سنڌ سان چڪور جهڙو عشق!

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ سان چڪور جهڙو عشق!

    وينگس

    سنڌ اها مارئي آهي، جنهن تڪليفن کي ته قبوليو پر آڻ نه مڃي. هي تلخ حقيقت اسان جي جهول ۾ اچي ڪرندي ته جن سنڌ سان چڪور جهڙو عشق ڪيو آهي، انهن سنڌ سان چڪور جهڙي مرڻ تائين وفا ڪئي آهي. سنڌ سان به اهڙو ئي عشق ڪندڙ چڪور هو جنهن کي اسين سڀ سائين جي ايم سيد سڏيندا آهيون. سيد جو ڪردار هر دؤر ۾ منفرد رهندو آيو آهي، اڄ هو اسان سان شامل ناهي. هينئر ان جي سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

    دل جي دنيا کي اسان هي نياپو اماڻي سگهون ٿا ته ڪير چوي ٿو، سنڌ جا چڪور مري ويا آهن، هي ٻار جيڪي قومي گيتن تي جهمر پائي رهيا آهن، هڪ ڏينهن انهن مان ڪير اُٿندو. جن گيتن اندر عشق ۽ ڌرتي جي صدا ناهي اهي گيت سرجڻ کان پهرين ئي ختم ٿي ويندا آهن.

    هن سر جي گدلي سينور ۾،
    هي نيول ڪنول به ته ڏوهي آ،
    ۽ ڪو به چڪور انڌاري ۾،
    جي اُڏري ٿو ته دروهي آ،
    هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جو،
    مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ! (اياز)


    سيد، سنڌ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي عشق تي مخالف به ڪنڌ ڌوڏي هن جي عشق جو اقرار ڪندا آهن.

    سيد سنڌ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌ سيد لاءِ هئي. هي ٻئي هڪ ئي سڪي جا ساڳيا پاسا آهن. هن جي ذات ۾ ڪڏهن به جهول ۽ ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي وئي. هن ڪڏهن به آڻ نه مڃي. سيد اهڙو ڪنڀار هو جنهن کي خبر هئي ته جيڪو مان ٿانءُ جوڙي رهيو آهيان، اهو ايندڙ وقت لاءِ هوندو. وقت بي رحم آهي يا نه! وقت تي ڪيس نه ٿا هلائي سگهون، پر وقت پنهنجي ڪک مان ڪنهن دؤر لاءِ اهڙا ڪردار پيدا ڪندو آهي، جن جي اندر ۾ صرف عشق ئي هوندو آهي. هڪ فلم ۾ هيرو پنهنجي زندگي جي قرباني ڏيڻ ويندو آهي، جنهن تي ان جي ماءُ کيس چوندي آهي ته ڇا تون چريو ٿيو آهين؟ ۽ هيرو ماءُ جي چهري تي پيار سان هٿ رکي چوندو آهي ته آزادي جو جهنڊو صرف چريا ئي کوڙي سگهندا آهن.

    سنڌ جي تاريخ ۾ به اهڙا ڪيترائي ڪردار رهيا آهن. سيد، پنهنجي مستقل مزاجي قائم رکي ۽ ڪنهن به موڙ تي هن پنهنجا پير ٿـڙڻ نه ڏنا. سيد، سنڌ جي بقا لاءِ مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو. هو سنڌ جو اهڙو عاشق هو جنهن هميشه قيد ڪاٽيو ۽ تڪليفن کي منهن ڏنو. پاڪستان جي آزادي لاءِ هن وڏو رول ادا ڪيو. سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ ۾ هن جو اهم ڪردار آهي ۽ اصولن تي هن جناح سان به اختلاف ڪيا. خبر ناهي مسٽر جناح هن لاءِ پنهنجي اندر ۾ ڪهڙي راءِ جوڙي هوندي پر ايترو يقين آهي ته جناح هن جي اصول ۽ سنڌ سان عشق واري رويي مان ضرور متاثر ٿيو هوندو.

    هن جي ڌرتي سان عشق واري رشتي تي هر دل هي چوڻ کان رهجي نه ٿي ته ”اي سيد! تون واقعي سنڌ جو چڪور هئين، آهين ۽ رهندين.“ هاڻي اسان سيد جي نظريي تي اينداسين ته آخر هن ڇا ڇا ڪيو! سيد سنڌ جي آزادي ۽ ان جي بقا چاهي هئي. اڄ هن جو جنم ڏينهن آهي، ان ڪري اسان سيد کي (Wish) ڪنداسين ۽ هن ڇا ڇا ڪيو هو؟ ان تي ڳالهائينداسين. هر عاشق ۽ محبوب جو فرض آهي ته هو پنهنجي عشق کي دلدل مان ڪڍي. هي ڪيئن ممڪن آهي جو توهان ڪنهن سان عشق ڪريو ۽ ان جو موت ڏسڻ لاءِ تماشائين ۾ بيهو. اهو ڪم ڪنهن به عاشق کان نه پڄندو. سيد مستقل مزاجي سان هميشه جاکوڙ ۾ رهيو. هي جيترو جهونو ٿيندو ويو ايترو ئي عشق هن جو جوان ٿيندو ويو. هن سنڌ جي حفاظت لاءِ جيڪڏهن چي گويرا جيان ڪو ڪردار ادا نه ڪيو هو ته به هو عشق جي سرحد تي بيهي چي گويرا جيان ئي وڙهيو.

    سيد جي عشق نظريي جو روپ اختيار ڪيو آهي. سيد جي فڪر ۽ ڊگهي سياسي جدوجهد کي سمجهڻ لاءِ هن عشق وارو جذبو هجڻ ضروري آهي. سيد جي حقيقي وارث صرف سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي. هو سنڌ جو عاشق هو جنهن سنڌ جي سورن تي آواز اُٿاريو. سيد جو نظريو هينئر يتيم ۽ ڪتابن ۾ خاموش پيل آهي. اڄ انهن ڪتابن مٿان مٽي اُڏامي رهي آهي ۽ ڪي ماڻهو نعره هڻي اهو سڀ چئي رهيا آهن ته هي سيد جو نظريو آهي! سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ ضرور ڪٽيو پر سنڌي عوام صرف ٻه ڳوڙها ڳاڙي ايتري التجا ڪري ٿي ته اي سيد! اسان کي تنهنجو هڪ ڀيرو ٻيهر ساٿ گهرجي ٿو ۽ سنڌ کي تنهنجو عشق گهرجي ٿو. ڏس! واپس وري آ.

    سنڌ جي عوام ڪجهه سوال ٿي ڪرڻ چاهي ته آخر قومپرست پارٽين اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو آهي؟ سنڌ جي قومپرستي جي زوال جو ذميوار ڪير آهي؟ سنڌ جو ڪيس عالمي سطح تي ڇو نه اچي سگهيو آهي؟ ڇا آزادي صرف نعرا هڻي حاصل ٿيندي آهي؟ جدوجهد جي حقيقي مام ۽ ذاتي مفادن خاطر ڊُڪ ۾ توهان ڪهڙو فرق محسوس ڪريو ٿا؟ سنڌ جو مستقبل ۽ نوجوان ڪٿي بيٺل آهي؟ آخري سوال! سيد ڇا ڇا چاهيو هو؟ ۽ توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ڇا سيد جا پوئلڳ اسان کي انهن سوالن جا جواب ڏيندا؟ سيد اسان وٽ موجود ناهي پر هو پنهنجين لکڻين ۾ موجود آهي. سيد اسان غريب سنڌي عوام وٽ تولاءِ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. بس! ٽٽل اُميد آهي، جنهن کي تنهنجي جنم ڏهاڙي پنهنجي اندر مان ٻاهر ڪڍي جوڙڻ چاهيون ٿا. ڏس سنڌ ان بيوهه جهڙو روپ اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن وٽ روئڻ لاءِ اکين ۾ پاڻي به ناهي. ها! شيخ اياز سچ چيو هو ته:

    نه ڪوڪ ڪويل نه ڪوڪ ڪويل، اسان اڳئي ڏکي ڏهاڳڻ.

    ”شايد سيد به سنڌوءَ درياهه جي واري هٿ ۾ کڻي ۽ ان کي مـُٺ مان ڇڏي صرف ايترو چوندو هوندو ته اي سنڌ! تنهنجي قسمت ۾ هي ته نه لکيل هو.“ سنڌ جي عوام کي ان انگريزي جملي سان اقرار آهي جنهن ۾ ڪيتري نه پيڙا آهي ته:

    “We have leaders, but they are sleeping in their grave
    (يعني! اسان وٽ اڳواڻ آهن پر اهي پنهنجين پنهنجين قبرن ۾ آرامي آهن)
    اي سيد! ڏس تنهنجي سنڌ جو به حال ائين ئي ٿي ويو آهي.

    (روزاني عبرت مان ورتل 17 جنوري 2009)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو