هن موضوع کي درجو ڏيڻ نه وسارجو...
سنڌ سلامت تي پيش ايندڙ مواد کي هر ممڪن طور ڪوششون وٺندي سهاڙيو ويندو آهي.. پر اڪثر دوستن کي دلچسپ، فائيديمند ۽ اهم موضوعن کي ڳولڻ ڏکيو لڳندو آهي.. جنهن ڪري اڪثر مهمان طور ايندڙ سنڌي به سنڌ سلامت جي اهم موضوعن کي ڳولي نه سگهندا آهن...
ڪجهه ڏينهن جي ڪوششن کان پوءِ هاڻي سنڌ سلامت تي ايندڙ موضوعن کي درجو (Rating) ڏيڻ جي سهولت پيش ڪئي وئي آهي... دوستن کي گذارش ته سنڌ سلامت جي موضوعن کي پنهنجي طرفان ايماندارنه درجو ڏيندا رهو جنهن سان نون ايندڙ رڪنن کي سنڌ سلامت جي مها ڊيٽا بيس مان چونڊ بهترين موضوعن کي ڳولڻ سولو لڳي...
سنڌ سلامت جي موضوعن کي درجو ڏيڻ جي هي سهولت هر موضوع جي مٿاهين ساڄي پاسي موجود رهندي ...
هن سهولت تحت رڪن کي هيٺيان اختيار حاصل هوندا..
- رڪن ڪنهن به موضوع کي مليل درجو ڏسي سگهندو..
- رڪن ڪنهن به موضوع کي درجو ڏئي سگهندو..
- رڪن ڪنهن به موضوع کي ڏنل ووٽ ۾ ٻيهر تبديلي آڻي سگهندو..
- رڪن پنهنجي موڪليل موضوع کي درجو نه ڏئي سگهندو..
- رڪن ڪنهن ٻئي رڪن طرفان موضوع کي ڏنل درجي کي ڏسي نه سگهندو.. (ته جيئن پرائيويسي برقرار رهي)
- رڪن موضوع کي درجو ڏيندڙ رڪنن کي ڏسي نه سگهندو... (ته جيئن پرائيويسي برقرار رهي..)
توهان جي راين جو انتظار رهندو...