جمال محمود کهڙو
سينيئر رڪن
منهنجا سائين، آء هت هڪ عرض ٿو رکان. دنيا جي مختلف ڪميونٽيز م انهن جي ڀلائي لاء فلاحي ادارا قائم ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڏک جي گهڙين م انهن جي مدد ڪندا آهن. افسوس جو اسان جي سنڌ م هڪ طرف حڪومت جو ڪو ب ڌيان ناهي ء مشڪل جي وقت هي قوم اڪيلي هوندي آهي ء ڪاب ڌر سندس مددگار ڪون هوندي آهي ، عبدستار ايڌي کان ويندي ڪوب ادارو سنڌين جي لاء مددگار ڪون هوندو آهي ء ن وري عالمي ادارا هن قوم جي مدد لاء ايندا آهن . ٿر کان ويندي ڪوهستان تائين هي ماروئڙا ويچارا بي وس هوندا آهن، سندن مدد ڪرڻ وارو ن وقت جو حڪم هوندو آهي، ن وري ڪي عالمي ادارا ن قومي ادارا ، ن وري اسان جا سنڌ جا چونڊيل نمائندا، ن وري سنڌ جي سياست ڪندڙ قومپرست، مطلب تي هن قوم جو هر فرد اڪيلو هوندو آهي ، سندس سور ء هو گڏ هوندا آهن. سنڌي ماڻهون ڪروڙن جي تعداد م آهن ء اسان سڀ جي گڏجي همٿ ڪيو ت اسان کي ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ڪون پوندي . پرافسوس هميشاسنڌ جي نالي تي عام ماڻهون سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي ، سدائين ان کان سنڌ جي ناء تي ووٽ ورتو ويو ، سدائين سنڌ جي ناء تي انکان چندا ورتا ويا جن مان شراب ڪباب کاڌا ويا مطلب ت هميشا هن ماڻهن سان زيادتي ٿي آهي ، انڪري هي ڪم تمام مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي. اسان کي هڪ اهڙي اداري جي ضرورت اهي جيڪو هر ڏک جي گهڙي م سنڌي ماڻهون سان گڏ هجي، سيلاب هجي يا برسات ، زلزلو هجي يا ڏڪار هر وقت اهو ادارو ماڻهن جي سهائتا ڪري. اسين سڀ هڪ سو سو رپيو گڏ ڪيو ت ههڙو دارو تيار ٿي ويندو پر ضرورت آهي اعتماد جي ، ڪا اهڙي قيادت هجي جيڪا ماڻهن جي اعتماد تي پورو لهي ،ڇا پوري سنڌ م ڪو هڪ ب ماڻهون ناهي جيڪو هن قوم جي اعتماد تي پورو لهي. آء اهو عرض ٿو ڪريان ت ڪو هڪ سنڌ دوست پهنجا سڀ ذاتي مفاد ڇڏي اچي ء ڌرتي خاطر هي ڪم ڪري، اگر هي ادارو تيار ٿي ويو ت سنڌ کي ڪنهن ب ڌارئي جي ضرورت ن پوندي. اسان جهڙا عام سنڌ ان شخصيت سان هر قدم تي گڏ هونداسين، آهي ڪو جوان، هي للڪار آهي سنڌ ڌرتي جي ء سنڌ جي غريب ماڻهن جي. اميد تي هن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو.