مخدوم سلام الله ”ٿر ڌڻي“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]


    ڊاڪٽر عطا محمد حامي
    تجل جي درگاهه جو باني مخدوم شاهه عنايت جو ننڍو فزند مخدوم سلام الله عرف ٿر ڌڻي آهي. شاهه عنايت مخدوم صدرالدين جي پنجين پيڙهي ۾ مخدوم فضل الله جو فرزند هو. کيس مخدوم خليل الله ، سلام الله ۽ مخدوم جليل الله، ...نالي ٽي پٽ هئا.
    مخدوم سلام الله چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي والد جي هڪ خليفي سيد عبداللطيف ٺٽوي کان تلقين وٺي تارڪ بڻجي ويٺو ۽ جذب جي حالت ۾ رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن پنهنجو قيمتي لباس لاهي ساڙي ڇڏيائين ۽ لنگ ٻڌي جهنگ منهن ڪيائين. ڪجهه فقير سندس پٺيان هليا جن مان ڪڏهن ڪڏهن راول فقير سان رهاڻ ڪندو هو. هلندي هلندي شاهپور چاڪر جي ڳوٺ ۾ مير چاڪر خان ٽالپر جي ڏيڍيءَ ۾ گهڙي ويو. مير صاحب جي ماڻهن مٿس ڪتا ڇڏيا. جيڪي وڙهڻ جي بدران اچي سندس پير چمڻ لڳا. مستورات مٿي ماڙيءَ تي چڙهي ويون. مگر مير چاڪر خان جو ٻار مير سهراب خان پينگهي ۾ ستل هو. مخدوم صاحب سندس سيرانديءَ کان هڪ ڪلو کوڙي دعا ڪئي ۽ سندس بادشاهه بڻجڻ جي بشارت ڏني(4). ان کان پوءِ هو وري جهنگ منهن ڪري ڪڇ جي رڻ، جيسلمير ۽ جوڌپور جي ٿر مان ٿيندو وري سنڌ جي سرحد ۾ ڳيرا ٿر واري ڀٽ تي اچي ويهي رهيو، جتي هينئر تجل جي درگاهه آهي. اتي هڪ ڦوڳ جو وڻ هو، جنهن کي ٽيڪ ڏيئي سيارو توڙي اونهارو ويٺو رهيو. سندس لباس ۾ هڪ لنگ ۽ هڪ گودڙي هوندي هئي. سارو وقت ڏٿ ۽ پاڻي تي گذارو ڪيائين.
    هو هڪ وڏو ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اچي ساڻس روحاني رهاڻ ڪئي هئي. ڪيترائي ماڻهو وٽس مريد ٿيڻ لاءِ آيا، مگر انهن کي چيائين ته ”اسان مريد ڪرڻ ڪونه آيا آهيون، اوهان کي مريد ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو پير ايندو.“ آخرڪار ٿيو به ائين، جو ڪجهه وقت کان پوءِ پاڳارن جي وڏي، پير محمد راشد اچي اتان جي ماڻهن کي مريد ڪيو. مخدوم صاحب وٽ چئني طرفن کان سڃ ڏسي، سندس مريد پريشان ٿيندا هئا، ته کين چوندو هو ته ”غم نه ڪيو، سکيل ايندو، سک ٿيندو.“ اها بشارت به پوري ٿي جو سندس وفات کان پوءِ سندس ئي خاندان مان مخدوم محمد شاڪر عرف سکيل سائين اچي اها درگاهه وسائي ۽ ناري واهه جي اُٿل ڪري تجل وارو پاسو آباد ٿي ويو.
    مخدوم صاحب تاريخ 25 ذوالحج 1193 هجري،مطابق 1779ع تي وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ جڏهن مير سهراب خان خيرپور جو والي بڻيو. تڏهن سندس روضو مبارڪ ۽ هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪرايائين. ۽ فقيرن کي کوهه کڻائي، باغ رکرائي ڏنائين. مجاورن کي چراغ بندي ۽ لنگر جي خرچ لاءِ نقدي ۽ زمين ڏنائين. اهو روضو تجر جي نموني تي آهي، تنهنڪري آهستي آهستي تجر لفظ مٽجي تجل بڻجي ويو آهي.
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو