الا! ڏاهِي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن، مون سين مون پريَنِ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا! شاهه سائينءَ جي مٿئين بيت جو مفهوم گهڻو ڪري غلط ئي سمجهيو ۽ سمجهايو پئي ويو آهي. اهو بيت محاوري طور دانشور ۽ اديب سڳورا تمام گهڻو ڪتب آڻيندا آهن ۽ سندن اولين مقصد هيءُ هوندو آهي ته اصل حقيقت جو علم کين ئي آهي، جيئن ته عام ڪُت خلق جو عقل ۽ منطق سان اچي نه وڃي، ان ڪري اها ڏاهپ جا ڏنگ برداشت ڪرڻ کان ڇٽل آهي. تڪليف ۾ ته اسين (ڏاها اديب دانشور) آهيون، ڇو ته عقل جي عميق ۾ ٽٻيون هڻڻ اسان جو معمول آهي.! فنڪاريءَ سان پاڻ پڏائڻ لاءِ ان بيت جو اجايو استعمال هر روز ٿيندو ئي رهي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به ٿئي ٿو جو انهيءَ بيت جي وچئين سِٽ ئي گم هئي، نٿي پڙهي ويئي. ٻانهي خان شيخ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾ اهو سڄو بيت هيئن آهي: الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن، ڀوريون ڀَتارن ڀَر ۾ کِليو کير پيئن، مون سين مون پرينِ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا. وچين سٽ جي ڳانڍاپي کان پوءِ بيت جو اصل مفهوم سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي، جنهن مطابق هتي لفظ ”ڏاهيءَ“ جي معنيٰ سياڻي يا سمجهدار ڪونهي، لفظي معنيٰ تي زور ناهي. بلڪ سمجهايو اهو پيو وڃي ته شاطر هئڻ ۾ تڪليف آهي، پڇتاءُ آهي. ڀورائپ يا سادگيءَ جي ڪري به ماڻهو پسند پئجي سگهي ٿو ۽ انهي خوبيءَ جو انعام اهو آهي ته انسان جنهن کي هڙني حواسن سان چاهي اهو ئي شخص ٻَڌو ٻانهو بنجي سندس خدمتون چاڪريون پيو ڪندو آهي! کير پيو پياريندو آهي! اُتي چترائپ يا چالاڪي ڪم نٿي اچي، محبوب سائين ته سادگي ۽ ڀورڙائپ ۾ ڀال ڀلائيندا ۽ وڏا وڙ ڪندا آهن.