بي اونو پکي ” پِيهوڙِي“

'مختلف موضوع' فورم ۾ علي حسن چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2014۔

  1. علي حسن چانڊيو

    علي حسن چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيليگرافسٽ اطلاعات کاتو حڪومتِ سنڌ
    ماڳ:
    گلستانِ جوهر، ڪراچي
    [​IMG]
    ڍنڍ جي هن خوبصورت، بي اُوني پکيءَ کي ” پِيهوڙِي“ چيو ويندو آهي. آبڪلاڻي/ سانوڻيءَ ۾ جڏهن ٻنيون ٻارا، ڍنڍون ڍورا پاڻيءَ سان ڀريا پيا هوندا آهن ته ڊگهڙي، ٻه ڦانگي پڇ وارو هيءُ پکي اتي اڪثر نظر ايندو آهي. ڪوڻين ۽ پٻڻين واريون ڍنڍون هن جو پسنديده آماجگاه آهن. پيهوڙي ڪوڻين ، پٻڻ جي پنين ۽ ڪکن پنن کي گڏ ڪري، پاڻيءَ جي سطح تي ئي آکيرو ٺاهي لاٽونءَ جهڙا مينديءَ رنگا آنا ڏيندي آهي. پڌري پَٽ آنا ڏيڻ جي ڪري، اهڙي سونهري موقعي مان فائدو وٺڻ لاءِ سياڻا ڪانوَ به اتي پهچيو وڃن... جنهن کان پوءِ سڄو سڄو ڏينهن ٻنهين پکين ۾ جهيڙو جاري رهندو آهي... پر هميشه وانگر سادگي سياڻپ کان هارايو وڃي ۽ ويچاري پيهوڙي دانهون ڪندي رهجي ويندي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀليڪار سائين ... سٺي ڄاڻ

    پيهوڙي کي گوگل تي سنڌي ۾ سرچ ڪيم ته ڪٿان ڪابه ڊيٽا نه ملي .... يقينن ويب تي هي پهريون ليک هوندو ان پکيء بابت ...

    مطلب پيهوڙي به اسان سنڌين جي سادگي ۽ بي اونو هجڻ وانگر سدائين هارائي ۽ دانهون ڪندي ٿي رهي.
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ فورم جو اصل روح آهي به اهو ته انهي تي اهو مواد اچي جيڪو نئون يا اضافي معلومات سان هُجي. علي حسن جي هن ليک انهي جي تقاضا پوري ڪئي آهي. اُميد ٿي ڪجي ته علي حسن پاران مواد هن فورم جي حصي ۾ ايندو رهندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو