صوفي فولاد فقير شر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]


    صوفي فولاد فقير شر 1867ع ڌاري ضلعي خيرپور تعلقي ٺري ميرواهه ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هڪ صوفي بزرگ، انسان دوست ۽ سٺو تعليمدان ٿي گذريو آهي. پنهنجي سڄي زندگي تصوف جي راهه ۾ گذاريائين. درگاه جهوڪ شريف ڏانهن گهڻا ئي پيرين پنڌ ڪيائين.... هڪ دفعي جهوڪ شريف جي سجاده نشين ميان غوث محمد فقير وٽ ويو ۽ اتي اڪثر ويندو هو. ساڻس گڏ سندس ڀائيٽيو دوست علي فقير ساڻس گڏ هلندو هو. هڪ دفعي جهوڪ شريف ۾ ترسيل هو ته کيس خواب ۾ شاه عنايت شهيد ديدار ڪرايو ۽ ميان غوث محمد فقير سجاده نشين کي حڪم ڪيائين ته فقير فولاد علي کي مون وارو تاج ڏيو. اهو خواب ميان غوث محمد به ڏٺو ۽ پهرين رات خيال نه ڪيائين وري ٻي رات به ساڳيو خواب ڏٺائين ته به اعتبار نه ڪيائين. آخر ٽئين رات کيس زبردست تاڪيد ٿيو ته جيڪڏهن توهان اسان جو چوڻ نه ڪندئو ته نقصان هيٺ ايندئو. اهڙي تاڪيد بعد ميان غوث محمد فقير شاه شهيد وارو رکيل تاج کڻي اچي فقير فولاد علي کي ڏنو.
    حضرت سخي قبول محمد درازي به سندس زماني ۾ موجود هو. هڪ دفعي وٽس ويو ته سخي صاحب ڀاڪر پائي کيس پيشاني تي چمي ڏني ۽ چيائينس ته توکي آفرين هجي جو عشق الاهي ۾ ايتريون تڪليفون سَٺيون اٿئي. تون هن دور جو منصور آهين. تو جيتريون تڪليفون ڪنهن ٻئي صوفيءَ نه سٺيون آهن. توکي اگر حضرت سچل سرمست جو همراز چئجي ته به واڌارو ڪونه ٿيندو.
    سائين فولاد علي قلندر شهباز جي بشارت تي پيِرڳوٺ ڀرسان مڱرجي ڳوٺ ۾ سيد محمد علي شاهه جو مريد ٿيو جيڪو پاڻ فقير خوش خير محمد جو طالب هو. فقير سائين فولاد علي شر 100 سالن جي ڄمار ۾ پهرين ربيع الاول 1387 هه مطابق 10 جون 1967ع ڏينهن ڇنڇر وقت صبح جو 10 بجه وصال ڪيو. ان اولياءَ الله لايموت ينقلون من الدار الي الدار. يعني بيشڪ الله جا ولي مرن ڪونه پر هن گهر کي مٽائي هن گهر ۾ رهن ٿا.
    صوفي فولاد شر جا ڪجهه ارشادَ:
    “اڄ ڪلهه صوفي عام ٿا سڏائين، پر سچو صوفي ڪروڙين مان ڪو هڪ لڀندو. ان نفس سارو جڳ ماري ناس ڪيو آهي. مئن ماريا جڳ سارا مئين ڪون ڪنهين نه ماريا، جنهن نفس کي لا جي ترار سان ماريو سو فهو الله ٿيو، جنهن نفس کي ماريو سو خاڪ ٿيو، جيڪو خاڪ کان پاڪ ٿيو سو پاڪ ٿيو.”
    “جنهن صوفيءَ کي اِن ٻڌل نفس جو چڪُ پيو ته ڪو نه اُسرندو. ذڪر واري ترار به ڇڏائي ويندس. صوفي کاڌي پيتي ڏي لڙيو ته نفس جو چڪ پئجي ويندس.”
    “اولياءَ (مرشد) هجي ڪامل، انکي ٻئي جهان ڏيو ته توهان کي دم عنايت ڪري. هُن جي ڏنل دم ۾ الله سمايل هوندو آهي.”
    “دنيا جي ماڻهو کي فقيري محبت ٻڌائڻ ايئن آهي جيئن ٻوڙي کي دُهل ٻڌائجي
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير فولاد علي شَر پنهنجي دور جو درويش ٿي گذريو آهي۔ خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه تعلقي جي اتر ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي سندس ڳوٺ مينگهو فقير شَر هو۔ سندس چوڻين ۽ ناياب ڳالهين تي مشتمل هي ڪتابڙو ”گوهر “ عالمن، سالڪن ۽ اسان جهڙن جاهلن لاء روشنيء جو ذريعو آهي۔

    سندس ڳالهين ۽ چوڻين تي مشتمل ڪتاب گوهر سنڌ سلامت تي موجود آهي. پڙهڻ لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو