سائل مهراڻ
سينيئر رڪن
* اديون عبد اللطيف چئي
* آن جي ڏٺي جيڏيون, پنهونءَ جي پاٻوهه
سَنجهي ۽ صُبُوحَ , سُورَن ٿي سَجَڪيُون.
سر حسيني "سسئي "
آن = آءُ,آئون, مون
پَاٻَوهَه = مشڪڻ, مرڪڻ, گلاب جي مکڙيءَ جيان ٽڙي پوڻ
سَجَڪيُون = سٿجي پوڻ, سٽجي پوڻ, وٺجي وڃڻ, سُڪَ ٿي وڃڻ, ڦاسي پوڻ, گهائجي پوڻ, گرفتار ٿي پوڻ
* سسئي پنهنجي سرتين ۽ سهيلين سان پنهونءَ جي پيار, حُسنَ,سونهَن سوڀيا, سندرتا, حسناڪين, مرڪي ملڻ ۽ گلاب جي گل جيان ٽڙي پوڻ, ناز, انداز ۽ ادائن جي پئي واکاڻ ڪري.
* اهيي ادائون ۽ سونهَن منهنجي پرينءَ جون جي اوهان به پسو هان ته صبح ۽ سانجهي پنهونءَ جي سڪ سان سلهاڙيل هجو هان ۽ مون جيان توهان جو سک ۽ قرار به ڦٽل هجي هان.
پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام.
سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل