You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
”نرمل“ کوهارو
غزل
اڄ آڪاس تي هڪ ستارو ڏٺم،
من جي مندر ۾ ڪو سهارو ڏٺم.
هئي پيٽ اُگهاڙي هڪ نينگري،
يتيم جو جڏ اُهو نظارو ڏٺم.
غيرت جي نانءَ تي ٿي وڍ ٽُڪ،
لاش رت ۾ هڪڙو ڪنوارو ڏٺم.
”نرمل“ هي ويٺيون آب هاري اکيون،
جڏ لوڪ کي جهالت ڏانهن لهنوارو ڏٺم.
hatt-pare