• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون نه آئين ڪَهي ....

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
تون نه آئين ڪَهي ....

رات آئي وئي تون نه آئين ڪَهي
ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪَ روئندي رهي

ڏينهَن موٽي ويا سج اڀري لٿا
تون نه آئي پرين وهُه لڳي ٿي وهي

سانورا تو سوا ڇانورا ڇا ڪبا
لَوءِ تنهنجي لڳي لُوءَ لڳندي رهي

ٿو وڃان مان وڃان ڪيئن ڀيرو ڀڃان
سج ويندو لهي پير ويندا ڊهي

سر اياز ڏنو ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو
رت اڏيءَ تان اڏيو سنڌ ڏسندي رهي.


.شيخ اياز
 
ٿو وڃان مان وڃان ڪيئن ڀيرو ڀڃان
سج ويندو لهي پير ويندا ڊهي

شيخ اياز جي لاجواب شاعري
 
سانورا تو سوا ڇانورا ڇا ڪبا
لَوءِ تنهنجي لڳي لُوءَ لڳندي رهي
....
لَوءِ جو مطلب درڪار آهي دوستو...
 
Back
Top