• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

او مٺي! او مٺي!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
غزل

او مٺي! او مٺي! پڙهه هڪوار هيءَ چٺي،
تو بن دلربا ويران آ دل جي هيءَ گهٽي.

ساٿ تنهنجو هيو، چاهه به تنهنجو هيو،
بي رُخي تنهنجي مٺا، دل هيءَ منهنجي ڪٺي.

پريم توسان ڪيم، نانءُ به تنهنجو کنيم،
ڪرين ٿي ايڏو ستم، ڄڻ قسمت منهنجي رُٺي.

او سانوري، او بانوري ڪيان ٿو توکي هيءَ التجا،
”نرمل“ ٿو آهون ڪري، ڄڻ آ قسمت منهنجي ڦٽي.

hall chari
 
جواب: او مٺي! او مٺي!

مطلب ته ڪم اڃان مٺيءَ سان چٺيءَ تائين آهي ۔۔۔ ۽ مٿان وري حالت هيءَ آهي
پريم توســــــان ڪيم، نانءُ به تنهنجـــــو کنيم،
ڪرين ٿي ايڏو ستم، ڄڻ قسمت منهنجي رُٺي.
عاشق جو ڪم عشق ۽ معشوق جو ڪم ماڻا ۽ جڏهن ماڻا وڌي وڃن ته ستم جي صورت اختيار ڪنٿا ۽ اهي ستم وري عشق کي پچائي ايترو ته سگهارو ڪنٿا جو انسان وڃي ذات حقيقيءَ تائين پهچي ۔۔۔ پر شرط آهي ته رستي تي هلندو رهي، ڀٽڪي نه وڃي ۔۔۔

واه ادا واه ۔۔۔
shabash
suhnan saan
 
Back
Top