پاڇي بچيو ڇا...؟

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نورعلي پاشا طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2014۔

  1. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    پاڇي بچيو ڇا ؟
    ليکڪ : آغا ظفر

    مون ٻڌو هو ته ڪڏنهن نگاهون نيزا ٿي پونديون آهن.

    اکين جي اندرين تهن ۾ ڪٿي ڪي ترڪش لڪل هوندا آهن.

    ڪڏنهن ڪڏنهن ڇپرن جي ڪمان مان ڪڇجي تيرن جي اهڙي برسات به ٿيندي آهي جيڪا سامهون واري ڏسندڙ جو جيءُ جهوريو وجھي.

    پر اهو سڀ ڪجهه مون ٻڌو هو، ڏٺو ڪونه هئم، نه ئي ڪڏنهن سَٺو هئم. اهڙي تجربي مان لنگھي ڪڏنهن پار به ڪونه پيو هئس

    خبر تڏنهن پيم جڏهن هوء منهنجي سامهون اچي ويٺي هئي. مون ته کيس عام ڇوڪري سمجھيو هو. هڪ رواجي عورت پر هؤ عام رواجي ڇوڪري ڪانه هئي. هوءَ عورتزاد هئي. عورت زاد به نه ، پر ڪا پري زاد هئي. پري زاد به ته نٿو چئي سگھجي ، ڇاڪاڻ جو پريون ته مون ڏٺيون ئي ڪونهن.

    ٻڌو اٿم ته پريون ڪوهه قاف ۾ رهنديون آهن. جتي سندن حفاظت لاءِ اتان جا ديو پهرو ڏيندا آهن، ۽ ديوَ انسانن جا دشمن هوندا آهن، انسان ديون کي ڪونه ڏسي سگھندا آهن، ، البت ديو انسانن کي نه رڳو ڏسي سگھندا آهن پر جيڪڏنهن ڪو انسان سندن حدن ۾ حد دخليءَ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هو سندس مڻڪو ڀڃي کيس ماري ڇڏيندا آهن.

    هوءَ جڏهن منهنجي آمهون سامهون هئي، مون سوچيو ، ڪٿي هؤ اها پري ته ناهي، جنهن تي ديو پهرو ڏيندا آهن.

    دل گھريو، پُڇي وٺانس.

    وري سوچيم ڪٿي سندس اڻ ڏٺا پهريدار ديو منهنجي ساهه کڻندڙ انسانن جهڙن احساسن جو مڻڪو نه ڀڃي وجھن، ڇو ته اها ڳالهه به ٺيڪ اُنهيءَ وقت ئي سمجھه ۾ آئي هيم ته ماڻهن جي چپن جي چُرپر ۽ زبان جي حرڪت سبب نڪرندڙ لفظ به اڻ ڏٺا ديو ئي هوندا آهن. جيڪي ڪڏنهن ڪڏنهن ٻين جي احساسن ۽ جذبن جو قتلام ڪري سندن وجود کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندا آهن.ٺيڪ انهيء لمحي ذهن جي اٿاهه گھرائين مان اٿندڙ ٻئي خيال اڳئين سوچ جي رستا روڪ ڪئي.

    “لفظ مرهم به ته ٿيندا آهن ”

    سوچيم، متان سندس مٺي آواز مان ڦٽندڙ لفظ آٿت بڻجي واچوڙن جيان وڪڙ کائيندڙ منهنجن جذبن کي ماٺارڻ ۾ مددگار ٿي پون. سو همت ڪري ٿوري دير پهرين کانئس چورايل نگاهون مٿي کڻي ڏانهس ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم، اڃا نهاريو ئي مس هئم ته سندس ڪجلين ڪارين اکين منجھان نڪرندڙن نهارن سان ٽڪرائجي منهنجون نگاهون ٽٽڻ لڳيون هيون. هُن جي هرهڪ مسلسل نهار بڙڇي بڻجي منجھي دل، دماغ، سوچ، گمان کي گھائل ڪري صفا سُن ڪري ڇڏيو هو. اصل سوچڻ سمجھڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙوڪ وسري ويو هئيم.

    “توهان ڪجهه چيو” _هُن ڳالهايو ته صحيح پر نظر جانيئر ڪونه کوليائين...

    “جي ... نه .... م .... مون .....ڇا چيو..... ”_ منهنجا سڀ لفظ لاچار بڻجي چڪا هئا. جذبا ۽ احساس سڀ ششدر.

    هُن جي منهن تي ديرج ۽ چپن جي مٺي مرڪ ڪنهن به ساهواري جو ساهه سراپڻ لاءِ ڪافي هئي.

    مون ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر هوءَ سندس چپن تي چرندڙ مرڪ جي مام ۾ منهنجا سڀ ارمان، اڌمان، سرير جا سمورا سڏ ۽ هرهڪ ڀاونا سهيڙي هلي وئي.

    پويان ڇڏي وئي هڪ اهڙو پاڇولو جنهن کي نه ڪوئي ڏسي سگھي ، نه ڇُهي سگھي.

    ٻڌو اٿم ته پريءَ جو پاڇو جنهن تي به پوندو آهي تنهن کي اهڙي پر اسرار اگھيائي (بيماري ) وڪوڙي ويندي آهي جنهن جو علاج ڪنهن حڪيم، طبيب، ويد، ڊاڪٽر يا پڙهيي وٽ به ڪونه ٿئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    خوبصورت احساس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو