• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان ۾ رات جا تارا.....................

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
a_fallen_leaf_in_the_park-t2.jpg

انهي جَرَ جِي جَوانيءَ

۽ پيريءَ جو قصو آهي،

اسان تي

عشق جا پنڇي

ٻڏن ٿا ۽ ترن ٿا پيا،

اسان ۾

رات جا تارا ٻُڏن ٿا

۽ ترن ٿا پيا،


اسين اڄ به ساڳيا ،

ڇڻيل پن وانگي

پرين تنهنجون نظرون

منجھند ٽاڪ وانگي

اسين پوءِ به سمجھون

ٿڌيءَ ماڪ وانگي

سڀئي

تنهنجا وعدا

انهي پن وانگي

اسين اڄ به

ساڳيا

ڇڻيل پن وانگي
 
Back
Top