سنڌ سلامت جو مذهب سيڪشن گهڻي ڀاڱي باقي فورم جي ڀيٽ ۾ گهڻو فعال رهندو آهي.. جنهن بابت اڪثر رڪنن کي آگاهي ڏيندا رهندا آهيون.. انتهائي حساس سيڪشن هجڻ باوجود اڪثر جڏهن رڪن کي سنڌ سلامت تي ڪو مواد موڪلڻ لاءِ نه ملندو آهي تڏهن به مذهبي مواد موڪلي سگهندو جنهن جو سبب اسان سنڌين جو مذهب سان جذباتي لڳائو آهي.. اهو ئي سبب آهي جو بغير حوالي سان ايندڙ مواد کي بار بار تنقيد ملندي رهي آهي...
اسان سڀ هڪ ٻئي کي مسلمان سمجهڻ باوجود ڪجهه عقيدن تي ايتري ٽوڪ ۽ تنقيد ڪندا رهيا آهيون جو رڪن ته رڪن پر معزز مذهبي شخصيتن ۽ معزز مذهبي ڪتابن کي پڻ نندڻ ۾ دير ناهيون ڪندا.. جنهن سان پڙهندڙن کي صاف لڳندو آهي ته “اسان هاڻ مسلمان نه پر شيعا، سني، ديوبندي ۽ بريلوي بڻجي ويا آهيون. اسان سڀ اندران ئي اندران ڪٽر، سخت ۽ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ وارا بڻجي ويا آهيون”
سنڌ سلامت پنهنجي ابتداء کان وٺي هن سيڪشن جي بقاء لاءِ جستجو ڪندي رهي آهي... اهو ئي سبب آهي جو مذهبي سيڪشن کي مڪمل بند ۽ پابندي هيٺ رکڻ جي اٿندڙ آوازن کي نظر انداز ڪندي هن سيڪشن ۾ ايندڙ تحريرن کي منظوري هيٺ رکيو ويندو رهيو آهي... ۽ سنڌ سلامت طرفان اڄ تائين جيڪڏهن ڪنهن رڪن کي پابندي هيٺ آندو ويو آهي ته ان جو سبب به سندس اهو مواد رهيو آهي جيڪو هن مذهبي سيڪشن ۾ پوسٽ ڪيو هجي...
سنڌ سلامت تي گذريل ٽن سالن کان ايندڙ رڪنن کي خبر هوندي ته هتي ڪئي سنڌيت جا پرچارڪ ڪندڙ رڪن صرف مذهبي مواد ۽ ان تي اٿندڙن اختلافن ڪري فورم ڇڏي ويا... ۽ انهن مان ڪافي ته هاڻي مهمان جي صورت ۾ پڻ سنڌ سلامت تي اچڻ لاءِ تيار ناهن...
اها به حقيقت رهي آهي ته مذهبي سيڪشن ۾ مواد موڪليندڙ هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ جو الزام به اڪثر سنڌ سلامت انتظاميه تي هڻندا رهيا آهن... انهن جو سڀني جو خيال هوندو آهي ته سندن مخالفت ۾ پيش ايندڙ مواد کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا ان ۾ ترميمون آنديون وڃن... جڏهن ته سنڌ سلامت انتظاميه اڳيان سمورا رڪن هڪجهڙا هوندا آهن... ۽ انتظاميه تڏهن ئي پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪيو آهي جڏهن رڪن بحثن کي ذاتي تنقيد ۾ تبديل ڪيو هجي...
اهڙن بحثن دوران انتظاميه طرفان پس منظر ۾ ميٽنگس جاري رهنديون آهن جتي رڪنن طرفان ايندڙ ذاتي پيغامن، ڪچهرين، موبائيل ميسيجز يا ڪالز ذريعي صلاحن، مشورن ۽ تنقيدن کي نظر ۾ رکندي مختلف آپشنز پيش ڪيا ويندا آهن.. جهڙوڪ:
پهرين مرحلي ۾ مذهبي سيڪشن تي هيٺيون رڪاوٽون عائد ڪجن ٿيون..
مذهبي مواد کي رڪنن تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽ:
هاڻي مذهبي سيڪشن ۾ ايندڙ يا اپڊيٽ ٿيندڙ مواد سنڌ سلامت نواڻ جهڙوڪ نيون تحريرون ۽ فعال موضوع ۾ ظاهر نه ٿيندو... ان باوجدو دلچسپي رکندڙ رڪن مذهبي موضوعن يا مڪمل مذهبي سيڪشن کي مشاهدي هيٺ رکي سگهن ٿا جنهن سان کين مذهبي سيڪشن ۾ ٿيندڙ اپڊيٽ اطلاعن ذريعي ملي سگهندي...
رپورٽ ڪرڻ تي سخت عمل وٺڻ:
جيڪڏهن ڪنهن به رڪن طرفان ايندڙ مواد تي تحرير دل آزاري يا ذاتي تنقيد تحت جي رپورٽ ڪئي ويندي ته ڳالهه ثابت ٿيڻ تي عمل ڪندي رڪن جي تحرير ۾ ترميم ڪئي ويندي يا وري جتي مناسب لڳو ته مڪمل تحرير کي ختم ڪيو ويندو.. گڏو گڏ ان رڪن کي مختلف وقت لاءِ ان موضوع ڏسڻ يا جواب لکڻ تي پابندي عائد ڪئي ويندي..
موضوع جي درجه بندي تي عمل وٺڻ:
جلد سنڌ سلامت تي موضوع کي درجو ڏيڻ جو سسٽم متعارف ڪرايو ويندو... جنهن کان پوءِ هر ان موضوع کي جنهن جو درجو 10 ووٽ ملڻ کان پوءِ به ”تڪليف ڏيندڙ“ يا ”خراب“ رهيو ته ان موضوع کي ختم ڪرڻ سان گڏو گڏ موضوع موڪليندڙ تي ڪجهه وقت لاءِ نئون موضوع موڪلڻ تي پابندي لڳائي ويندي...
آخر ۾ دوستن کي هڪ دفعو وري گذارش ڪجي ٿي ته جيئن ڪنهن اليڪشن ۾ عام ماڻهون کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار هوندو آهي ته هو ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪو حڪومتي نمائندو چونڊي ۽ چونڊڻ کان پوءِ ملڪ هلائڻ جي ذميداري حڪومت کي هوندي آهي... ساڳي طرح سنڌ سلامت فورم کي ڪيئن هلائڻو آهي ان جي ذميداري به انتظاميه تي ئي رهڻ ڏجي.. ها البته وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ توهان جي صلاحن ۽ مشورن کي هميشه ڀليڪاريو ويو آهي...

- مذهبي سيڪشن کي ٻيهر منظور هيٺ آڻڻ
- ذاتي تنقيد ڪندڙ رڪنن تي پابندي لڳائڻ
- موضوع کي شروع ۾ ئي تالو لڳائڻ
- اڳ واري مواد کي ختم ڪرڻ
- قانون ۾ تبديلي آڻيندي مذهبي مواد آڻڻ تي پابندي
- يا وري مڪمل مذهبي سيڪشن جو خاتمو آڻڻ
- اظهارِ آزادي تي پابندي لڳائڻ
- فورم جي سرگرميءَ کي جيڪا اڳ ئي گهٽ آهي نقصان نه ٿيڻ
- جستجو ڪندڙ ساٿي جيڪي مختلف ڪتابن کي ڪنگهالي ڪو مواد موڪلن ٿا انهن جي حوصله شڪني ٿيڻ
- سڀ کان گهڻو پيش ٿيندڙ مواد ۾ رڪاوٽ اچڻ
- سنڌ سلامت جي نعري “سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي پکيڙڻ” جو نقصان ٿيڻ
- اڄ جي فيس بوڪ جهڙي سوشل دور ۾ سنڌ سلامت جي بقاء کي برقرار رکڻ
پهرين مرحلي ۾ مذهبي سيڪشن تي هيٺيون رڪاوٽون عائد ڪجن ٿيون..
مذهبي مواد کي رڪنن تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽ:
هاڻي مذهبي سيڪشن ۾ ايندڙ يا اپڊيٽ ٿيندڙ مواد سنڌ سلامت نواڻ جهڙوڪ نيون تحريرون ۽ فعال موضوع ۾ ظاهر نه ٿيندو... ان باوجدو دلچسپي رکندڙ رڪن مذهبي موضوعن يا مڪمل مذهبي سيڪشن کي مشاهدي هيٺ رکي سگهن ٿا جنهن سان کين مذهبي سيڪشن ۾ ٿيندڙ اپڊيٽ اطلاعن ذريعي ملي سگهندي...

رپورٽ ڪرڻ تي سخت عمل وٺڻ:
جيڪڏهن ڪنهن به رڪن طرفان ايندڙ مواد تي تحرير دل آزاري يا ذاتي تنقيد تحت جي رپورٽ ڪئي ويندي ته ڳالهه ثابت ٿيڻ تي عمل ڪندي رڪن جي تحرير ۾ ترميم ڪئي ويندي يا وري جتي مناسب لڳو ته مڪمل تحرير کي ختم ڪيو ويندو.. گڏو گڏ ان رڪن کي مختلف وقت لاءِ ان موضوع ڏسڻ يا جواب لکڻ تي پابندي عائد ڪئي ويندي..
موضوع جي درجه بندي تي عمل وٺڻ:
جلد سنڌ سلامت تي موضوع کي درجو ڏيڻ جو سسٽم متعارف ڪرايو ويندو... جنهن کان پوءِ هر ان موضوع کي جنهن جو درجو 10 ووٽ ملڻ کان پوءِ به ”تڪليف ڏيندڙ“ يا ”خراب“ رهيو ته ان موضوع کي ختم ڪرڻ سان گڏو گڏ موضوع موڪليندڙ تي ڪجهه وقت لاءِ نئون موضوع موڪلڻ تي پابندي لڳائي ويندي...
********
آخر ۾ دوستن کي هڪ دفعو وري گذارش ڪجي ٿي ته جيئن ڪنهن اليڪشن ۾ عام ماڻهون کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار هوندو آهي ته هو ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪو حڪومتي نمائندو چونڊي ۽ چونڊڻ کان پوءِ ملڪ هلائڻ جي ذميداري حڪومت کي هوندي آهي... ساڳي طرح سنڌ سلامت فورم کي ڪيئن هلائڻو آهي ان جي ذميداري به انتظاميه تي ئي رهڻ ڏجي.. ها البته وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ توهان جي صلاحن ۽ مشورن کي هميشه ڀليڪاريو ويو آهي...
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: