عظيم رند محمد پنهور دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ هڪ غريب فرد جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ آراضي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ جان محمد پنهور جي سرپرستيءَ هيٺ ڀان سعيدآباد هاءِ اسڪول ۽ هالا ڪاليج مان ٿيندو، حيدرآباد پهتو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين. پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي ڏاڍو سرگرم هوندو هو. هو ٻارڙن جي ٻاري ۽ ٻيا پروگرام ترتيب ڏئي، پنهنجون ۽ ساٿي ٻارڙن جون صلاحيتون وڌائيندو رهيو.هن پنهنجي عملي زندگي جي شروعات هڪ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي، بعد ۾ نوڪري ڇڏي ڪراچي هليو ويو، جتي هن سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾مشغول رهيو ۽ اتي ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي صحافت ۾ ڪيائين. سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندڙ ”نئين زندگي“ رسالي سان منسلڪ ٿيو، بعد ۾ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو. ان زماني ۾ هو ذوالفقارعلي ڀٽي جي سنڌ جي دورن ۾ ڪوريج لاءِ گڏ هوندو هو، جتي هن جي مختلف شخصيتن سان ملاقات ٿيندي هئي، پر هن جي ذهن جو لاڙو سماجي ۽ ادبي سرگرمين طرف هوندو هو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسلر شيخ اياز سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس يونيورسٽيءَ ۾صحافت جو شعبو کولڻ جي ترغيب ڏني، اهڙي طرح هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت واري شعبي جو باني چيئرمين بڻيو. ان شعبي کلڻ سان سنڌي ۽ اردو اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو پهتو ۽ ڪيترائي نوجوان سنڌي صحافت ۾ داخل ٿيا ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. خان محمد پنهور جي ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سجاڳ، باشعور ۽ ترقي يافته قوم طرف گامزن ڪرڻ جو منصوبو هو ۽ هن پنهنجي مسڪيني حالت، مالي وسيلن جي اڻهوند باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ ذريعي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي اها منزل حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. خان محمد پنهور سنڌ جي هڪ وڏي سماجي ڀلائي واري تنظيم ”سگا“ جي ٽاپ ٽين باني ميمبرن مان هڪ باني ميمبر هو. هن سگا جي پليٽ فارم تان، حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون وٺي مفت طبي ڪئمپون لڳائي، ماڻهن جي خدمت ڪئي. سگا جي ٻين مختلف فلاحي پروگرامن ۾ پيش پيش هوندو هو. هن سگا جي هائوسنگ سوسائٽيءَ لاءِ گلشن شهباز واري هائوسنگ اسڪيم ۾ 60 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي، ان کان علاوه ماشل لا واري زماني ۾ جڏهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر عتاب هيٺ هئا، ڪو به ڌڻي سائين نظر ڪو نه ٿي آيو، تڏهن هن 1982ع ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيم رجسٽرڪرائي ۽ ان جو باني چيئرمين بڻيو. هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سجاڳ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته، هو پنهنجي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيمون ٺاهي، ”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“ جي اصول تي پنهنجي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪن، پوءِ ته بسن ۽ لارين ۾ چڙهي سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ ويو ۽ اتي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ۽ سيمينار ڪري سجاڳي پيدا ڪئي. هن ڳوٺاڻن کي ترغيب ڏني ته، ”اوهان ڳوٺن کي سڌارڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ ڪريو ته پوءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا ۽ تنظيمون اوهان جي مدد لاءِ اڳتي ضرور اينديون، باقي ماٺ ڪري ويهي رهڻ ۽ گمناميءَ جي گوشي ۾ رهڻ سان اوهين ۽ اوهان جا ڳوٺ فنا ٿي ويندا.“ جيئن ته آئون ۽ خان محمد پنهور صاحب سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ رهندا هئاسين ۽ منهنجو هن سان ويجهو واسطو هوندو هو ۽ آخرتائين رهيو. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾صحافت وارو شعبو به هلائي ٿو ۽ ڳوٺاڻن سان به لهه وچڙ ۾ رهي ٿو، ڪراچي ۾ به دوستن يارن سان ملڻ وڃي ٿو . شادين ۽ غمن کي ۾ به شرڪت ڪري ٿو. مطلب ته خان محمد پنهور جو سڀني ڪارڪنن کي اهو چوڻ هو ته، ”انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو به وڏو قيمتي آهي، جنهن کي ضايع ڪرڻ نه گهرجي.“ آخر ۾ هو برين ٽيومر جهڙي بيماري ۾ وٺجي ويو، جنهن جو لنڊن مان به علاج ڪرايو، پر هو ان بيماريءَ مان صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ 27 مئي 1999ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو