صوفي فقير سيد رکيل شاهه رحمت الله عليه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    سائين رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه، فتحپور لڳ گنداواهه ۾ ، 1262 ڌاري پيدا ٿيا. سندس اصل وڏا شيراز جا ويٺل هئا ۽ ٻارهين صديءَ ۾ هجرت ڪري، سنڌ ۾ گنداواهه ۽ ٺٽي طرف اچي رهيا. گنداواهه ۾ کين جاگيرون مليون. سندس خاندان مان ميان عب...دالنبي شاهه وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. جنهن کي ” سوا ڪسيري وارو پير“ چوندا آهن. هن جو روضو فتحپور ۾ آهي، سيد رکيل شاهه عبدالنبي شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. رکيل شاهه وڏي ڀاءُ جي ڏاڍي خدمت ڪئي، انهيءَ ڪري هن کيس دعا ڪئي ۽ ڏس ڏنو ته اوهان جي ميرانپور ۾ امانت رکيل آهي، اتان جا وڃي طالب ٿيو. ان وقت ميرانپور ۾ حضرت صوفي عبدالستار سائين سجاده نشين هو، رکيل شاهه به سندن مريد ٿيو ۽ ذڪر فڪر حاصل ڪري فتحپور ۾ اچي رهيو ۽ فيض عام شروع ڪيائين. پاڻ ستانوي ورهين جي ڄمار ۾ سن 1359 هجري 7 ربيع الثاني تي وفات ڪيائين.

    سائين رکيل شاهه قرآن شريف پڙهيل هو ۽ عربي، فارسي چڱي طرح ڄاڻندو هو. رکيل شاهه سنڌيءَ ۽ سرائيڪي جو زبردست شاعر هو. سندس ڪلام سلوڻو، سادو ۽ تصوف جو آئينه دار آهي. سندس ڪلام ۾ 750 ڪافيون، 300 ڏوهيڙا ۽ ٻه سه حرفيون آهن. سندس ڪلام بحرالعشق نالي ڇپيل آهي. هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو.

    اکيون عاشقن جون، شرم ڀريون شاهي،

    پسڻ سان ئي پاڪ ٿيون، آين آزل آگاهي،

    سدائين ستر پوش ۾، تن جو واحد ٿيو واهي،

    اها چاڙهي لاهي، ”رکيل“ سي سمجهي ويون
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين صوفي رکيل شاھ بادشاھ رحمت الله عليه جي هڪ يادگار تصوير

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو