پيپلزپارٽي جي هيءُ موقف آهي ته حڪومت جو فرض آهي ته ڏاڍ ۽ پرماريت کان عوام کي حفاظت مهيا ڪري. هاڻي ڪو به مزدورن جو استحصال نه ڪري سگهندو. زوري مزدوري ۽ بيگار جي اجازت نه هوندي. اسين گهٽ ۾ گهٽ اُجرت جي موجوده سطح تي نظرثاني ڪنداسون. اسين ان ڳالهه جا پابند آهيون ته مزدورن بابت سمورا قاعدا قانون آءِ ايل او جي قانونن مطابق هجن.
    اقليتون اسان جي مقدس امانت آهن. اسين عهد ڪريون ٿا ته سڀني اقليتن کي تحفظ مهيا ڪيو ويندو.
    ٻوڏ سبب اهڙين زرعي جنسن تي بُرو اثر پيو جن کي نقد جنس چيو ويندو آهي. ٽيهه لک ٽن ڪڻڪ جي کوٽ ٿي آهي. اسان جي پرڏيهي واپار تي به اثر پوندو. غير يقيني حالتن ۽ قدرتي آفتن سببان نه رڳو زرعي شعبو پر صنعتي پيدائش پڻ متاثر ٿي آهي.
    اسان کي اڃا تائين معلوم ناهي ته اڳوڻي حڪومت وڏا پرڏيهي قرض وٺڻ وقت ڪهڙا شرط قبول ڪيا هئا. پر ساڳئي وقت اسان اهو به چوڻ گهرون ٿا ته معيشت اندر جيڪي به مشڪلاتون پيدا ٿين، اسان جو خيال آهي ته ملڪ ۾ ايترو پئسو هي جو ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ته اُهو ترقيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. اهو اسانجو ايمان آهي ته جيڪڏهن پئسو رشوت ۾ ضايع نه ٿئي غلط ماڻهن جي کيسن ۾ نه وڃي بلڪ غريب عوام مظلوم عوام ۽ ڪمزور طبقي جي حفاظت واسطي استعمال ڪيو وڃي ته ان مان بهتر صورت حال پيدا ٿي سگهي ٿي.
    پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ اعليٰ تربيت يافته ساز سامان سان ليس ۽ جذبي سان سرشار دفاعي فوج کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿي. ملڪ جي علاقائي سالميت ۽ ان جو بچاءُ اسان جي نظر ۾ مقدس امانت آهي.
    اسانجو عهد آهي ته هر شهري کي جديد طبي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. ان مقصد خاطر اسين قومي صحت جي هڪ جامع رٿ ٺاهينداسون. هن باري ۾ اسان جي منشور ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن، انهن کي پوري ڪرڻ واسطي اسين سگهوئي پنهنجي پاليسين جو اعلان ڪنداسون.
    تعليم هڪ روشن خيال واري معاشري جو بنياد آهي، ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح تمام گهڻي آهي. اسين چاهيون ٿا ته اسانجي پڙهيل نوجوانن کي روزگار مهيا ٿئي ته جيئن انهن جو علم بي روزگاري ۾ ضايع ٿيڻ بدران ملڪ ۽ قوم واسطي مفيد ثابت ٿئي.
    اسانجي ڪوشش هوندي ته اعليٰ تعليم جو معيار بين الاقوامي سطح تائين آندو وڃي، جيترو جلد ممڪن ٿيو اسين قومي تعليمي فنڊ قائم ڪنداسون.
    ڪجهه سالن کان شاگردن جي يونين تي پابندي لڳائي ويئي آهي، جيڪڏهن اڄ اسين يونيورسٽين يا ڪاليجن طرف ڏسون ته ڪتابن سان گڏ شاگردن وٽ بندوقون به هونديون آهن. اهو آمريت جو اثر ٿيو آهي ته جڏهن قانون جو احترام نه ڪيو ويو ته پوءِ سڄي ملڪ اندر ماڻهن قانون جو احترام ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جڏهن حڪومت بندوق جي زور تي هلائي ويئي تڏهن اسان جي نوجوانن ۾ به اهو خيال پيدا ٿيو ته اصل طاقت بندوق سان ملي ٿي. اصل طاقت قانون سان نه ٿي ملي. تنهنڪري اسان ڏٺو آهي ته اسان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ جتي اسان جا نوجوان پڙهن ٿا اتي هر وقت اها صحيح فضا قائم نه ٿي رهي جنهن سان تعليم جو ماحول بهتر ٿئي. اسين سمجهون ٿا ته ان جو هڪ سبب هي به آهي ته شاگردن جي تنظيمن تي پابندي لڳائي ويئي آهي، جڏهن شاگردن جي يونين تي بندش پوي ٿي ته ان جو مطلب اهو آهي ته سوچ تي پابندي لڳي ٿي. برداشت تي پابندي لڳي ٿي، تقرير ۽ بحث مباحثي تي بندش پوي ٿي. مگر جڏهن شاگرد يونين جي اجازت هجي ۽ شاگرد سياسي طور پنهنجي مسئلي جي شروعات ڪري سگهن ۽ پنهنجي مسئلن بابت آواز اٿاري سگهن ته پوءِ اهڙي حالت ۾ هوريان هوريان بندوقن تي ڌيان گهٽ ٿي وڃي ٿو. تنهنڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت فوري طور شاگردن جي يونين کي بحال ڪري ٿي، ۽ گڏوگڏ جتي مزدور يونين تي بندش وڌي ويئي هئي اها بندش به ختم ڪئي ٿي وڃي ۽ مزدور يونيون به بحال ڪيون ٿيون وڃن.
    جيسيتائين سرڪاري ملازمن ۽ مزدون جي ڇانٽي ڪئي ويندي آهي، سياسي بنيادن تي سياسي انتقام وٺڻ لاءِ ڇانٽي ڪئي ويئي آهي ته اهڙن سڀني ڪيسن تي حڪومت نظرثاني ڪندي ۽ انشاالله ان ڏس ۾ سڀني کي انصاف ملندو.
    هڪ ڪامياب پرڏيهي پاليسي تي هلڻ لاءِ ضروري آهي ته قوم آڏو ڪو چٽو نصب العين هجي ۽ سڄي قوم ان جي حمايت ۾ متفق هجي. اسين انصاف ۽ حقن جي برابري طور نگهباني جي بنياد تي علائقائي امن جا خواهشمند آهيون اسين آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ گهرون ٿا، اسين روس سان بهتر ناتا قائم ڪرڻ گهرون ٿا، اسين ٽين دنيا جي مفاد ۽ حقن جي حمايت ڪنداسون. ان سلسلي ۾ اسان جي فلسطيني ڀائرن جي مقصد کي اسين اڳ به اڄ به ۽ سدائين هڪ منصفاڻو موقف سمجهون ٿا، ان کي پنهنجو ئي موقف سمجهون ٿا. هن مهيني جي آخر ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جو وزيراعظم به پاڪستان اچي رهيو آهي، آئون اُميد ڪريان ٿي ته اسان جون چونڊيل حڪومتون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪا ڪشيدگي آهي، ان کي گهٽ ڪري سگهنديون ۽ انصاف ۽ برابري جي بنياد تي پنهنجو رشتو قائم ڪري سگهنديون.
    اسانکي پاڪستان جي عورتن تي فخر آهي، هنن بهادري سان آزاديءَ واري جنگ ۾ حصو ورتو. هنن گولين جي پرواهه نه ڪئي، هو پنهنجي ننڍڙن ٻچن کي جهوليءَ ۾ کڻي جيل ويون، هنن کي لاهور جي بدنام قلعي ۾ اذيتون ڏنيون ويون مگر هنن حوصلو نه هاريو. اسين اهڙن سڀني قانون کي رد ڪري ڇڏينداسون جن سان عورتن جي حق تلفي ٿئي ٿي هنن کي ڪم ڪرڻ جو حق حاصل هوندو. هو آزادي سان پنهنجي لاءِ روزگار پسند ڪري سگهنديون هنن لاءِ انصاف روءِ ۽ سازگار حالتون مهيا ڪيون وينديون، هڪجهڙي ڪم واسطي هو ساڳي اجرت جون حقدار هونديون، ان کانسواءِ هنن کي زچگي جي موڪل پگهار سان گڏ ملندي. اسين موجوده سماجي ۽ اقتصادي حقن کي نظر ۾ رکندي عورتن بابت سڌارا عمل ۾ آڻينداسين.
    منهنجا ڀائرو، بزرگو ۽ ساٿيو!
    هي ڊگهي جدوجهد پارٽي جي ڪارڪنن واسطي، عوام واسطي ۽ اسان جي قوم واسطي سولي جدوجهد نه هئي اها جدوجهد جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد هئي جيڪا عوام جي طاقت سان پنهنجي منزل تائين پهتي آهي. پارليامينٽ جا دروازا جيڪي بند ڪيا ويا هئا، آئين جنهن کي هڪ ڪتاب سمجهي ڦاڙيو ويو هو انهن سڀني ڳالهين ملڪ کي مصيبت ۾ وڌو هو. اسين اُميد ڪريون ٿا ته هاڻي اهو وقت ختم ٿي چڪو آهي. زندگي تمام جلدي بدلجي به سگهي ٿي مگر ڪڏهن ڪڏهن جڏهن زندگي کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي ٿي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻڪ جدوجهد گهڻو وقت وٺي رهي آهي. ان وقت اسان کي صبر جي ضرورت هوندي آهي اسين انهي يارهن سالن ۾ پنهنجو حوصلو بلند رکڻ لاءِ چونداهئاسين ته صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي. سچائي جي لاءِ اسان مان هر هڪ کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
    جيڪڏهن سڀاڻي پيپلزپارٽي يا مون کان ڪا غلطي ٿئي ته آئون پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کان اها اُميد رکان ٿي ته هو اڳتي اچي مونکي ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ ته تنقيد کان سواءِ بحث ڪرڻ کان سواءِ صحيح پاليسيون ٺاهي نه ٿيون سگهجن.
    جڏهن اوهان مونکي هي اعزاز عطا فرمايو ۽ آئون پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ لاءِ پارليامينٽ وئي هيس، تڏهن ان موقعي تي جيڪي ماڻهو گڏ هئا، اُنهن هي نعرو لڳايو:
    ”زندهه آهي ڀٽو زندهه آهي“
    جيڪو ماڻهو پنهنجي قوم جي خدمت ڪري ٿو، انکي ماڻهو ڪڏهن وسارين نه ٿا، هي پئسو ڪهڙي وٿ آهي، هي رشوت ڪهڙي چيز آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان هڪ مسلمان ملڪ ۾ رهون ٿا، اسان کي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خدمت ڪرڻ گهرجي. اسين اهو نه سوچيون ته حڪومت اسانکي ڇا ڏيئي سگهي ٿي؟مگر اسين هي سوچيون ته اسين ملڪ کي ڇا ڏيئي سگهون ٿا. جيڪڏهن اسين قوم کي اوليت ڏيون عوام کي اڳتي رکون ته ڪا به طاقت اسانکي روڪي نه ٿي سگهي.
    مان اوهان جي ڀيڻ آهيان. آئون اوهان سان گڏ آهيان ۽ هر وقت اوهان سان گڏ رهنديس. هي اقتدار ڪا وڏي شي نه آهي، سڀ کان وڏي شيءَ هيءَ آهي ته عوام جي نگاهن ۾ عزت هجي. پيپلزپارٽي ۽ مان اها ڪوشش ڪنداسون ته اوهان جي خدمت ڪري سگهون ۽ هيءُ ته اوهان جي نگاهن ۾ اسان لاءِ سدائين عزت هجي.
    آخر ۾ صدر اسحاق خان ۽ هٿياربند فوجن جي سربراه کي به سلام پيش ڪرڻ گهران ٿي ته 17 آگسٽ جي واقعي کان پوءِ هنن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي سموري طاقت استعمال ڪئي ۽ جڏهن جمهوريت جي دشمنن اها ڪوشش ڪئي ته چونڊون ملتوي ٿي وڃن تڏهن هنن گهڻي دٻاءَ جي باوجود ملڪ کي جمهوريت جي منزل تائين پهچايو، هاڻي هي اسان سڀني جو ڪم آهي، جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي هن ملڪ سان پيار ڪن ٿا، ته اسين گڏجي ڪم ڪريون ۽ هيءَ ڪوشش ڪريون ته اسانجي ملڪ ۾ هر ڪنهن کي عزت نفس جي زندگي گذارڻ جو موقعو ملي. مهرباني.
    پاڪستان زنده باد

    سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ٿورن سان...
    HaqMojood
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو