طالب المولى فقير روشن الديرن ولد فقير حاجي محمد سومرو تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ صوفي جو ويٺل هڳ، مرحوم سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ چڱو مايو رکندڙ هو. ابتدا ۾ سير ۽ شڪار جو شوق ۽ آخر ۾ فقير ٿي رهيو. فقير ته سندس گهر ...جي چيز هئي. نيٺ ته چله ڪشي ۾ جسم به جلائي ڇڏيائين. هڪ ڪتاب به لکيائين جو (غير مطبوع آهي) پنهنجي نوع ۾ يڪتا آهي. مرحوم بلڪل نرم طبيعت انسان، خوش اخلاق درويش ۽ باتهذيب فقير شاعر هو. صادق فقير سندس جد ۾ آهي. پنهنجي ڀاءُ صوفي قلندر بخش جي قتل ڪرائڻ بعد باقاعدي فقير اختيار ڪيائين. ڪلام ذاتي والا سر سنڀال ناز نفي داڪر اثباتي 1- وحدت ڪنون ڪثرت هوتي ڪثرت وچون وحدت هوتي. سارا بره بحال آڻ سمايا وچ صفا تي، 2- غوطا مارين غرق جي ٿيوين، ماڻڪ ماڻين اڻ لڀ ايوين. تنين وچ جذب جمال. سمجهي ماين جي جذبون جهاتي، 3- وچ گهونگٽ دي گهوٽ گذارين، ونحن اقرب چر تون پارين. قالو والا قول تون پال. ڪنڌ ڪياوين قزين ڪاتي، 4- هادي دا پريت وڻ. سيني وچون سنگ سماوڻ، هي رانجهن رل مل مال. “روشن” لئون جا لئون لئون لاتي فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل