’ٿيلسيميا‘ معصوم ٻارن جو موت ۽ بچاءُ جا اُپاءَ

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سيد جڙيل شاهه بخاري
    انسان شعوري ارتقا کان وٺي صحت جي بچاءَ جون تدبيرون ۽ بيمارين خلاف مزاحمت ڪرڻ لاءِ جڏهن ميڊيڪل طريقه علاج وجود ۾ نه آيو هو، تڏهن کان ئي فطرت جي طرفان انسانن لاءِ تخليق ڪيل جڙي ٻوٽين ۽ طاقتور غذا جي ذريعي صحتمند رهڻ لاءِ سرگرم رهيو آهي. دنيا جي اندر علم حڪمت جي پهرين شروعات حضرت لقمان عليه السلام کان ٿي جنهن جو ذڪر ڪلام پاڪ ۾ پڻ ملي ٿو. اهڙي طرح بعد ۾ يونان ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ جڙي ٻوٽين ۽ عرق ريزي ذريعي حفظات صحت جي لاءِ دوائون تيار ڪندا رهيا جنهن کي علم طب جي نالي سان شهرت ملي ۽ سقراط کان وٺي ارسطاطاليس ۽ جالينوس جهڙا ماهر علم حڪمت جي بانيڪارن ۾ اچن ٿا پر جڏهن ميڊيڪل طريقه علاج 18 هين صدي کان باقاعده متعارف ٿيو ۽ ڊاڪٽر جيڪي طبيبن جي جديد دنيا جي ترقي موجب ڪم ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح هن وقت ميڊيڪل علاج سموري دنيا ۾ مهلڪ بيمارين خلاف پنهنجون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي تيئن دنيا ۾ اُهي بيماريون جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به نالي طور سامهون نه آيون هيون ۽ انهن جي حملي ۾ انساني جانيون هليون ويون ٿي. توڻي جو عام حڪمت ذريعي اهڙين بيمارين سان حڪيمن مزاحمت جاري رکي پر انهن بيمارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ ميڊيڪل سائنس باقاعده ريسرچ ڪري خاتمو آندو جن ۾ ماتا، پوليو، خناق، ڪاري کنگهه، تشنج ۽ ٻيون ٻارن ۾ وبائي بيماريون جن ۾ لڳ ڀڳ خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ انهن جي مزاحمت لاءِ ميڊيڪل علاج دريافت ٿيل آهي.

    ذڪر ڪيل بيماريون جتي معصوم ٻارن تي جان ليوا حملو ڪن ٿيون، اُتي موجوده دور ۾ دنيا جي اندر هڪ خطرناڪ بيماري ٿيلسيميا جيڪا معصوم ٻارن جي زندگين سان پنجا آزمائي ڪرڻ تي بضد آهي. هيءَ بيماري جيڪا ٻار ڄمڻ کان اڳ ۾ بظاهر صحتمند نظر ايندڙ انسان جي اندر ۾ لڪي وڃي ٿي ۽ اها جينياتي عنصر جو سهارو وٺي ”هڻ کڻ“ بلا وانگر تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن شادي شده جوڙن جي وجودن مان حسناڪ ٻار جنم وٺي ٿو ۽ پوءِ اها بيماري اُنهيءَ ٻار کي موت جو لقمو بنائڻ جي اعلان طور ظاهر ٿي والدين جي پررونق زندگين ۾ غم جو ڀونچال آڻي ڇڏي ٿي. والدين کان مسڪراهتون رُسي وڃن ٿيون ۽ هو پنهنجي لخت جگر جي هڏائين پڃري جهڙي وجود کي ڪرٽيندڙ ازدها جهڙي بيماري ٿيلسيميا جو ڀيانڪ روپ ڏسن ٿا ۽ سندن اندر ۾ ان خلاف پهرين وڙهڻ جي خواهش ڪر موڙي ٿي پر وقت گذري چڪو هجي ٿو ۽ اها موتمار بيماري والدين کان سندن جگر جو ٽڪرو کسي وٺي ٿي.

    ٿيلسيميا ڇا آهي ان جي وضاحت بس ايتري آهي ته پاڪستان ۾ ٿيلسيميا خلاف جهاد ڪري ادارو قائم ڪندڙ ”محمد اقبال“ جي بقول ته اها اهڙي رت جي کوٽ برپا ڪندڙ بيماري آهي جيڪا معصوم ٻار جو موت بڻجي اچي ٿي ۽ انهيءَ جو علاج مهانگو هئڻ سان گڏوگڏ والدين کي مفلس بڻائيندڙ ۽ ٿڪائيندڙ آهي. محمد اقبال جنهن پنهنجي 16 سالن تائين لخت جگر ڪاشف جو 68 لک کان وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي باوجود به کيس بچائي نه سگهيو ۽ ٿيلسيميا (رت جي کوٽ جي بيماري) ڪاشف جي حياتي وٺي ورتي. جنهن جي معصوم ميت تي موذي بيماري خلاف مزاحمت ڪرڻ جو قسم کڻي ٿيلسيميا جي خاتمي لاءِ ادارو قائم ڪندڙ محمد اقبال جنهن جو چوڻ آهي ته ٿيلسيميا ۾ مبتلا هزارين ٻارن جو اسلام آباد کان وٺي ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ سندن ادارو سهائتا ڪري رهيو آهي ۽ ٿيلسيميا جو ورلڊ ليول تي ٿيندڙ علاج جنهن ۾ 90 لک جو خرچو اچي ٿو ۽ هڪ پائيپ جنهن جي قيمت هڪ لک روپيا آهي پر مون ڪاشف منهنجي پٽ جي دردناڪ موت وقت سندس ميت آڏو مفلس ٻارن کي موذي مرض مان بچائڻ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو هو ۽ اڄ ڪاشف انهن صحتمند ٻارن جي روپ ۾ آئون زنده ڏسان ٿو جن کي ٿيليسيميا جي علاج جي سهولت اسان جو ادارو ”ڪاشف اقبال ٽرسٽ“ ڏيئي رهيو آهي ۽ لک روپئي وارو پائيپ 4 هزار ۾ مون پاڪستان ۾ ايجاد ڪرائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو.

    هن اهي ڳالهيون بدين ۾ ٿيلسيميا ڪيئر سينٽر جي سربراهه ۽ بدين ضلعي ۾ 11 سئو ماڻهن جو مفت ٿيلسيميا جي ٽيسٽ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ ڊاڪٽر هارون ميمڻ سان گڏ ٿيلسيميا بابت جاڳرتا سيمينار ٽنڊوباگو ۾ خطاب دوران ڪيون. ٿيلسيميا جا موت بابت بدين ضلعي جي شهر ٽنڊوباگو جي مخير انسان ۽ ٻارڙن توڙي نوجوانن زندگين لاءِ مضحر صحت عملن خلاف عملي طرح جدوجهد ڪندڙ جنهن کي پنهنجي اسپتال مان غريب انسان کي صحتمند مشورا ۽ مفت دوائون ڏيندي ڏسڻ بعد بدين ضلعي ۾ هڪ انسان دوست مسيحا ۽ صحت جي بچاءَ لاءِ تدبيرون فراهم ڪندڙ يونيورسٽي جو اعزاز مفلس ماڻهو ڏيندي اهو اظهار ڪندا آهن ته ڊاڪٽر گلزار خواجه صحت جي بچاءَ جي هڪ يونيورسٽي آهي، ان ڊاڪٽر گلزار خواجه ٿيلسيميا بابت لفظ هڪ ڏاهي جا دهرائيندي چيو ته ٿيلسيميا خوشين ڀرين زندگين سامهون اهو موت آهي جنهن جي ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته زندگي جي پررونق ٻن ڪمرن سان ڀيٽ ڪري ڏسجي ته هڪ ڪمرو جتي صحت آهي ۽ سامهون ٻيو ڪمرو جتي ميت پئي آهي، هاڻ اوهان جي مرضي ته زندگي جي چونڊ ڪريو يا ميت جي.

    هن چيو ته ميڊيڪل تحقيقن موجب ٿيلسيميا ڇا آهي ان تي جيڪڏهن نظر وجهجي ٿي ته ٿيلسيميا رت جي موروثي جينياتي بيماري آهي ٻار ۾ منتقل ٿي هيمو گلوبن ٺاهڻ جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ٻار کي بار بار رت لڳائڻ جي ضرورت پوي ٿي. رت جي مسلسل فراهمي غريب والدين افورڊ ڪري نه سگهندا آهن. ٿيلسيميا جا ٻه قسم آهن (1) ٿيلسيميا مائنر (2) ٿيلسيميا ميجر. ٿيلسيميا مائنر يعني زال مڙس ٻئي مائنر جا مريض آهن جيڪا جدا جدا ته نارمل آهي پر ٻه مائنر نر مادي جيڪڏهن پاڻ ۾ شادي ڪن ٿا ته ڄمندڙ ميجر ٿيلسيميا جو شڪار ٿئي ٿو، جيڪو ٻار والدين جي خوشين کي ختم ڪري ٿو جو اُهو مسلسل رت طلبي ٿو ۽ کوٽ جو شڪار هجي ٿو. ميجر ٿيلسيميا جو علاج 15 لک آهي جنهن ۾ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو عمل ٿئي ٿو. پاڪستان هن وقت هڪ ڪروڙ ماڻهو بيٽا ٿيلسيميا جا متاثر آهن يعني هر 18 ماڻهو بيٽا ٿيلسيميا جو شڪار آهي جو خاموشي سان مرض ڦهلائي ٿو. ان ڪري ان موذي مرض کان بچاءَ لاءِ ٽيسٽ ڪرائڻ جا ادارا پاڪستان ۾ ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ بدين ۾ آهن، ان ڪري هر ماڻهو کي پنهنجي رت ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي، خاص طور تي نوجوان غير شادي شده جيڪي شادي کان اڳ بلڪه مڱڻي کان اڳ پهرين ٿيلسيميا ڪيئر سينٽرن تي وڃي ٽيسٽ ڪرائين جيڪو بل اسيمبلي پڻ پاس ڪيو آهي پر عمل ڪو نه ٿيو آهي، جيڪي مرد ۽ عورت ٿيلسيميا مائنر جو شڪار آهن ته شادي جي صورت ۾ ڄمندڙ ٻار ميجر ٿلسيميا جو مريض ٿيندو پر جيڪڏهن هڪ نارمل آهي ٻيو مائنر ته ڪو به فرق نه پوندو. دنيا ۾ ايران، سعودي عرب ۾ ته ٿيلسيميا جي ٽيسٽ نه ڪرائيندڙ جوڙن تي قانوني ڏنڊ آهي ۽ جيل به. ڪاش اسان جي ملڪ ۾ پڻ قانون تي عمل ٿئي اها سجاڳي اڳي پوءِ زندگي ڀر روئڻو نه پوي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ادا، اوهان تمام بهترين ل
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سڀني انسانن کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو