سيد جهنگل شاهه مست

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    طالب المولى
    سيد جهنگل شاهه، ڳوٺ مولودي شريف تعلقه گهوٽڪي ضلعي سکر ۾ سن 1322 هه مطابق 1904ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو سيد عظيم شاهه بخاري هو. سندس نالي بابت روايت آهي ته پاڻ ڄائو ۽ ٻي رات غائب ٿي ويوم سندس والد ڏاڍو پريش...ان ٿيو. ڏاڍو ڳولهيئون ڦلهيئون، آخر سندن حويليءَ جي ڀرسان جهنگل هو اتي ڏٺنون ته شاهه صاحب ملين. ستن سالن جي عمر کيس مدرسي ۾ وهاريو ويو. پاڻ مستاني طبيعت جو هوندو هو ۽ صوفين ۽ درويشن راڳ هلي ملي وڃي ٻڌندو هو. انهيءَ شوق ۾ طلب کيس اولادي امير جو طالب ڪيو. شاعري به ڪيائين جيڪا قلمي رسالي جي صورت ۾ موجود آهي. 21 شعبان 1387 هه بمطابق 24 نومبر 1967ع تي وصال ٿيس. سندس درگاهه ڳو مولودي شريف ۾ آهي. جتي هر سال شعبان جي مهيني ۾ تاريخ 21،22 ۽ 23 تي ميلو لڳندو آهي.

    ڪلام
    اچي ٿي حال ۾ حاضر، قلندر لال لاهوتي،
    سوا تنهنجي نه ٻيو ڪو در، قلندر لال لاهوتي.
    تون آن پيارو پيغمبت جو، سخي سردار سرور جو ،
    تون آن حسبي نسبي حيدر، قلندر لال لاهوتي.
    تنهني درٻار آ عالي، قلندر لال لڄ پالي،
    موٽي ويندس نه گهر خالي، قلندر لال لاهوتي.
    تنهنجي در تي جهڪن سارا، سڪندر شاهه ۽ دارا،
    ڪيئي ارباب ۽ اڪبر، قلندر لال لاهوتي.
    چوي “جهنگل شاهه” توکي هرهر، ملي معافي مٺا منور،
    آهيان عاجز تنهنجو سڳدر، قلندر لال لاهوتي
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو